ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ بدامني ۾واڌ : مستري قتل: مقابلن ۾3 ڦورو مارجي ويا، ان ڏس ۾  جمشيد 2 نمبر واري علائقي ۾ هٿياربندن ڦر دوران مزاحمت تي  مستري احمد کي فائرنگ ڪري  قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ دوران هڪ ڦورو به مارجي ويو.  پوليس موجب هٿياربندن احمد کان پئسا ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته احمد مزاحمت ڪئي، جنهن تي ڦورن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب  احمد قتل ٿي ويو، هڪ ڦورو شاهد حسين پنهنجن ساٿين جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. پوليس موجب احمد ڪار گاڏين ۾ پاور ونڊوز لڳائڻ جو ڪم ڪندو هو، ويجهي ئي بينڪ مان پئسا کڻي اچي رهيو هو ته ڦورن هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ جي ڪوشش ڪئي. پوليس موجب شهري ۽ ڦورو جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا، واضح  رهي ته هلندڙ هفتي دوران ڦورن هٿان 10 شهري قتل ٿي چڪا آهن، ٻئي طرف ڪراچي ۾ پوليس مقابلي ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، ان ڏس ۾ايس ايس پي اوڀر عبدالرحيم شيرازي موجب علي نالي هڪ شخص مددگار 15 تي ڪال ڪري اطلاع ڏنو ته آئون استنبول مان ڪراچي ايئرپورٽ پهتس، ايئرپورٽ کان گهر وڃڻ دوران موسميات ڀرسان ڊائو ڪاليج وٽ سلور رنگ جي ڪار ۾ سوار هٿياربندن روڪي 3 بيگ، 15 هزار پاڪستاني رپيا ۽  800 ڊالر ڦر ڪيا. ايس ايس پي اوڀر موجب شهري جي ڪال تي پوليس پهچي هٿياربندن جو پيڇو ڪيو، پوليس نيپا وٽ ڪار سوار هٿياربندن کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، جن پوليس مٿان فائرنگ ڪري ڏني، جوابي فائرنگ ۾ 2 جوابدار سمير ۽ جاسم مارجي ويا، جڏهن ته هڪ جوابدار امجد کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪار مان شهري جو ڦر ڪيل سامان  ۽ 2 پستول هٿ ڪيا ويا، فرار ٿيل جوابدارن جي سڃاڻپ عارف ۽ ڪار مالڪ طور ٿي،  ايس ايس پي موجب واردات ۾ استعمال ٿيل ڪار کي جعلي نمبر پليٽ لڳل هئي، جوابدار  پرڏيهه کان ايندڙ شهرين کان ڦرلٽ ڪندا هئا،