روشن خيالي سامهون رجعتي پسندي جي ڊگهي تاريخ

0
336
دارجي دڳ جومسافرشاعر..!

 اسڪاٽ لينڊ جو فلاسافر ڊيوڊ هيوم (1776ع-1711ع) تاريخدان ۽ اقتصاديات جو ماهر هو. هو عقل دشمنيءَ خلاف اُٿي روشن خياليءَ جي راهن جو متلاشي ٿيو. هن وهمن ۽ وسوسن خلاف لکيو ته پادري سندس حياتيءَ خلاف محاذ کڙو ڪري اُٿي بيهي رهيا.

يان ياڪ روسو (1778-1712ع)  جنيوا ۾ پيدا ٿيو، روسو جي سياسي فلاسافي فرانس جي انقلاب تي اثر ڇڏيا. هن جو خيال هو ته ذاتي ملڪيت اڻبرابري، قتل و غارت ۽ جنگين کي جنم ڏيئي ٿي. سندس سياسي ۽ سماجي نظرين  کي حڪمرانن هضم نه ڪيو، کيس فرانس مان فرار ٿيڻو پيو، ڪتابن تي بندش هنئي وئي. روسو تي 1770ع تائين فرانس اچڻ تي پابندي عائد هئي، پر هڪ ٻئي نالي سان 1767ع ۾ وري فرانس آيو.

والٽيئر فلاسافر، ڊراما نگار ۽ شاعر هو، 16 اپريل 1717ع ۾ جيل ڀيڙو ٿيو، سندس ڪتاب Letters on the English  باهه جي نذر ٿيو ۽ والٽيئر کي جلاوطن ڪيو ويو.

 نشاط الثانيه (Renaissance) يورپ جي تاريخ ۾ تبديلي رونما ڪندڙ ٽن تحريڪن مان هڪ هُئي، جيڪا مجموعي طور تي چوڏهين صدي کان سورهين صدي تائين هلي. ان سياسي، ادبي، سائنسي ۽ ثقافتي تحريڪ انسان جي سوچ ۽ تصور تي وڏا اثر ڇڏيا. پراڻي دور جي ڪلاسيڪل علم ادب تي وري نئين زاويي سان سوچيو ويو ۽ اونداهي دور مان نڪري فطرت ۽ انسان جي صلاحيت ۽ خوبصورتي تي غور ويچار ڪيو ويو. ايئن، در اصل هن دور ۾ سماجي ترقي، وڻج واپار جي اوج، قوم پرستي ۽ حب الوطني جا رُجحان وڌيا، ادب ۾ تخيلقي قدر اُڀريا، نيون ايجادون ۽ دريافتون ٿيون ۽ يورپ وچئين دور جي محدود خيالن ۽ تصورن مان ٻاهر نڪري، انسان ۽ مافوق الفطرت سوچ جي تعلق تي سوال اُٿاري، سماجي نظام ۾ تبديلي جي آبياري ڪئي. هي اهوئي دور هو جڏهن توهم پرستي، ديومالائي تصور، هوائي توائي ڳالهيون ۽ سوچون، جيڪي ماڻهن جي وهم ۽ وشواس ۾ ته هيون، پر انهن جو حقيقت سان ڪو به واسطو نه هو، اهي پگهرجڻ لڳيون. پراڻين شين تي نئين انداز ۾ سوچيو ويو. تخليقي سگهه جو اظهار آرٽ ۾ ٿيو، اهڙي طرح جيئڻ ۽ جسماني ۽ ذهني طور صحتياب رهڻ جي جذبي سان سائنس ترقي ڪئي. ايئن سوچ جو ڪينواس حد بندين کي پار ڪرڻ لڳو ته فطرت کي Explore ڪرڻ خود انسان جي فطرت بڻجي ويو.

مذهبي آمريت جي تاريخ ٻڌائي ٿي ته وچئين دور ۾ پادرين وٽ وڏيون جاگيرون هيون. چرچ جي استحصال، بدعنواني ۽ رجعت پسندي جي ڪري ماڻهو جي سماجي زندگي بلڪل محدود ۽ تنگ ٿي ويئي. پنهنجين هڪ هٽين کي جاري رکڻ، ٻنيون ۽ ملڪيت وڌائڻ جي نيت سان چرچ State Power سان گڏ بيٺل هو. ايئن چرچ، حڪمرانن کي دلداري ڏيئي سندن حفاظت جو به ذمو کنيو بيٺو هو. جيڪو سماج وچئين دور ۾ چرچ، بادشاهه ۽ جاگيردارن جي تسلط ۾ هو، اُتي بورزوا ۽ واپاري طبقو وڌڻ لڳو، روايت پسندي جون جڙون اُکڙڻ لڳيون ۽ زندگي ۾ سيڪيولر قدر اُڀرڻ لڳا. سياسي سماجي ۽ اقتصادي لاڙن اهو طئه ڪيو ته سماج دراصل ڪنهن مخصوص دائري اندر زندگي نٿو گذاري سگهي. سبب اهو هو ته ماڻهن جي جهالت جو فائدو وٺي زوري زبردستي توهم پرستي ۽ تنگ نظري ۾ ڦاسايو ويو هو. دولت ۽ اقتدار جي ڪري چرچ جو سماج تي اثر آمريت جي عڪاسي هو. مذهبي جنونيت سخت گير روين ۽ تشدد تي لهي آئي هئي. مذهبي تعليم چرچ ۽ پادرين جي مفاد ۾ هئي، ان مان واپاري ۽ ٻين طبقن کي فائدو نه هو، تنهنڪري هاڻي مذهبي تعليم جي جاءِ تي علم رياضي، علم فلڪيات، قانون، ميڊيسن وغيره کي نصاب ۾ متعارف ڪرايو ويو، جنهن جي ڪليسا وڏي مخالفت ڪئي. ايئن، سائنسدان، فلسفي، دانشور سماج ۾ سيڪيولر سوچ جا بنياد وجهڻ لڳا. تنگ نظري، استحصال پسندي، اقربا پروري ۽ هڪ هٽي جي جاءِ تي سياسي، سماجي ۽ سائنسي شعور برپا ٿيڻ لڳو. پرنٽنگ پريس جي ايجاد ديرپا ۽ گهريون تبديليون آنديون. ڪتابن جي اشاعت ۾ نوان موضوع هئا. پڙهڻ، پرکڻ، اعتراف يا اعتراض ڪرڻ جو رجحان پيو. “پَرمتڙين” جي ڳالهه ۽ موقف ۾ لهرون ۽ لوڏا پيدا ٿيڻ لڳا. لکڻ، پڙهڻ ۽ بحث ڪرڻ جا بنياد مطالعي ۽ تحقيق تي جُڙڻ لڳا.

مذهبي اصلاح جي تحريڪ (Reformation) دراصل نئين سجاڳي جي دور جو نتيجو هئي، جيڪا مارٽن لوٿر چرچ پاران ناجائز اختيارن جو استعمال ۽ ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ لاءِ هلائي هئي، هن پوپ جي عهدي کان ئي انڪار ڪري ڇڏيو هو. 31 آڪٽوبر 1517ع ۾ لوٿر 95 نقطن تي مبني اعلان چرچ کي پيش ڪيو. (مارٽن لوٿر 1546_1483 سياسي، سماجي ۽ معاشي تبديلي لاءِ ٻوٽو نه ٻاريو. در حقيقت هو اڻ برابر سماج جو حامي هو. 1524ع ۾ بنيادي حقن لاءِ هارين بغاوت ڪئي هئي، نتيجي ۾ حڪمرانن ۽ جاگيردارن هڪ لک هارين کي قتل ڪيو هو، ان حالت ۾ لوٿر هارين جي بجاءِ جاگيردارن جو ساٿاري هو.)

ريفارميشن جي تحريڪ سان بائيبل جرمن، ڊچ، فرانسيسي ۽ اطالوي زبانن ۾ ترجمو ٿيو ته ماڻهو پادرين جو محتاج نه رهيو ۽ خبر رهي ته بائيبل ۾ اصل زندگي جو فلسفو ڇا آهي ۽ پادري ڇا پيا سيکارين؟ مذهب جي نالي جيڪا ڪاروبار انڊسٽري عروج تي هئي، اها ٻاڙائي ۾ تبديل ٿيڻ لڳي. اڳ ۾ انسان جي دفن لاءِ به پادرين کي پئسا ڏيڻا پوندا هئا، ماڻهو پادرين وٽ وڃي پنهنجي گناهن جو اعتراف ڪندا هئا. جاگيردارن ۽ بادشاهه جي ڏڍ سان چرچ جي سرپرستي جي هر اَدا ۽ عمل ۾ بدعنواني عيان هئي. هاڻي حالتون تبديل ٿيڻ لڳيون، ذهني طور وسعت وڌڻ لڳي ۽ فڪري آزادي جون ڌارائون ڪَر موڙي اُٿيون. 1381ع ۾ واٽ ٽيلر هارين سان گڏ بغاوت ڪئي ته غريب عوام سان نا انصافيون بند ڪيون وڃن ۽ سماج جا بنياد برابري تي تشڪيل ڏنا وڃن، جيڪڏهن طبقاتي فرق موجود آهي ته ماڻهو جو استحصال ٿيندو رهندو. هن جو خيال هو ته طبقاتي اوچ نيچ فطري نه آهي. واٽ ٽيلر کي سندن جدوجهد جي بدولت موت جي گهاٽ اُتاريو ويو. پندرهين صدي دوران جان ڪيڊ ۽ بوهيميا ۾ جان هس الڳ الڳ بغاوتون اُٿاريون، نتيجي ۾ جاگيردارن ۽ پادرين جي سياسي، سماجي ۽ معاشي لٽ مار ۽ ڪرپشن خلاف عوام هم آواز ٿيو هو، ان جي ردِ عمل ۾ جان هس کي زنده ساڙيو ويو هو.

انسان دوستي (Humanism) جي تحريڪ ان حوالي سان يادگار آهي، اها تحريڪ به نشاط الثانيه جو حصو هئي. انسان دوست آرٽسٽ ۽ دانشور رومي ۽ يوناني فهم ۽ فڪر جون پاڙون تلاش ڪرڻ لڳا. انهن فرد جي ذاتي زندگي تي زور ڏنو ته هر فرد آزاد آهي ته هو نجي زندگي ۾ رسمن روايتن وغيره جي پوئيواري ڪري ٿو يا نه؟ هيومن ازم انسان جي قابليت کي اجاگر ڪيو. ذهني طور مفلوج سماج ۾ قديم علم ۽ مفروضن جو اڀياس منطق جي ميز تي ٿيڻ لڳو. پيدائشي گناهه جو تصور ماڻهو کي چرچ جو غلام بڻائي ڇڏيو هو، هاڻ اهو ضروري هو ته انسان خود نيڪي ۽ عقل جي تلاش ڪري. جڏهن ذهن جي جواني ڪَر موڙي اُٿل کائي اُٿندي آهي ته ولهار واسي ڇڏيندي آهي.

انسان دوستي ۽ هن دنيا جي سونهن جو ذڪر ادب ۽ آرٽ ۾ ٿيڻ لڳو ۽ شين ۽ سوچن جا بنياد سائنس تي پوڻ لڳا ته قدامت پسندي جابکيا اڊڙڻ لڳا. جتي درٻارن ۾ قصيده گوئي هئي، شاهي ۽ مٿين طبقي جي شان ۾ طبل وڄايا ويندا هئا، جتي آرٽ به درٻاري روايتن جي گهيري ۾ هو اُتي آزاد قومي وطنيت ، ڌرتي جي گيتن ۽ عظيم انساني قدرن جا تصور اُڀرڻ لڳا. هي دور نه صرف تخليقي نواڻ لاءِ اهم هو، پر تنقيدي شعور سان آراسته نوان نظريا به جنم وٺڻ لڳا. ان حوالي سان پيٽراڪ ۽ گيواني بڪيشيو (1375ع_1313ع) جا نالا بنيادي اهميت جا حامل آهن. بڪيشيو، جنهن اطالوي شاعر دانتي ۽ انگريزي شاعر چاسر تي وڏو اثر ڇڏيو. هن جي ڪهاڻين جي ڪتاب “ڊيڪمرون” شيڪسپيئر تي به اثر ڇڏيا، پاڻ خود به بهترين شاعر هو. جيوفري چاسر 1340ع ۾ لنڊن ۾ پيدا ٿيو، جنهن شاعري ۾ بيانيه ۽ حقيقت پسندانه انداز اپنايو هو. هن جو شعري مجموعو “ڪنٽربري ٽيلز” ديو مالائي ڪٿائن ۽ ڪردارن، مثال طور، جنن ڀوتن، ڏانئڻين ۽ پرين جي بجاءِ روز مره جي زندگي جا ڪردار متعارف ڪرائي، واپارين، پادرين ۽ نوابن تي تنقيد ڪئي. سندس لکڻ جي انداز ۾ Satire, Irony, Humour شامل آهي. ان سان گڏ، شاعري ۾ جان للي، سر فلپ سڊني ۽ ٻيا نالا  آهن، مذهبي اصلاح پسند جان ملٽن (1674ع_1608ع) کي نئين سجاڳي جي دور جو آخري شاعر چيو وڃي ٿو. مائيڪل اينجلو مصوري ۽ مجسمه سازي ۾ نيچرلزم جو باني هو جڏهن ته اطالوي مصور ۽ مجسمه ساز ليونارڊو داونچي آرٽ ۽ سائنس ۾ نوان تجربا ڪيا. ادب ۾ نئين سجاڳي جو سڏ ڏيندڙ ڊراما نويس ڪرسٽوفر مارلو، وليم شيڪسپيئر ۽ بن جانسن وغيره هئا. فلسفيانه نثر ۾ فرانسس بيڪن جو اثر هو.

جيئن ته فلسفو سائنس جي ماءُ آهي. نئين سوچ جو منطق، نظرين، دريافتن ۽ ايجادن جو سبب بڻجي ٿو. هن تحريڪ ۾ ادب، آرٽ ۽ فلسفي جي ڌارائن سان گڏ سائنس به ترقي ڪرڻ لڳي. انسان جو ذهني ۽ جسماني حُسن ايجادن، دريافتن ۽ تبديلين جو سبب بڻيو. نشاط الثانيه جي دور ۾ سائنس جي فيلڊ ۾ بنيادي تبديليون رونما ٿيون. Empiricism جي ڳالهه ڪندڙ ۽ جديد سائنسي طريقيڪار جو باني راجر بيڪن، 1439ع ۾ Movable Printer ٺاهيندڙ جرمني جو گيوٽنبرگ، پرنٽنگ پريس ايجاد ڪندڙ ڪوسٽر، ڪيميادان ۽ فلڪيات جو ماهر پئراسيلسس، ايناٽامي جو ماهر مائيڪل سرويٽس، فلڪيات جو ماهر ۽ ڪيميادان ٽائچو برهي ۽ وليم هاروي سائنس جي ترقي ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو، خاص ڪري نڪولائي ڪاپرنيڪس (1543ع_1473ع)، گيورڊنو برونو، گليلو ۽ ڪيپلر نشاط الثانيه جي دور جو اهم ماڻهو هئا.

سترهين ۽ ارڙهين صديءَ صنعتي انقلاب جو زمانو آهي. سائنسي ايجادون نوآبادياتي نظام قائم ڪرڻ ۾ به ڪم آيون. اوڻيهه صدي جو اهم نالو چارلس ڊارون آهي. چارلس ڊارون جي ڪتاب On the Origin of Species جو پهريون ايڊيشن 1859ع ۾ شايع ٿيو هو، ۽ مصنف جي حياتي ۾ ئي ڇٽيھه ٻولين ۾ ترجمو ٿيو. هي ڪتاب ڪا ڏند ڪٿا نه پر سائنسي بنياد تي تحقيق آهي، جنهن لاءِ ليکڪ رڻ، سمنڊ ۽ جهنگ جهاڳي، مختلف وڻن، جانورن ۽ پکين جي زندگي تي ڳوڙهو اڀياس ڪري ثابت ڪري ٿو ته جاندارن جي نسل در نسل ارتقا ڪيئن ٿي؟

بن مانس  (Apilike) مخلوق مان انسان ٿيڻ جي هي ڪهاڻي يورپ جي گهڻي آبادي جي سوچ جي ڪايا پلٽ ڪري ٿي. عينيت پرست ڪتاب جي اشاعت کان پوءِ وڏو گوڙ ڪن ٿا، ڇو ته ڊارون هن ڪتاب ۾ انسان جي ارتقائي مادي حالتن تي ثبوتن سان بحث ڪندي مافوق الفطرت تصورن جي بنيادن کي اڊيڙي ٿو ڇڏي. هي ڪتاب ڪاپرنيڪس جي هيليو سينٽرڪ نظام واري نظريي کان پوءِ تاريخ ۾ سوچ جي هڪ هٽي خلاف وڏو “ڌماڪو” هو.

ڪيٿولڪ چرچ پاران 1559ع ۾ (Index Librorum Prohibitorum) نالي ڪتابن جي لسٽ تيار ڪئي وئي، ڪيئي ڪتاب بندش هيٺ آيا، انهيءَ لسٽ جو آخري ايڊيشن 1948ع ۾ شايع ٿيو ۽ 14 جون 1966ع ۾ انهيءَ لسٽ کي ختم ڪيو ويو. هن لسٽ جي ويهين ايڊيشن تائين چار هزار عنوان بندش هيٺ آيا. هن لسٽ ۾ ڪيپلر، ريني ڊيڪارٽ، يان پال سارتر، سائمن ڊي بيوئر، والٽيئر، وڪٽر هيوگو، روسو، ڪانٽ، هيوم، فرانسس بيڪن، جان ملٽن، جان لاڪ، گليلو، پاسڪل، وغيره جا نالا شامل هئا: انهن جي ڪارنامن تي بندش هنئي وئي. جيڪي ڪتاب بندش هيٺ آيا، انهن ڪتابن سائنس ۽ فلسفي جا بنياد رکيا هئا، انهن مان ڪافي ڪتاب اڄ دنيا جي مختلف يونيورسٽين ۾ پڙهايا وڃن ٿا.

روشن خيالي سامهون ردعمل ڪندڙ رجعت پرستيءَ جي تاريخ ڊگهي آهي. سائنس انساني شعور جي گڏيل ميراث آهي. انسان جي ذهني وشالتا ۽ سوچ جي آزاديءَ تي بندش ممڪن ناهي. زندگيءَ جي خوبصورتي لاءِ فڪري سوچ جي آزادي ضروري آهي. هن مختصر ڊسڪورس مان ثابت ٿيو ته هر شيءَ زمان ۽ مڪان جي فاصلي تي آهي، انسان ان کي سمجهي سگهي ٿو. اسان تنقيدي سوچ کي همٿائڻ سان مادي دنيا کي سمجهي سگهون ٿا. عقل مخالف بيانيو سائنسي سوچ کي زوال پذير ڪري ٿو، جڏھن ته فڪري تجسس سائنسي دريافت جو سبب بڻجي ٿو. (پورو ٿيو)