پنجاب حڪومت ڪيرائي نواز شريف کي آڻڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اهو اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ ممڪن ناهي: عمران

0
390

چشتيان (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته منهنجي پنجاب حڪومت کي ڪيرائڻ جي هڪ ڀيرو وري ڪوشش ٿي رهي آهي ۽ اها ڪوشش اسٽيبلشمينٽ جي مدد کانسواءِ ممڪن نه آهي. ن ليگ وارا منهنجي خلاف ڀلي جيتري به سازش ڪن پر کين اهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ملڪ به امنهنجو آهي ۽ فوج به منهنجي آهي

چشتيان ۾ چونڊ جلسي کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته هاڻي نئون پلان ٺهي رهيو آهي، خبر پئي آهي ته اسان جي پنجاب حڪومت ڪيرائڻ جي سازش ٿي رهي آهي، اسان جي ايم پي ايز کي ڪروڙين رپين جي آڇن سان گڏ مسٽر ايڪس ۽ مسٽر واءِ  ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن، پنجاب حڪومت خلاف سازش جو مقصد ڀاڄوڪڙ نوازشريف کي وطن واپس آڻڻ آهي

هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستاني پئسا ڪمائي پاڪستان موڪليندا آهن ۽ ن ليگ وارا ملڪ جو پئسو لٽي ٻاهر موڪليندا آهن، سندن سڄو خاندان لنڊن ۾ آهي، هي ڪمائي لاءِ پاڪستان ايندا آهن، نواز ليگ جو ڳڙهه چشتيان نه پر لنڊن آهي، جيستائين ملڪ ۾ انصاف قائم نه ڪنداسين خوشحال نٿا ٿي سگهون

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسان وٽ وڏن وڏن ڌاڙيلن کي جيلن ۾ وجهڻ بدران کين وزير بڻايو ويندو آهي، پرويز مشرف عدليا جي آزادي جي ڳالهه تان مون کي جيل ۾ وڌو. عمران خان چيو ته مخالف هاڻي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته ڪنهن ريت ادارن کي پي ٽي آءِ خلاف ڪيو وڃي، توهان ماڻهن سپريم ڪورٽ تي حملو ڪيو، دنيا جي تاريخ ۾ ائين ناهي ٿيو هنن ججز کي بريف ڪيس ڏئي خريد ڪيو، انهن ايماندار جسٽس سجاد علي شاهه کي هٽايو

اسان پاڪستان جي عدليا کي مضبوط ڏسڻ چاهيون ٿا، انهن جي ڪوشش آهي ته مون کي فوج سان ويڙهايو وڃي، نواز شريف ۽ آصف زرداري فوج کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي، هڪٻئي کي چور چوڻ وارا اڄ هڪ ٿي ويا آهن

ھي به پڙھندا

عمران خان وضاحت ڪري ته فوج بابت سندس بيان جو مقصد ڇا هو؟ صدر علوي

نوازشريف ۽ زرداري اهڙو من پسند آرمي چيف آڻڻ چاهين ٿا، جيڪو هنن کان چوري جو پڇاڻو نه ڪري: عمران