ورسي جي مناسبت سان … سنڌ جي هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ جي ياد ۾

0
186

 ڪامريڊ محمد خان احمداڻي جو هڪ ڪتاب ‘سوشلزم ڇو ضروري آهي’ مون گهڻو وقت اڳ ئي پڙهيو هو. ڪتاب بنھ سادي ۽ سلوڻي ٻولي ۾ لکيل هو. اهڙو سولو سوشلزم جو تعارف مون اڳ نه پڙهيو هو. ان کان پوءِ حيدرآباد ۾ هڪ سوشلسٽ اسڪول ۾ منهنجي ساڻس ملاقات ٿي هئي. هڪ صفا سادو ۽ سٻاجهو ڳوٺاڻو ماڻهو. پهرين ملاقات ۾ انتهائي محبت ۽ عاجزي سان مليو. ڪو غرور، ڪو فخر، ڪو ڏيکاءُ، ڪا وڏائي، ڪجھ به به. هڪ فقير طبيعت ماڻهو. مون کي چيائين توهان کي گهڻو سڃاڻان ٿو.اها آخري ايامن جي ڳالھ آهي. مون کي ڪامريڊ  محمد خان جي فرزند ڪامريڊ ننگر خان فون ڪئي ته بابا توهان سان ڳالهائڻ ٿو چاهي. ڪامريڊ احمداڻي فون تي اصرار ڪيائين ته منهنجي طبيعت صحيح ڪونهي، هڪ ڪچهري ڪجي. هاڻ زندگي جو سج لهڻ وارو آهي.

                 محمد خان 1969ع ۾ پاڪ فوج ۾ ڀرتي ٿيو، 1971ع ۾ سيالڪوٽ جي بارڊر تي ڀارتي آرمي هٿان گرفتار ٿي ڄمون ڪشمير جيل پهتو. اها ڪٿا پنهنجي زباني ڪري ٿو: “اسان ڇھ پاڪستاني فوجي قيد ٿي وياسين، جتي جيل ۾ هڪ نڪسلائيٽ ڪامريڊ چمن مليو، جيڪو اڻ برابر ۽ بي انصاف سماج جي باري ۾ سوال ڪندو هو. ۽ ڪتاب به ڏنائين جنهن منهنجي منجمد ذهن کي جهنجهوڙيو، هائو ٻيلي چوي ته درست ٿو. چمن ۽ ٻين ڪامريڊن جي ڪچهرين ۽ ڪتابن منهنجي نظرياتي آبياري ڪئي. اهي ڪميونسٽ اتي پڙهندا ۽ بحث مباحثو به ڪندا هئا. جيل ۾ اسان ڪميونسٽ پارٽي ٺاهي ۽ ان جو ميمبر ٿيس. شملا ٺاھ جي ڏينهن ۾ اسان آزاد ٿياسين. جيل ۾ قيدي ڏهاڙن دوران نڪسلائيٽ ڪامريڊن جي ڳالهين مون کي صفا باغي بڻائي ڇڏيو. آزاد ته ٿي ويس، پر هاڻ ڇا ڪجي؟ مان فوج جي نوڪري تان مستعفي ٿي ويس. واپس اچي عوامي تحريڪ ۾ شامل ٿيس، ۽ اڳتي هلي الڳ ٿي ويس…”

ڪامريڊ عوامي تحريڪ کان الڳ ٿيڻ کانپوءِ عوامي تحريڪ عوامي گروپ ٺاهيو. 1979ع جي عرصي ۾ ڊاڪٽر ارباب کهاوڙ سان گڏجي وطن دوست پارٽي ٺاهي. ايم آر ڊي ۽ نواز شريف جي دور ۾ گرفتارين جا احوال اوريائين. گرفتارين جا واقعا مختلف وقتن تي ٿيندا رهيا. 1991ع ۾ وطن دوست پارٽي ختم ٿي ته ارباب کهاوڙ پيپلز پارٽي  ۽ ڪامريڊ احمداڻي لال خان جي طبقاتي جدوجهد ۾ شامل ٿيو. ڪامريڊ جي زندگي جو گهڻو عرصو طبقاتي جدوجهد ۾ گذريو. نظرياتي اختلاف رکندي اتان به مستعفي ٿيو، ۽ هڪ اختلافي نوٽ لکيائين. آخر ۾ سوشلسٽ موومينٽ سنڌ ۾ رهيو. سندس ارادو پختو هو ته وطن دوست کي ٻيهر جوڙجي.

ڪامريڊ فتح ٽيڪسٽائيل مل حيدرآباد ۾ مزدوري ڪئي ۽ پوءِ ٺٽه سيمنٽ فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندو رهيو، ۽ اتي مزدورن جي يونين به ٺاهيائين. ڪامريڊ مختلف فيڪٽرين ۽ ملن ۾ ٽريڊ يونين جي گهڻي سياست ڪئي ۽ ان جا تجربا ٻڌائيندو رهيو ته ڪيئن ڪانفرنسون، جلسا ۽ تنظيم سازي ڪندا هئا. ٻيڙي مزدورن، پٿر ٽوڙيندڙ مزدورن، ٻوريون کڻندڙ مزدورن جي يونين سازي تائين به ڪم ڪيو. اينگرو ڪيميڪلز ڏهرڪي، شگر ملز ٺٽو، ٽيڪسٽائيل ملز شهداد ڪوٽ، ايف ايف سي ميرپورماٿيلو، گئس ڪپمني ڏهرڪي، النور شگر مل شاهپور جهانيان، وغيره جو احوال اوريائين. ضياءِ جي دور ۾ رتيديري ۾ جلسي ۽ پوليس چڪرين جو به ذڪر ڪيائين.هن جو ڪميونسٽ نظريي سان عقلي لڳاءُ ۽ عشق هو. هن استحصال پسند پورهيت دشمن نظام کان نجات چاهي ٿي، جتي جاگيرداراڻي ۽ سرمائيداراڻي لٽ مار کان آجو هڪ برابري وارو نظام هجي، جتي ڪير به ڪنهن جو غلام نه هجي ۽ ماڻهو آزادي سان باوقار زندگي گذاري سگهي.

ڪامريڊ محمد خان احمداڻي، جنهن وٽ معصوم دل ۽ بي لوث سچائي هئي. هو، جيڪو پورهيت طبقي لاءِ ساري حياتي مشعل جدوجهد رهيو. سوويت يونين جي انهدام سان جتي مايوسي جي لهر هئي، اتي احمداڻي سياست ڪندو رهيو ۽ اتساھ پيدا ڪندو رهيو. هن جي اک جدلياتي هئي. هن ڊهڻ ۽ ٺهڻ جي عمل کي سائنسي نظر سان ڏٺو پئي. هن سنڌي ڪلاسيڪل نڪسلائيٽ ڪامريڊ انقلابي جذبي سان سياست ڪندو رهيو. اختلاف ۽ اعتراض منهن تي ڪري وٺندو هو. پنهنجي نقطه نظر کي سامهون رکڻ سندس خاص خاصيت هئي. سندس زندگي جا سڀ پل ۽ پهر جدوجهد ڪندي گذريا. ڪڏهن به مايوس، اداس ۽ ڪاهل ٿي نه ويٺو. هو زندگي جي آخري گهڙين ۾ به خلفشارن جو شڪار ٿي رجعتي نه ٿيو.

ڪامريڊ محمد خان پهرين جنوري 1949ع تي ڄائو ۽ ٽيويھ مئي 2019ع ۾ گذاري ويو. هن جي زندگي جي ڪل پونجي پورهيت فڪر ۽ جدوجهد آهي. هي شايد سنڌ جي ٿورن ڪامريڊن مان آهي جيڪي پورهيت رهيا ۽ پورهيتن لاءِ پورهيو ڪندي گذاري ويا، سرمائيدار يا حڪمران طبقي جو حصو نه ٿيا!

هن کاهوڙي ڪامريد چيو: “سچا ڪامريڊ اهي آهن، جيڪي رڳو اسٽيجن تي نه ڳالهائيندا آهن، پر عملي جدوجهد جي روپ ۾ مزدورن ۽ هارين جي وچ ۾ هوندا آهن.” هن جي حياتي جي آخري ڪلپنا هئي ته جيون پڄاڻان به هي پورهيت دوست طبقاتي انقلابي جدوجهد جاري رهي:

مرنداسي ته مٽيءَ مان پنهنجي ڦٽندا سُرخ گلاب،

کڙندا ٽڙندا جن ۾ پنهنجا بسنت رُت جا خواب. (اياز)

[email protected]