بنگلاديش جي ترقي پاڪستان جي معيشت لاءِ مثال

0
468

پاڪستان جي مالي سال جي معاشي جائزي ٻڌايو ته ملڪ اندر معاشي ترقي ڇڪي تاڻي 4 سيڪڙو ٿي سگھي آهي. جيتوڻيڪ مخالف ڌر طرفان انهن سرڪاري انگن اکرن کي چئلينج ڪيو پيو وڃي ته اهي انگ اکر پراڻي آدمشماريءَ جي حساب سان ٺاهيا ويا آهن. هتي پاڻ ان بحث ۾ ڪونه ٿا وڃون ۽ سرڪاري انگن اکرن کي بنياد بڻائي ڳالهه ڪنداسين. هفتو کن اڳ بنگلاديش جي معيشت بابت انگ اکر ملڪ جي مک اخبارن ۾ ڇپيا. انهن بابت ڪجھه ٽي وي چينلن تي پروگرام به ٿيا. اهي انگ اکر واقعي اکيون کوليندڙ آهن. بنگلاديش ڏينهون ڏينهن معاشي ترقي ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي. ڪالهه جڏهن بجيٽ پيش ڪئي وئي ۽ معاشي جائزو به عوام آڏو آندو ويو ته پتو پيو ته پاڪستان ايتري قدر جو انڊيا به بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ غريب ٿي ويو آهي. بنگلاديش ۾ في ماڻهو جي آمدني 3 لک 44 هزار رپيا ۽ پاڪستان ۾ في ڪس آمدني 2 لک 38 هزا ر رپيا آهي، جڏهن ته انڊيا ۾ 3 لک رپيا آهي. گذريل سال بنگلاديش جي ڪل گھرو پيداوار (گراس ڊوميسٽڪ پراڊڪٽ )۾ 9 سيڪڙو واڌ آئي.
1971ع ۾ جڏهن بنگلاديش آزاد ٿيو ته پاڪستان کان گھڻو غريب هو. بنگلاديش جنگ جي نتيجي ۾ آزادي حاصل ڪئي، ان جنگ دوران ان جون پُليون ۽ ٻيو انفراسٽرڪچر تباهه ٿي چڪو هو. ٻين لفظن ۾ايئن چئي سگھجي ٿو ته پاڪستان پنهنجي ترقي جوسفر 1947ع کان شروع ڪيو پر بنگلاديش پنهنجي ترقي جو سفر پاڪستان کان 24 سال پوءِ شروع ڪيو پر پوءِ به اڳتي نڪري ويو. ڪپھه پاڪستان جو مک فصل آهي. پر اهو ٽيڪسٽائل ۽ گارمينٽ جي معاملي ۾ بنگلاديش کان گھڻو ئي پوئتي آهي. اتي جي موسم سبب ڪپهه ٿئي ئي ڪونه. پوءِ ان جي باوجود بنگلاديش ريڊي ميڊ ڪپڙا ايڪسپورٽ ڪندڙ دنيا جو ڏي ۾ وڏو ملڪ آهي. ان 2019ع ۾ 34 ارب ڊالرن جي گارمينٽ ايڪسپورٽ ڪئي. هن شعبي ۾ 40 لک ماڻهو ڪم ڪن ٿا، جن مان اڪثريت عورتن جي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته خود پاڪستان جي صنعتڪارن بنگلادش ۾ وڃي ٽيڪسٽائل جا ڪارخانا لڳايا.
اهڙو ڪهڙو ڪرشمو هو جنهن بنگلاديش کي انهي سطح تي پهچايو؟ان مان پاڪستان ۽ انڊيا ٻنهي کي سبق سکڻ گھرجي. بنگلاديش ۾ 2008ع کان حسينه واجد جي حڪومت آهي. ان کان اڳ بنگلاديش سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهيو. بنگلاديش آزاد ٿيڻ کانپوءِ فوج ملڪ جي باني ۽ چونڊيل وزيراعظم شيخ مجيب الرحمان جو تختو اونڌو ڪري کيس قتل ڪري ڇڏيو. پوءِ جنرل ضياءُ الرحمان ۽ جنرل ارشاد واري واري سان حڪومت ڪندا رهيا. ملڪ ۾ فوجي راڄ رهيو. ملڪ سياسي طور ڇڪتاڻ جو شڪار رهيو. نتيجي ۾ معاشي طور به پوئتي پئجي ويو. 90ع واري ڏهاڪي ۾ مالديپ ۾ ٿيل سارڪ ميمبرن جي ڪانفرنس ۾ آءٌ پاڪستان جي ٽيم سان گڏ اتي ويو هئس. مون سارڪ ملڪن جي سڀني سربراهن جون تقريرون غور سان ٻڌيون. خاص ڪري حسينه واجد ۽ سري لنڪا جي خاتون وزيراعظم جون تقريرون. انهن ٻنهي جو چوڻ هو ته ڏکڻ ايشيا ۾ ڇڪتاڻ ۽ جنگي ماحول لاءِ خطي جا ٻه وڏا ملڪ يعني انڊيا ۽ پاڪستان ذميوار آهن. اهي هڪ ٻئي سان چٽا ڀيٽي جي چڪر ۾ خطي جي ننڍن ملڪن جو نقصان ڪري رهيا آهن. مون بنگلاديش جي وزيراعظم حسينه واجد جي پريس ڪانفرنس ۾ به شرڪت ڪئي هئي. هن جو سمورو زور ملڪ اندر سياسي استحڪام ۽ خطي ۾ جنگي صورتحال کان بچڻ تي هو. سندس چوڻ هو ته خطي ۾ امن کان سواءِ نه ترقي ٿي سگھي ٿي نه وري غربت ختم ٿي سگھي ٿي.
ڳالهه پئي هلي بنگلاديش جي سياسي حالتن جي. اتي ڪجھه عرصو عدليه به حڪومتي معاملن ۾ ٽپي پئي، جنهن جو رول فوج راڄ يا وري ان راڄ جي باقيات کي تحففظ ڏيڻ يا هٿي ڏيڻ وارو رهيو. مشرف دور ۾ اهڙا نسخا پاڪستان لاءِ به لاڳو ڪيا ويا. ڪيترن ئي موقعن تي ايئن ٿي لڳو ته اجھو اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه جو پاڻ ۾ اهڙو ڳانڍاپو ٿي ويندو جو رياست جو اهو ٿنڀو به اقتدار ۾ حصيدار ٿي ويندو. بهرحال حالتن ڦيرو کاڌو، بنگلاديش وارو ماڊل پاڪستان ۾ نه اچي سگھيو. خود اهو ماڊل بنگلاديش ۾ به ناڪام ٿي ويو. پاڪستان ۽ بنگلاديش ٻنهي لاءِ 90ع وارو ڏهاڪو توڙي 2008ع وارو دور اهم رهيا آهن.
بنگلاديش جي ماڻهن ۽ اتي عام راءِ توڙي پاليسيون جوڙيندڙن اهو سمجھي ورتو ته سياسي استحڪام تمام اهم آهي. ساڳئي وقت اهو ته حڪومت هلائڻ ۽ پاليسيون ٺاهڻ عام راءِ سان چونڊجي آيلن جو ڪم آهي. ان ۾ ڪنهن به رياستي اداري جي مداخلت نه هجڻ گھرجي. بنگلاديش 2008ع کان وٺي ان نقطي تي بيهي رهيو
. حسينه واجد تي ڪجهه معاملن ۾ تنقيد ڪري سگھجي ٿي، پر ڪجھه ڳالهيون سندس کاتي ۾ وڃن ٿيون. سياسي طور تي ورهايل ۽ ڏڦيڙ جو شڪار ملڪ ۾ استحڪام پيدا ڪيو. ملڪ کي معاشي ترقي جي واٽ تي آندو. ساڳئي وقت مذهبي انتهاپسندي خلاف قدم کنيا.
اهي حسينه واجد جا ئي نه پر اتي جي شعور جا فيصلا هئا. پاڪستان ۾ بنيادي پاليسين ۽ فيصلن بابت مداخلت سبب سمورن معاملن جو رخ ئي تبديل ٿي ويو. هڪ خيال جنهن جوا ظهار 2010ع ۾ بنگلاديش جي دوري دوران هڪ صحافي ظاهر ڪيو، ان ۾ وزن لڳي ٿو. سو اهو ته بنگلاديش کانپوءِ جيڪو نئون نسل خود ادارن ۾ اچي پيو، ان جو ايندڙ وقت ۾ وڏو اثر پئجي رهيوآهي. سماجي شعبي ۾ پرائمري تعليم، صحت، معاشي ترقي تي ڌيان ڏنو. وڏي ڳالهه اها آهي ته آبادي تي ڪنٽرول ڪيو، جڏهن بنگلاديش پاڪستان ۾ شامل هو ته اتي جي آدمشماري پاڪستان کان وڌيڪ هئي. 1971ع ۾ اتي آدمشماري تقريبن ساڍا ڇهه ڪروڙ 65.53 ملين هئي، جيڪا هاڻي 16 ڪروڙ ٿي وئي آهي. پاڪستان جي آدمشماري 5 ڪروڙ 90 لک هئي، جيڪا هاڻي وڌي 22 ڪروڙ 51 لک کان مٿي ٿي وئي آهي. هن وقت به بنگلاديش دنيا جي انهن ملڪن جي لسٽ ۾ ڏهين نمبر تي آهي، جتي ويم دوران عورتن جي مرڻ يا تازي ڄاول ٻارن جو موت گھٽ ٿئي ٿو.
يعني اتي حڪومتي ۽ سياسي معاملن کان سرڪاري ادارن کي پري رکڻ کانپوءِ معاشي سماجي شعبي تي ڌيان ڏنو ويو، بلڪه انهن ٽنهي شين کي ترجيحي بڻائي ملڪي پاليسين ۽ فيصلن جو بنياد بڻايو ويو.
2010ع ۾ ورلڊ وائلڊ لائف جي هڪ وفد سان گڏ مون به 15 کن ڏينهن بنگلاديش ۾ گذاريا. اصل ايجنڊا ته سندربن ٻيلو ۽ ڊيلٽائي علائقو ڏسڻ هو، مون سان گڏ ناز سهتو، اقبال خواجه ۽ امر گرڙو ۽ ڊان جي عورت صحافي ۽ ٻيا ڪجھه آفيسر هئا. منهجي، ناز ۽ اقبال خواجه جي فرمائش تي اسان کي ٻهراڙي جي غربت وارا علائقا، شهر جون ڪجھه ڪنڊون پاسا به ڏيکاريا ويا. بازارن ۾ دڪاندارن سان ڳالهه ٻولهه به ٿي. ايتري قدر جو بنگلاديش جي آزادي وارو ميوزيم ۽ ٻولي جي شهيدن جو چوڪ به ڏٺوسين.
دڪاندارن توڙي مختلف شعبن جي ماڻهن سان رسمي توڙي غير رسمي ڳالهين دوران ڪيتريون ئي نيون حقيقتون سامهون آيون. اسان ڏٺو ته اهي ماڻهو هڪ جذبي سان ۽ پنهنجي زندگي کي سڌارڻ لاءِ ڪم ڪرڻ ۾ سچا آهن.
يونيورسٽي ۾ هڪ شاگرد جيڪو اسان کي ڍاڪا کان 2 ڪلاڪن جي پنڌ تي هڪ ڳوٺ ۾ مليو، جنهن جو اقبال خواجه سان جھيڙو به ٿي پيو هو. ان هڪ وڏي ڳالهه ٻڌائي. هن چيو ته اسين دنيا کي ڏيکارڻ چاهيون ٿا ته اسين جڏهن پاڪستان کان حق گھري رهيا هئاسين ته اسان جو مطالبو صحيح هو. اسان اڳتي وڌي ۽ ترقي ڪري ڏيکارينداسين. لڳ ڀڳ اهڙيون ئي ڳالهيون دڪاندارن به ڪيون. بلڪه دڪاندارن اهو پئي چيو ته توهان (پاڪستاني) به هتي اچي پيا ٽيڪسٽائل جون صنعتون لڳايو.
مطلب ته جيڪڏهن گهربل سازگار معاشي ۽ سياسي حالتون هجن، انتها پسندي نه هجي، سماجي شعبي يعني تعليم، صحت ۽ رواداري ۽ عورتن جي تحفظ ۾ حڪومت ساٿ ڏئي ته پوءِ جذبو ڪم ڪري سگھي ٿو، يا وري انهيءَ جذبي کي انهن مٿي ڄاڻايل نقطن سان سلهاڙڻو پوندو، تڏهن ئي ترقي ٿي سگھندي ۽ اها ڳالهه سمجھه ۾ ايندي ته بنگلاديش ڪيئن ترقي ڪئي.