جڏهن ضمير ئي مري وڃن ته۔۔۔۔!؟

0
221

 سماج ڪيئن جڙندا آهن؟ اهو ڏسڻ ته اسان جي نصيب ۾ ڪونه هو. البتہ، معاشرا ڪيئن ٽٽندا آهن، اهي منظر هر روز ڏسي رهيا آهيون. ميڊيا پنهنجي جاءِ تي پروپئگنڊا جو ڀلي وڏو ذريعو هجي، پر ڪجهه ڳالهيون ‘بليڪ اينڊ وائيٽ’ جي صورت ۾ اسان جي اڳيان عيان آهن. هڪ پاسي جتي سياست حد درجي جي آلودگيءَ جو شڪار آهي، اتي سماجي ڍانچو ڪهڙي ريت برباد ٿئي پيو، ان جو مثال ماضي قريب ۾ نه ٿو ملي. ان سڄي منظرنامي ۾ سواءِ مايوسيءَ جي ڪجهه به پلئه نه پيو پوي. چارلس ڊگلس ٺيڪ چيو هو ته، “جتي انصاف کان انڪار ڪيو وڃي، جتي جهالت لاڳو هجي، جتي هڪ طبقي کي محسوس ڪرايو وڃي ته ذلالت جي کاهين ۾ ڪرڻ هنن جو مقدر آهي، پوءِ اتي نه ڪو فرد ۽ نه ئي ملڪيت محفوظ رهندا!” چارلس ڊگلس جي ان نُڪتي کي اڳيان رکي؛ پاڻ پنهنجي سماجي تاڃي پيٽي کي ڏسون ٿا ته ڳالهه بلڪل سچي لڳي ٿي. ڪجهه دير لاءِ ترسو ۽ ڪجهه سوچيو. توهان جي آس پاس ۾ هر روز ڏوهه ٿين ٿا. انهن وارداتن ۾ گهڻو ڪري ڏوهاري بچي ويندا آهن. جيڪڏهن انهن جي سڃاڻپ ٿيو به وڃي ته انصاف جون سڀ گهرجون هڪ پاسي ڪري انهن جا مائٽ، دوست ۽ ٻيا نام نهاد خدا ترس ماڻهو، ڏوهاري ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڊوڙ پائين ٿا! پوءِ گناهه چاهي ڪهڙي به قسم جو هجي؟ پهرين گهڙيءَ ۾ ڪجهه دير لاءِ ڪوتاهي تسليم ڪري ٻئي لمحي ۾ وڌ ۾ وڌ معافي وٺي جان ڇڏائبي! جيڪڏهن ڪنهن صورت ۾ اڳين ڌر معاف نه ڪيو ته پوءِ معاشري جي اها هلت ته مظلوم ڌر کي ئي ڏوهي قرار ڏيڻو آهي! اهڙي طرح ظلم ڪندڙ ڌر پنهنجا پاند آجا ڪرايو وڃي! سچ ته اها بلڪل عجيب ۽ مايوسيءَ جهڙي ڳالهه آهي، جيڪا سماج ۾ صدين کان جاري ۽ هاڻي اسان جي جبلتن جو حصو بڻجي وئي آهي! نتيجو، ماڻهو ڪو به ڏوهه وارو ڪم ڪرڻ کان نه پيا ڪيٻائين۔۔۔ پوءِ اهو شين ۾ ملاوت جو ڌنڌو هجي يا وياج تي سرِ عام پئسا ڏيڻ جو ڪاروبار يا انساني جان وٺڻ جو قبيح عمل. گهڻو دٻاءُ پيو ته معافي وٺي، وري ساڳيو ڪم جاري ڪبو۔ ڪير ٿو ماضيءَ جون ڳالهيون ياد رکي!

سانوڻ (فرضي نالو) ٽيڪسي هلائي زندگيءَ جو گاڏو هلائي ٿو. ڪجهه ڏينهن اڳ ملاقات ٿي ته چوڻ لڳو: “سائين، جنهن ديس ۾ اهو تاثر، پنهنجو بنياد پڪو ڪري وڃي ته انساني قتل ڪرڻ سان به ڪجهه ڪونه بگڙجندو ته پوءِ ڀلا اهڙا معاشرا ڪيئن قائم رهي سگهن ٿا!؟” سانوڻ جي ڳالهه ٻڌي مان هن جي منهن ۾ کن پل لاءِ تڪيندو رهان ٿو، ساڳي وقت اها سوچ به ته ڳالهه درست پيو ڪري. هڪ عام ماڻهو جڏهن اهڙي طرح سوچي ٿو ته انهن کي ڪهڙي پرواهه جيڪي وڏن عهدن تي ويٺا آهن، يا انهن وٽ پئسي جي گهڻائي آهي.

جيتوڻيڪ، اهي مامرا گهڻو ڪري ميڊيا ۾ رپورٽ نه ٿا ٿين پر هر ڳوٺ شهر جا مشهور قصا آهن ته ڪهڙي ريت پئسي جي زور تي ڪجهه ماڻهن پاڻ ۽ انهن جي بگڙيل اولاد، تيز گاڏيون هلائي ماڻهن جو ٽنگون ٻانهون ڀڃڻ سان گڏ غريبن جون زندگيون زهر بنائي ڇڏيون ۽ پوءِ پئسي جي زور، ڪوتاهيءَ جي اعتراف ۽ ڊرامي بازي سان معافي تلافي بعد آزاد ٿي ويا! واردات کان اڳ يا پوءِ انهن کي يقين هوندو آهي ته پويان خاندان وارا هنن جا گهڻگهرا ساٿي هنن کي بچائي وٺندا. غريبن جو ڇا، الائي ڪيترا آهن. ڪهڙو فرق ٿو پوي!؟ اهي رويا رڳو سماج جي عام يا خاص ماڻهو سان ئي تعلق نه ٿا رکن پر مٿي هڪ نظر ڪريو ته سرڪار ۾ ويٺل ماڻهو به ڪجهه اهڙي طرح ئي ڪري رهيا آهن. ڪجهه مهينا اڳ ملڪ ۾ اٽي جي شديد بحران ڪر کنيو. بحران ڇا، پر هيءَ هڪ قسم جي وڏي واردات هئي. اخباري رپورٽن مطابق هڪ سئو چاليهه ارب روپين جو ڌاڙو. هڪ اهڙي ڦر جي واردات، جنهن ۾ نه هاريءَ کي ڇڏيو ويو، نه مزدور جي جان خلاصي رهي. ماڻهو پنهنجو منهن مٿو پِٽيندا رهيا. سرڪار ۾ ويٺل صاحبن ان کي ‘ڪوتاهي’ چئي جان آجي ڪرائي. باقي ته هن ملڪ ۾ ڪجهه ٿيڻو ناهي! سرڪاري سطح تي اها هڪ واردات ته ناهي؟ ۽ نه خانگي طور ڪا پهرين ڪارروائي! هتي ته هر روز الف ليلى جا نوان داستان رقم ٿين پيا، جيڪي انڌي منڊي نظام تي ڪارنهن جي داڳ مثل آهن، پر پاڻ کي ڇا؟ بيحسي ۽ بيوسيءَ جي رفتار پنهنجي عروج تي آهي.

سماجي طور بيحسيءَ ۽ بيوسيءَ جون ڳالهيون کليون آهن ته اهو پيرسن شخص ياد اچي ويو، جنهن جو جوان پٽ هڪ معمولي ڳالهه تان قتل ڪيو ويو۔۔۔۔ ۽ پوءِ ڪجهه ڏينهن ۾ ئي ‘جذبات ۾ اچي ڪوتاهي ۾ ڏوهه ٿيو آهي’ جا لامتناھي دليل ۽ معافين تلافين جا سلسلا شروع ٿي ويا، جو ان ڪمزور ۽ پوڙهي ماڻهوءَ کي سامهون واري ڌر کي معاف ڪرڻو پيو. ڇو جو هو سمجهي پيو ته جيڪڏهن هن دليل تسليم نه ڪيا يا معافي نه ڏني ته پاڻ وڏو ڏوهاري ٿي ويندو. پنهنجي آس پاس تي نظر وجهو، کوڙ قصا ملي ويندا، جيڪي هن معاشري جي تعليم کان صحت ۽ قانون کان انصاف جا بخيا اڊيڙيندي ملن ٿا! سچ هي به آهي ته هي سماج جهنگ جي معاشري کان به بدتر صورت اختيار ڪندو پيو وڃي. اهڙو جهنگ، جنهن ۾ ڪير به محفوظ ناهي هوندو.

تحفظ جي باري ۾ لکندي، ڪجهه سال پهرين ضلعي نوشهرو فيروز ۾ ٿيل ٻه قتل جون وارداتون سامهون اچن ٿيون. هڪ ايم پي اي عورت کي ڏينهن ڏٺي جو ماريو ويو. ٻيو هڪ صحافيءَ کي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش پاڻيءَ ۾ لوڙهيو ويو. مان بس ايترو سوچيان ٿو هڪ عورت جو ڀلا اهڙو ڪهڙو گناهه هوندو، جو قاتل کي ٿورو رحم به نه آيو؟ يا ان صحافيءَ جو ڪهڙو جرم هوندو، جو آخري سزا موت بيٺي!؟ بلڪل به نه، اهڙو ڪجهه به نه هوندو، جي آهي ته انهن قاتلن کي سماجي ڇوٽ مليل ته هنن ڪجهه به ٿيڻو ناهي. زندگي ساڳي بيحسيءَ سان روان دوان رهندي ۽ قاتل، ڪنهن ٻئي کي مارڻ لاءِ وجهه تلاش ڪندا! پوءِ اهي ڳالهيون هڪ نسل کان ٻئي نسل تائين منتقل ٿينديون رهن ٿيون.انصاف بابت هڪ ڀيري مهاتما گانڌيءَ چيو هو: “سماج ۾ انصاف لاءِ عدالتون آهن، پر هڪ ضمير جي عدالت آهي، جيڪا سڀني ڪورٽن کان مٿاهين آهي.” بلڪل، ضمير جي عدالت هوندي، پر جڏهن ضمير ئي مري وڃن ته ڪهڙيون عدالتون۔۔۔۔!؟ اسان بدنيتيءَ سان عذر پيش ڪرڻ ۽ معافي وٺڻ جا ماهر جو ٿي ويا آهيون! خير ڪيئن به هجي، اسان جو نسل به انهن ۾ شامل آهي، جيڪي سماج کي برباد ٿيندي ڏسي رهيا آهن.