بيماري لڪائڻ بدران ٻڌائڻ گهرجي

0
223
قدرتي آفتون ۽ اسان جي ذميواري

اسان جي سماج ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون بيماريون ۽ مسئلا آهن، جن کي نه رڳو عورتون پر مرد به اڪثر ڪري پنهنجي گهر ڀاتين يا ڊاڪٽرن سان به شيئر ڪري ناهن سگهندا، نتيجي ۾ اهي ننڍا مسئلا، بيماريون يا پريشانيون وڌي وڻ ٿي وينديون آهن ۽ پوءِ علاج ڪرائڻ واري ڪوشش به نتيجا ناهي ڏئي سگهندي. ايئن اسين سڀ پنهنجن پيارن کي وڃائي ويهي رهندا آهيون، جڏھن ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي. دنيا ۾ هن وقت هر بيماري جو علاج موجود آهي ۽ بيماري انسان جي ذاتي وس ۾ ناهي هوندي جو اهو هن کي لڪائي ۽ شرمائيندو رهي. اهو قدرت جي پاران امتحان هوندو آهي، اهو ئي قدرت وارو  شفا جو ذريعو به بڻائيندو آهي، پر انسان پنهنجي بيماري جي وقت سر تشخيص ڪرائي، اها انهي جي ذاتي بنيادي ذميواري آهي، جنهن جي لاءِ اسان کي پنهنجي اولاد سميت سماج جي هر فرد کي آگاهي ڏيئڻي پوندي ته بيمارين کي لڪائڻ  بدران انهن جي علاج طرف وڌڻو پوندو، انهي سان ئي مرض مان ڇوٽڪارو ممڪن ٿي سگهندو، نه ته اهو ئي مرض انساني اندر ۾ اوڏوهي جيان کائيندو رهندو آهي.

 طبي ماهر چون ٿا ته خودڪشي ڪندڙ ماڻهو خودڪشي  ڪرڻ کان اڳ ۾ هڪ ٻه ڀيرا ان قسم جو عمل ڪري چڪو هوندو آهي، جنهن مان پتو پئجي ويندو آهي ته سندس نفسياتي حالت ٺيڪ ناهي، پر اسان وٽ اسين پاڻمرادو ڊاڪٽر بڻيل ماڻهو آهيون، جيڪي مٿي ۾ روزاني سور پوڻ تي به ڊاڪٽر ڏانهن وڃڻ بدران گوريون کائي گذارو ڪري ڪم پيا هلائيندا آهيون. سڄو ڏينهن چڙ اچڻ ۽ ڪنهن ڪم ڪار ۾ دل نه لڳڻ تي اسين انهي گهر ڀاتي کي ڊاڪٽر ڏانهن وٺي وڃڻ بدران کيس طعنا ڏئي عجيب قسم جي رويئي سان سندس تذليل ڪندا آهيون. اڪثر اسان اهو ڏٺو آهي، ممڪن آهي ڪي ماڻهو ايئن نه به ڪندا هجن پر معاشري جي مجموعي حالت ايئن ئي آهي،  نتيجي ۾ اهو بيمار ماڻهو وڌيڪ پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي.  اسان جي معاشري ۾ بيماري واري صورتحال ۾ به صنفي متڀيد کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن ۾ عورت وڌيڪ ڀوڳي ٿي. عورتن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون بيماريون ٿين ٿيون، جن جو اهي ذڪر پنهنجي گهر ڀاتين سان به ناهن ڪنديون، خاص طور شادي شده عورتون به پننهنجي مڙس سان بيماري متعلق ڳالهه ناهن ڪري سگهنديون، ۽ غير شادي شده ڇوڪريون پنهنجي والده کي ڀيڻ يا ڀاڄائي کي به پنهنجي بيماري بابت ٻڌائڻ کان لنوائينديون آهن، نتيجي ۾ اهي موت جي منهن ڏانهن هليون وينديون آهن. انهن بيمارين ۾ ڇاتي جو ڪينسر به هڪ اهڙي ئي بيماري آهي، جنهن کي نه رڳو ڳوٺاڻيون ۽ اڻپڙهيل عورتون لڪائينديون آهن، پر پڙهيل لکيل عورتون به انهي مرض کي ڄاڻائي يا اڻڄاڻائي ۾ به وقت سر علاج ناهن ڪرائينديون، جنهن سبب هي مرض ڏينهون ڏينهن وڌي رهيو آهي ۽ هاڻي ته خبر پئي آهي ته هر نائين عورت کي ڇاتي جو ڪينسر آهي. ڇاتي جي ڪينسر جون علامتون جيڪي ڊاڪٽر ٻڌائين ٿا ته انهن ۾ ڇاتي يا بغل ۾ ڳوڙهي محسوس ٿيڻ، ڇاتي جي ڪنهن حصي جو  ڳاڙهو ٿي وڃڻ يا وري سوڄ محسوس ٿيڻ،ڇاتي جي چمڙي سڙڻ يا ان تي خارش محسوس  ٿيڻ،نپل تي ڳاڙهاڻ يا چمڪ محسوس ٿيڻ، انهي نپل جو ڇڪڻ  يا سور محسوس ٿيڻ،نپل مان خون وهڻ يا وري انهي مان کير کانسواءِ ڪجهه خارج ٿيڻ، ڇاتي ۾ ڪا اوچتي تبديلي محسوس ٿيڻ ، سائيز ۾ واڌ يا ننڍو وڏو محسوس ٿيڻ، ڇاتي جي ڪنهن به حصي ۾ سور ٿيڻ اهي ڪينسر جون علامتون آهن. جيڪڏهن ڪنهن به عورت کي اها شادي شده هجي يا پرڻيل نه به هجي پر اهي علامتون محسوس ڪري ته اهڙي صورتحال ۾ گهٻرائڻ ۽ لڪائڻ بدران پنهنجي گهر ڀاتين کي صورتحال ٻڌائجي ۽ پوءِ ويجهي اسپتال جي ڊاڪٽر سان مشورو ڪجي. الٽرا سائونڊ، ايڪسري، ايم آر آئي يا بايوسپي ڪرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي، ڊاڪٽر جيڪو به مشورو ڏيندي يا ڏيندو، اهو انهي مريض جي بهتري لاءِ ئي هوندو آهي، انهي ڪري ڊاڪٽرن سان مشورو ڪرڻ ۽ سندن مشوري تحت علاج ڪرائڻ سان صحتيابي ممڪن آهي. منهنجون ڪيتريون ئي دوست ۽ واسطيدار عورتون آهن، جن ڇاتي جي ڪينسر جو علاج ڪرايو اهي مڪمل طور صحتياب ٿي پنهنجي ساڳي زندگي گذارين پيون، گهڻين عورتن کي جيڪڏهن ڇاتي ۾ ڪا ڳوڙهي محسوس ٿئي  ٿي ۽ اها جيڪڏهن ٻار جي ماءُ آهي ته کيس اڪثر عورتون اهو چئي سندس ڳالهه کي ٽاري ڇڏينديون آهن ته ٻار کير پيئندي مٿو هنيو هوندو، يا وري ٻار چڪ هنيو هوندس، پر ايئن ناهي هوندو، انهي جي پٺيان خدانخواسته ڪينسر جهڙو موذي مرض هوندو ته انهي عورت جي زندگي داءُ تي لڳي ويندي. انهي ڪري ان قسم جي ڳالهه ڪندڙ هر عورت کي وقت سر ڊاڪٽر کي ڏيکارڻ سندن گهر ڀاتين جو به فرض آهي. اسان وٽ غربت به ايتري آهي جو اڪثر ماڻهو علاج جي سٽ نه ساريندا آهن،  ان باوجود به اسان کي پنهنجي هڙان وڙان ڪوشش ڪرڻ گهرجي، ڪنهن شهر جي اسپتال پهچجي. اڪثر شهرن ۾ هاڻي سرڪاري اسپتالن ۾ به ڪافي حد تائين بهتر علاج ٿئي ٿو، ڳوٺن يا ننڍن شهرن جي ڊاڪٽرن وٽ پئسا خرچ ڪرڻ باوجود گهربل سهولتون نه هجڻ ڪري اهڙي مرض جي تشخيص به نٿي ٿئي ۽ وقت سر تشخيص توڙي علاج نه ٿيڻ ڪري به بيماري وڪوڙي  ويندي آهي. ٻيو ته سڄي دنيا ۾ چون ٿا ته جيڪي عورتون ٻارن کي ٿڃ نٿيون پيارين انهن ۾ ڇاتي جو ڪينسر ٿئي ٿو پر اسان وٽ ته 8 يا 10 ٻارن جي مائرن کي به ڇاتي جو ڪينسر ٿي چڪو آهي. انهي ڪري هي مرض هڪ ته موروثي طور منتقل به ٿئي ٿو ۽ ٻيو ته انساني وجود ۾ گهڻائي بيڪٽريا پاڻمرادو ٺهي وڃن ٿا جيڪي جسم جي مختلف حصن کي متاثر  ڪندا رهن ٿا. انهي ڪري ڇاتي جي ڪينسر ۾مبتلا عورتن کي گهٻرائڻ بدران علاج ڪرائڻ گهرجي، ٻيو ته ڇاتي جو ڪينسر مردن ۾ به ٿئي ٿو تازو هڪ رپورٽ ۾ مون پڙهيو پئي ته دنيا ۾  جيڪڏهن ڇاتي جي ڪينسر جا سئو مريض رپورٽ ٿين ٿا ته انهن ۾ هڪ مرد ضرور آهي، انهي ڪري بيماري ڪهڙي به ڪنهن کي به ڪنهن وقت به لڳي سگهي ٿي. بيمارين جي علاج ۽ ان کان بچاءُ لاءِ احتياطي آگاهي ڏيڻ پاڻ سڀني جو فرض آهي، هن وقت سڄي دنيا ڇاتي جي ڪينسر متعلق پريشان آهي پاڻ به انهي سماج جو حصو آهيون، قدرت وارو پاڻ سڀني کي سمورين بيمارين کان بچائي. آمين