اڃا به منڇر ڍنڍ کي ڪٽ ڏينداسين: مراد علي شاهه

0
477

سيوهڻ: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دانستر واهه جو فضائي معائنو ڪيو، جنهن دوران کيس بريفنگ ڏني وئي

مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي ڀان سيدآباد طرف وڌي رھيو آھي، ماڻھون لڏ پلاڻ ڪن پيا، اميد آھي ته  ڀان سيدآباد بچي ويندو

وڏي وزير ايم اين اي سردار سڪندر راھپوٽو، ڪمشنر حيدرآباد ۽ ٻين عملدارن سان گڏجاڻي به ڪئي

CM Sindh reduces petrol quota of ministers, officials by 40%

مراد علي شاهه چيو ته منڇر جي دانستر واهه مان پاڻي سنڌو درياءَ ۾ ڇوڙ ٿي رھيو آهي، انجنيئر چون ٿا 2 ٽي ڏينھن انتظار ڪريو ته جيئن درياءَ جي ليول گھٽجي ته پوءِ ڪٽ ڏياريو

وڏي وزير چيو ته ڪٽ ڏيڻ سان ڪجهه رليف ملندو، ڇو ته پٺيان ٻيو پاڻي اچي پيو، انڊس لنڪ کي گھارو پوڻ بعد  ٻه يوسيون ٽلٽي ۽ ٻنڀا ٻڏي ويون

ھي به پڙھندا

ڀان سيدآباد: منڇر ڍنڍ جي پاڻي سبب مختلف ڳوٺن ۾ ٻوڏ واري صورتحال

سنڌ جي سونهن اجاڙڻ جي اجازت؟ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي نه ڪرڻ وارو فيصلو واپس

ڀان سيدآباد ڀرسان سم نالي کي لڳل گھارن جي ٻوڙان ٻوڙ جاري، ٽلٽي کي گھيرو