توهين عدالت ڪيس: اظهار راءِ جي آزادي جا محافظ، پر  اشتعال انگزيزي جي اجازت نٿا ڏئي سگهون: عدالت

0
364

اسلام آباد: عمران خان پاران عورت جج کي ڌمڪيون ڏيڻ بابت توهين عدالت ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته هو اظهار جي آزادي جو محافظ آهي پر اشتعال انگيزيءَ جي اجازت نٿو ڏئي سگهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ توهين عدالت ڪيس ۾ عمران خان کي معافي گهرڻ جو موقعو ڏنو پر عمران خان هڪ ڀيرو ٻيهر پنهنجي ڌمڪي وارن لفظن تي افسوس جو اظهار ڪندي غير مشروط معافي گهرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

Pakistani court extends former PM Imran Khan's protection from arrest until  September 1 - ABC News

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ڪري رهي آهي، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان، سندس وڪيل حامد خان ۽ ٻيا وڪيل عدالت ۾ موجود آهن

عمران خان جي وڪيل حامد خان عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته گذريل ٻڌڻي جي عدالتي آبزرويشن سان مڪمل طور تي متفق آهيان، مختصر رپورٽ عدالت آڏو رکڻ چاهيان ٿو، اسان ان معاملي کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، عدالت هڪ ٻيو موقعو ڏئي ڇڏيو. جنهن تي تفصيلي جواب داخل ڪرائيندي 21 آگسٽ جي عدالتي ٻڌڻي تي تفصيلي جواب داخل ڪرايو

حامد خان چيو ته عدالت سپريم ڪورٽ جي ٻن فيصلن جو حوالو ڏنو، اهي دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري جا عدالتي فيصلا هئا، پر عمران خان جو ڪيس انهن ٻنهي عدالتن جي فيصلن ۾ نٿو اچي، طلال چوڌري ۽ دانيال عزيز ڪيس عمران خان جي ڪيس کان بلڪل مختلف آهن

توهين عدالت انتهائي حساس معاملو آهي، ان جو ڪو جواز نه ٿو ڏئي سگهجي: چيف جسٽس

JCP rejects confirmation cases of IHC's three additional judges - Pakistan  - DAWN.COM

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس چيو ته توهين عدالت ٽن قسمن جي ٿئي ٿي، جنهن کي فردوس عاشق اعواڻ ڪيس ۾ بيان ڪيو ويو آهي، هڪ جڊيشل توهين عدالت ۽ هڪ فوجداري توهين عدالت دانيال عزيز ۽ طلال چوڌري خلاف ڪرمنل توهين عدالت جي ڪارروائي ٿي هئي، اُنهن خلاف عدالت کي اسڪينڊلائزيز ڪرڻ جو مامرو هو

ھي به پڙھندا

حليم عادل شيخ جي ضمانت منظور، آزاد ڪرڻ جو حڪم

پنجاب حڪومت ڪيرائي نواز شريف کي آڻڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي: عمران