آرڊيننس کان نوٽيفڪيشن تائين

0
224

ملڪ ۾ هن وقت سربراهي سوال گهڻو بحث هيٺ آهي. هر اداري جي سربراهه جو ڇا ٿيندو وارو سوال  پڇيو پيو وڃي. هن سوال  ۾ سياسي  ۽ عسڪري واري تفريق به ناهي، وزيراعظم هجي يا ڊي جي آءِ ايس آءِ  بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال هجي يا نيب چيئرمين جاويد اقبال، چيف اليڪشن ڪمشنر هجي يا پوليس جا سربراهه،هر اداري جي سربراهه جي آڏو مستقبل جو سوال گردش هيٺ آهي. ايتري قدر جو شوڪت ترين جي مستقبل جي حوالي سان به وفاقي ڪابينا  جي اجلاس کانپوءِ وفاقي وزيرن کان سوال ٿيندا رهن ٿا. آرمي چيف جي مدت ملازمت پوري ٿيڻ کانپوءِ ٻيهر ايڪسٽينشن وارو سوال به ڪچهرين جو موضوع هجي ٿو. پر انهن سمورن سياسي ۽ عسڪري سوالن کان وڌيڪ بحث جو موضوع بڻيو آهي ڊي جي آءِ ايس آءِ جو اهو نوٽيفڪيشن جيڪو وزيراعظم هينئر تائين جاري ناهي ڪيو.

ان نوٽيفڪيشن کان اڳ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي  اجلاسن ۾ وفاقي حڪومت پاران جاري ٿيندڙ آرڊيننس بحث جو موضوع بڻيل هئا. سياسي پارٽيون به نيب آرڊيننس جهڙي موضوع تي پارليامينٽ اندر يا ٻاهر پنهنجي حڪمت عملي ترتيب ڏيندي نظر اچي رهيون هيون. هن آرڊيننس اندر به ڪيترا ئي سوال هئا، هن آرڊيننس جي اچڻ تي حڪومت وارا به خوش ته مخالف ڌر وارا به اندر ئي اندر ۾ اعتراض کان پاسو ڪري رهيا هئا، ايتري قدر  جو هاڻي مختلف ڪيسن ۾ هن آرڊيننس جو دليل ڏئي رليف وٺڻ وارو دليل به وڪيل استعمال ڪري رهيا آهن. هن آرڊيننس کانپوءِ اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته نيب چيئرمين ساڳيو هوندو، جيستائين نئون چيئرمين نيب نه ٿو اچي. مطلب اپوزيشن کان احتساب جاري رهندو وارو بيانيو به حڪومت جاري رکندي پئي اچي ته ٻئي طرف ساڳئي نيب چيئرمين جي هوندي سندس پهرين واري طاقت ڏيندڙ آهي نقطه هاڻي سندس اختيار ۾ نه هوندا، جنهن سان هو پهرين واري موج مستي ڏيکاري سگهي.

 مخالف ڌر جا مرڪزي اڳواڻ اهڙي سوال تي چون ٿا ته اسان کي جيڪي سختيون سهڻيون هيون سي سختين وارا ڏينهن اسان گهاري آيا آهيون، هاڻي  هي پاڻ بچائڻ جي چڪر ۾ اچي اهڙا آرڊيننس جاري ڪري رهيا آهن. نيب جي چيئرمين واري اشو تي به وزيراعظم عمران خان کي مخالف ڌر جي اڳواڻ شهباز شريف سان صلاح مشورا ڪرڻا هئا. اليڪشن ڪميشن جي ميمبرن جو معاملو به ساڳئي نوعيت جو هو پر وزيراعظم عمران خان شهباز شريف سان صلاح مشورا ڪرڻ کان پهرين ڏينهن کان انڪاري رهيو آهي، تنهن ڪري اهڙن معاملن تي به فواد چوڌري  ئي روز ٻڌائيندو هو ته خطن ذريعي رابطو آهي، معاملو خوش اسلو بي سان حل ٿي ويندو جيڪڏهن معاملا صفا حل نه ٿيا ته ڪاميٽين ذريعي حل ڪرڻ به ته آئيني رستو آهي. سو اهي آئيني رستا ڪيئن نڪرندا؟ هاڻي ڳالهه انهي سوال کان گهڻو اڳتي نڪري چڪي آهي.

 بلوچستان جو وڏو وزير ڄام ڪمال سندس سموري حمايتي ۽ مخالف ڪابينا به اسلام آباد ۾ ويٺل آهي. وزيراعظم ۽ ڄام ڪمال جي ملاقاتن واريون خبرون به آهن پر حقيقت ۾ اهڙين ملاقاتن کان وڌيڪ دلچسپي هاڻي انهي سوال تي اٽڪيل آهي ته وزيراعظم ڊي جي آءِ ايس آءِ نديم انجم جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ٿو يا نه.؟ وزيراعظم جا ترجمان چون ٿا ته معاملو حل ٿي ويندو. ان جي تشريح ايئن ڪئي پئي وڃي ته وزيراعظم کي سمري اماڻي ويندي جنهن ۾ ٽي نالا هوندا، وزيراعظم اهڙي سمري ملڻ کانپوءِ نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيندو. جيڪڏهن صورتحال ايئن به هجي تڏهن به اها ڳالهه ته آءِ ايس پي آءِ جيڪا پريس رليز جاري ڪري نئين ڊي جي آءِ ايس آءِ طور نديم انجم جو نالو جاري ڪيو، هاڻي جيڪڏهن نئين سمري اماڻي وڃي ٿي ته ان جو مطلب  آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل پريس رليز واپس ورتي وئي. هي جيڪو فواد چوڌري چوي ٿو ته وزيراعظم آفيس کي پنهنجن ادارن جو احترام آهي، هن عمل سان اهي اداري وارا واقعي به سمجهندا ته انهن جي موقف کي مان ڏنو ويو آهي.؟ اهو هڪ اهم سوال آهي. ان کان اڳ اليڪشن ڪميشن سان ڇا ٿيو؟ سپريم ڪورٽ جي جج قاضي فائز عيسيٰ خلاف انڪوائريون به ٿيون آهن. مخالف ڌر به جيل ياترا کانپوءِ  نواز شريف جي صورت ۾ ملڪ بدر لڳي  پئي  آهي ته خورشيد شاهه جي صورت ۾  جيل ڀوڳي رهي آهي، بلاول ڀٽو  کان به روز جي بنياد تي پڇبو هو ته مراد علي شاهه جو ڇا ٿيندو؟ هينئر سراج دراني جو ڇا ٿيندو؟ جهڙو سوال به ٻن ڏينهن کان ٿي رهيو آهي. وزيراعظم  عمران خان جڏهن به سنڌ ايندو هو ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سان ملاقات ئي نه ڪندو هو. شهباز شريف کان مراد  علي شاهه تائين ملاقاتن کان انڪاري وزيراعظم کي هينئر آئين ۽ قانون ياد  اچي ويو آهي، پر هي جيڪو ڊي جي آءِ ايس آءِ وارو معاملو  آهي هي معاملو ايترو آسان نه آهي جيڪو رڳو فواد چوڌري معرفت حل ٿي وڃي. جيتوڻيڪ فواد چوڌري روز جي بنياد تي پنهنجي ٽوئيٽ ذريعي معاملن  کي سلجهائڻ يا اها خوشخبري ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته وزيراعظم ۽ آرمي چيف جا تعلقات بهترين آهن، ٻنهي سربراهن جي وچ ۾ طويل  ملاقات به رات جي وقت ۾ ٿي چڪي آهي، معاملا سلجهي چڪا آهن رڳو فني معاملو آهي جنهن کي حل ٿيڻو آهي.

پهريان ته فواد چوڌري سوشل ميڊيا تي سخت ڪاوڙيل رهيو آهي، سوشل ميڊيا خلاف قانون آڻڻ تي به بضد رهيو آهي. سوشل ميڊيا جي خبرن  کي فيڪ نيوز جي دائري ۾ ڏسندو رهيو آهي پر هي معاملو به سوشل ميڊيا ذريعي سامهون آيو آهي. پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ  ميڊيا ڄاڻ  هوندي به مثبٽ رپورٽنگ ڪندي رهي. ايتري قدر جو هي معاملو وفاقي ڪابينا  جي اندر بحث هيٺ آيو جنهن  کانپوءِ فواد چوڌري  پاڻ اچي ٻڌايو ته هي معاملو آهي. وزيراعظم جي آرمي چيف سان طويل ملاقات ٿي آهي، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مثبت رپورٽنگ تي  فواد چوڌري به  ساراهه جا لفظ  اچاريا جنهن کانپوءِ هينئر هي معاملو پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي نه رڳو ٿي چڪو آهي پر صحافتي سرگرميون به سمري آئي ، سمري نه آئي  وارن ڌڙن ۾ ورهايل آهن. فواد چوڌري معاملي کي جيترو سلجهائي ٿو، ايترو ئي سندس عامر ڊوگر جهڙا ساٿي معاملي کي الجهائي رهيا آهن. هونئن ته اسان وزيراعظم جي قانوني مشيرن ۽ ترجمانن تي سدائين سوال اٿاريندا رهيا آهيون ته اهي عمران خان جي حق ۾ آهن يا مخالف؟ فروغ نسيم  قانون واري وزارت تان استعيفيٰ ڏئي قاضي فائز عيسيٰ ڪيس ۾ حڪومت جو وڪيل ٿيو هو تڏهن اهڙي خبر کي خبر قرار ڏيڻ  بدران صحافتي حلقي ۾ اها ڳالهه مشهور هئي ته هو وري واپس قانون جو وزير ٿيندو. بابر اعواڻ به پهريائين يوسف رضا گيلاني جو وڪيل هو. پ پ وارا چوندا آهن ان جي يوسف رضا گيلاني جي حق ۾ بيان نه ڏيڻ تي يوسف رضا گيلاني نااهل ٿيو هو . اهو هڪ الڳ بحث آهي پر عمران خان سان گڏ رهندڙسندس قانوني ٽيم جا ميمبر ترجمان ۽ وفاقي ڪابينا جا ميمبر مخالف ڌر خلاف اهڙو موقف اختيار ڪندا هئا جو ڪنهن به ٻئي موقف جي ضرورت ئي نه رهندي هئي. شيخ رشيد ته سالن کان پنڊي جو چونديل نمائيندو رهيو آهي، تنهن ڪري هينئر جڏهن معاملو وزيراعظم ۽ ڊي  جي آءِ ايس آءِ جو نوٽيفڪيشن جو آيو آهي تڏهن وڏا وڏا قانوني ماهر به وزيراعظم کي سمجهائي رهيا آهن ته نوٽيفڪيشن جاري ڪريو.

ايتري قدر جو جڏهن کان عمران خان وفاقي ڪابينا  ۾ عامر ڊوگر مطابق قانوني ۽ آئيني رستو اختيار ڪيو آهي، تڏهن کان وفاقي وزيرن کان به اهي سوال ٿي رهيا آهن ته توهان ڪهڙي موقف جي حمايت ڪريو ٿا؟ هڪڙا ته ايئن چون ٿا ته عمران خان هاڻي نواز شريف واري “ووٽ ڪو عزت دو” واري ٻولي ڳالهائي رهيو آهي. تنهن ڪري مريم نواز به اهڙي سول سپرميسي واري معاملي  تي چيو آهي ته عمران خان نواز شريف بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪري. شينهن جي کل پائڻ سان ڪو شينهن ناهي ٿيندو. مريم نواز بار بار جي سوالن تي ته توهان ته وزيراعظم کي بااختيار ڪرڻ جي ڳالهه ڪندا رهيا آهيو جي جواب ۾ مريم نواز عمران خان کي وزيراعظم مڃڻ کان انڪار ڪيو آهي. مولانا فضل الرحمان به وزيراعظم کي بي عقل سڏيو آهي، جنهن ڪري هينئر وزيراعظم جي پنهنجي سياسي عمل جي ڪري جنهن ۾ پارليامينٽ نه اچڻ، مخالف ڌر سان نه ڳالهائڻ، قاضي فائز عيسيٰ جهڙي جج خلاف انڪوائريون ڪرائڻ کان ويندي چيف اليڪشن ڪمشنر سان جهيڙا سندس موقف جي حوالي سان اهو ٻڌائين ٿا ته هي آئين جي بالادستي کان وڌيڪ انا پرستي وارو ضد آهي. جنهن ڪري وزيراعظم جا صلاحڪار به کيس اهڙيون صلاحون ڏئي رهيا آهن ته شهباز شريف به واش روم ۾ ڪري زخمي ٿي سياسي سرگرميون معطل ڪيون آهن، توهان به نوٽيفيڪشن جاري ڪري اڳتي وڌو.