لڳي باهه ڀنڀور کي!

0
453

محترم محمد صالح مسعود 6 جون جي ڌرڻي جي ديانتداراڻي رپورٽنگ ڪندي لکي ٿو ته: “6 جون جي صبح جو اسان به ڌرڻي جي رپورٽنگ لاءِ سفر تي روانا ٿياسين. حيدرآباد ڪراچي هاءِ وي تي سفر ڪندي محسوس ٿيو ته اڄ 18 آڪٽوبر آهي، سنڌ ڪارساز طرف پنهنجي قائد محترمه جي آجيان ڪرڻ نڪتي آهي. بلڪل اهڙي ئي فضا هئي ۽ اهڙو ئي جوش خروش هو. هاءِ وي تي به ٻه ڀاڱي ٽي گاڏيون ڌرڻي ۾ شرڪت ڪرڻ وارن جون هيون. ڪاٺوڙ پل کان دنبي ڳوٺ پل تائين احتجاج ۾ شريڪ هزارن جي تعداد ۾ گاڏيون هيون. اسان چانهه پيئڻ نڪتاسين ته بحريه ٽائون کان دنبه ڳوٺ پل تائين شاهراهه جي ٻنهي پاسي عوام ئي عوام نظر آيو. مون ان کان پهرين سنڌ ۾ ايڏو وڏو عوامي احتجاج ڪڏهن به نه ڏٺو آهي. محتاط اندازي موجب اسي هزار کان هڪ لک تائين احتجاج ۾ شريڪ ماڻهن جو تعداد هو.”
اسان هزارين ماڻهن جي مجموعي کي اصطلاحن لکين ماڻهن جو ميڙ چوندا آهيون پر هي سنڌ جي قومي تحريڪ ۾ پهريون ڀيرو ٿيو آهي جو عملن لکين ماڻهن شرڪت ڪئي آهي. مٿي رپورٽ ڪيل تعداد کان سواءِ به ڪراچيءَ جو بيشمار عوام خاص طور تي وچين طبقي جا هزارين ماڻهو پنهنجي گاڏين ۾ ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ نڪتا هئا جيڪي ٽريفڪ بلاڪ ٿيڻ سبب ڌرڻي جي هنڌ تي نه پهچي سگهيا.قومي ڌرڻي ۾ عوام جي ايڏي عظيم الشان شرڪت انتهائي غير معمولي، حيران ڪندڙ ۽ اسان لاءِ انتهائي خوشيءَ جو باعث هئي پر ان ڪنهن ڪنهن کي پريشان ڪيو اهي سڀ ڀنڀور کي لڳل باهه ۾ پڌرا ٿي پيا آهن.
هنن کي ڪاوڙ ۽ پريشاني بحريه کي لڳل باهه تي ناهي، هنن کي پريشاني وٺي وئي آهي ته سنڌي قوم جو هي احتجاج ڪٿي ڪنهن تمام وڏي قومي بغاوت ۾ نه تبديل ٿي وڃي. اهو ئي سبب آهي جو ظلم ، استحصال ۽ قومي غلاميءَ جي سڄي رياستي مشينري تيزيءَ سان تحرڪ ۾ اچي وئي آهي ۽ قومي تحريڪ مٿان ڪڙڪي پئي آهي. هاڻي اڳواڻن کي لٺ ۽ چٺ ۽ عوام ۽ ڪارڪنن کي رياستي تشدد ذريعي دٻائڻ ۽ چٿڻ جو سلسلو شروع ٿي چڪو آهي. هاڻي سڀ هڪ نئين آزمائش مان گذري رهيا آهن.
مون 5 جون تي پنهنجي اخبار ۾ شايع ٿيل پنهنجي مضمون “نئون موڙ، نئين آزمائش” جي شروعات ئي ان امڪان سان ڪئي هئي ته “سنڌ جي قومي تحريڪ اڄ هڪ نئين موڙ تي پهچي وئي آهي، جيڪو سڀن لاءِ ڪٺن آزمائش جو ميدان به ثابت ٿي سگھي ٿو.جون جي سخت گرميءَ ۾ بحريه ٽائون ڪراچي جي گيٽ تي گڏ ٿيڻ جو جذبو به گرم لڳو پيو آهي، جنهن کي ٿڌو ڪرڻ يا ڪنهن غلط رخ ڏانهن موڙڻ جي منصوبا بندي به ٿي رهي آهي ۽ جنهن کي ناڪام ڪرڻ ۽ ڪا خاطرخواهه ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ هوش، جوش ۽ عقل سان پرامن مزاحمتي جدوجهد جو وڏو مچ مچائڻو پوندو.”
6 جون تي اسان پرامن مزاحمتي جدوجهد جو جيڪو مچ مچايو ان کي پرتشدد راهه تي موڙڻ جا منظر به اسان پنهنجي اکئين ڏٺا ۽ پوءِ جيڪو طوفان بدتميزي مچايو ويو تنهن قومي تحريڪ ۽ راءِ عامه کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو. اهو سڀ ڪجھه قومي تحريڪ کي ڏڦيڙ ۽ انتشار جو شڪار بڻائڻ جي منظم منصوبابنديءَ جو حصو آهي جنهن کي اسان کي وڏي ڌيرج ۽ سمجھداريءَ سان ناڪام بڻائڻو آهي ۽ پنهنجي مزاحمتي جدوجهد کي وڌيڪ منظم ۽ سگھارو ڪرڻو آهي ۽ ان ڳالهه جو خاص خيال رکڻو آهي ته اسان پنهنجي قومي ٻڌيءَ کي هر صورت ۾ قائم رکون، بلڪه وڌيڪ وسيع، سگھارو ۽ منظم ڪيون. اسان کي ڏڦيڙ ۽ انتشار ڦهلائيندڙ سڀني حرڪتن تي گھري نظر رکڻي آهي ۽ اهڙي تدبير ڪرڻي آهي جو ايئن نه ٿئي ته اسان جذباتي ردعمل ۾ اڃان ان انتقام کي وڌائي اڻڄاڻائيءَ ۾ انهن جي هٿان استعمال ٿيون.
اسان کي سنجيدگيءَ سان جائزو وٺندو رهڻو آهي، هر قدم هر موڙ تي 6 جون تي ۽ ان کان پوءِ ڇا ٿيو آهي، اچو ته سڀ کان پهرين ان جو جائزو وٺون. 6 جون کان سنڌ جي قومي ۽ مزاحمتي تحريڪ هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي آهي. 6 جون 2021ع کان اڳ تائين سنڌ جي قومي تحريڪ گھڻو تَڻو وچولي طبقي جي هڪ مخصوص حصي تائين محدود هئي جنهن کي وسيع اخلاقي حمايت ته حاصل هئي پر گڏوگڏ شديد تنقيد جي زد ۾ به هئي جڏهن ته 6 جون جي پرجوش عوامي شرڪت ۽ قومي احتجاج قومي تحريڪ ۾ هڪ نئون ڇال آندو آهي، جنهن ان کي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿيڻ لاءِ راهه کولي ڇڏي آهي. دراصل اها عوامي شرڪت ئي آهي جنهن سڀني اقتداري ايوانن کي ڇرڪائي ڇڏيو آهي ۽ هاڻي سڀ ملڪي توڙي بين الاقوامي پاليسي ساز ادارا سنڌ جي هن نئين تبديل ٿيل صورتحال جو نئين سر جائزو وٺندا ۽ پنهنجون نيون حڪمت عمليون جوڙيندا. هيءَ تاريخ ساز تبديلي آهي، جنهن سان طاقت جو توازن سنڌ ۽ سنڌ جي قومي تحريڪ جي حق ۾ تبديل ٿيڻ لڳندو. آمريڪا ۽ برطانيا جي اڳواڻيءَ ۾ اولهه جا منصوبا ساز هجن يا انڊيا ۽ چين جا اوڀر جا منصوبا ساز سڀني جي نظر ۾ پاڪستان اندر طاقت جو مرڪز پنجاب ۽ سنڌ جي سياسي طاقت جو محور پيپلزپارٽي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جي قومي تحريڪ ڪنهن کاتي ۾ ئي نظر نه آئي آهي پر هاڻي صورتحال يڪسر تبديل ٿي چڪي آهي. ملڪي توڙي بين الاقوامي طاقت جي مرڪزن ۽ پاليسي ساز ادارن ۾ هاڻ ان ڳالهه جو سنجيدگيءَ سان جائزو وٺڻ جي شروعات ٿي چڪي آهي ته آخر ڪهڙا ڪارڻ آهن جو سنڌي ماڻهو لکن جي تعداد ۾ پاڻ مرادو پيپلزپارٽيءَ جي خلاف رستن تي نڪري آيا، جڏهن ته هنن فقط پيپلز پارٽيءَ کي سنڌ جي نمائندگي ڪندڙ تنظيم ئي سمجھيو. 6 جون آيا پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جي مڪمل زوال جي شروعات جو ڏينهن آهي. 6 جون تي سنڌ جي ماڻهن سنڌ جي نڪ ۾ پيل اها ناڪيلي ٽوڙي پنهنجي ذهني آزاديءَ جو اعلان ڪيو آهي.
پنهنجي وسيع پسمنظر ۾ 6 جون جي تحريڪ رڳو بحريه ٽائون طرفان قديمي ڳوٺن کي قبضي ۽ توسيع جي خلاف تحريڪ ناهي پر سنڌ جي سرزمين، سنڌو نديءَ جي پاڻي ۽ سنڌي سمنڊ ۽ ان جي بندرگاهن تي مسلسل قبضي، والار ۽ ڌاري آبادڪاريءَ خلاف تحريڪ آهي. بلاشڪ اسان هن تحريڪ کي سنڌ جي سرزمين تي وڌندڙ والار خلاف تحريڪ سڏي سگھون ٿا جنهن ۾ ملڪ رياض ۽ آصف زرداري سڀ کان وڌيڪ تنقيد ۽ نفرت جو نشان بڻيا آهن. بحريه ۽ ملڪ رياض رياستي ڏاڍ ۽ جبر جي علامت ۽ آصف زرداري ۽ پيپلز پارٽي ان ظلم، ڏاڍ ۽ والار ۾ رياستي سهولتڪار بڻيل آهن جنهن ڪري ئي هو نئين مزاحمتي تحريڪ جي نشاني تي آهن. اهو به پهريون ڀيرو ٿي رهيو آهي جو قومي مزاحمتي تحريڪ کي ڪراچي ۽ پنجاب جي صحافين، دانشورن ۽ انساني حقن جي تنظيمن طرفان به مثبت موٽ ملڻ شروع ٿي آهي جيڪا تمام گھڻي اهميت رکي ٿي. دراصل ملڪ رياض اينڊ ڪمپني جي والار ۽ قبضي گيري ۽ رشوتخوري، سياسي اثر رسوخ ۽ پنهنجي حقن ۾ رياستي مشينريءَ جي استعمال جو نشانو ڪراچي ۽ پنجاب جا صحافي ۽ عام ماڻهو به بڻجندا رهيا آهن پر هو ان جي آڏو پاڻ کي بلڪل بيوس محسوس ڪندا رهيا آهن.
سنڌ جي عوام جو هي احتجاج سندن دلين جي ڌڙڪڻ ۽ ضمير جو آواز بڻيو آهي جنهن جو واضح اظهار لاهور جي ڪامريڊ فاروق طارق جي ان وڊيو بيان منجھان ٿي رهيو آهي جنهن ۾ هو سنڌي عوام کي ڀيٽا پيش ڪندي چوي ٿو ته: “6 جون 2021ع تي سنڌي عوام بحريه ٽائون جي گيٽ تي هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي زبردست مظاهرو ڪيو،. جڏهن کان ملڪ رياض زمينن تي قبضا ڪري هائوسنگ اسڪيمون شروع ڪيون آهن تنهن خلاف اها تحريڪ زمينن تي قبضاگيريءَ خلاف سڀ کان وڏي مزاحمتي تحريڪ هئي جنهن تي اسان سنڌي عوام کي سُرخ سلام ٿا پيش ڪيون ۽ سمجھون ٿا ته ملڪ رياض جيڪو هر ڀيري حڪمرانن کي چاهي اهو نوازشريف هجي، اهو زرداري هجي يا عمران خان، انهن کي پئسا ڏئي پنهنجو ڪم ڪڍندو رهيو آهي. ملڪ رياض اسلام آباد جي سوين ڳوٺاڻن جي زمينن تي قبضا ڪري، انهن کي ڪيسن ۾ ڦاسائي، سندن زمينن تي قبضو ڪري بحريه ٽائون ٺاهيو هو. لاهور ۾ به ساڳي صورتحال آهي. ڪائي جڳهه اهڙي ناهي جتي هن بحريه ٽائون ٺاهڻ لاءِ غريب هارين جي زمينن تي قبضو نه ڪيو هجي.
هن لاهور جي رنگ روڊ ۾ به رڪاوٽو وڌيون آهن، ملڪ رياض پاڪستان ۾ پنهنجي هڪ عليحده حڪومت بڻائي رکي آهي، بحريه ٽائون، رياست اندر هڪ رياست بڻيل آهي پر ڪالهه سنڌي عوام ان رياست کي زبردست ٿڏو هنيو آهي. هزارن جي تعداد ۾ گڏ ٿي سنڌي عوام ملڪ رياض کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هيءَ چنڊ ڏانهن هڪ طرفي اُڏام (One way Ticket to moon) ناهي جو تون جيڪي ڪندو رهندي ماڻهو ڪجھه به نه ڪڇندا.
هاڻي ماڻهو مزاحمت ڪندا رهندا. انگريزي اخبار ڊان جي بهادر صحافڻ نزيحه سيد ته سالن کان ايمانداراڻي تحقيقي جرنلزم جو مثال قائم ڪندي بحريه ٽائون جي قبضاگيريءَ ۽ لالچ جا پردا فاش ڪندي ٿي رهي تنهن به 6 جون جي ڌرڻي تي پنهنجو وڊيو بيان جاري ڪيو آهي. طلعت حسين، عمران خان ملڪ ۽ ٻين صحافين به پنهنجا وڊيو بيان جاري ڪيا آهن. طلعت حسين، عمران خان ملڪ ۽ ٻين صحافين به پنهنجي وڊيو بلاگس ۾ ملڪ رياض جي ڪارستانين سان گڏوگڏ رياستي ميڊيا طرفان ان تي مڪمل خاموشي، 6 جون جي ڌرڻي جي ڪا به رپورٽنگ نشر نه ڪرڻ تي به سخت تنقيد ڪئي آهي.
ڪراچي ۾ هيومن رائيٽس ڪميشن آف پاڪستان (HRCP) طرفان ڪوٺايل سول سوسائٽي ۽ ٽريڊ يونين تنظيمن جي گڏجاڻيءَ ۾ به جسقم چيئرمين صنعان قريشي جي گھر تي ڇاپي، گرفتاري ۽ گمشدگيءَ جي مذمت ڪندي سنڌ ايڪشن ڪاميٽي جي ڪنوينر محترم جلال محمود شاهه، زين شاهه، قادر مگسي، خدا ڏنو شاهه، گل حسن ڪلمتي، خالق جوڻيجو سميت سڀني سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ ۽ بيگناهه ڪارڪنن جي گرفتاريءَ ۽ مٿن تشدد جي شديد مذمت ڪئي آهي.
ان سان گڏوگڏ سنڌ جي هن نئين مزاحمتي تحريڪ جي حمايت جو سلسلو ڏينهون ڏينهن وسيع ٿي رهيو آهي. هاڻ سنڌ جي قومي تحريڪ لاءِ به هي سونهري موقعو آهي ته پنهنجي عمل جو دائرو وسيع ڪري ۽ سنڌ جي سمورين ڪميونٽيز کي پاڻ سان جوڙي، ان ڳالهه جي اهميت ان ڪري به انتهائي اهم آهي جو ملڪ رياض، آصف زرداري ڪمپني، ايم ڪيو ايم پاڪستان کي آڏو آڻي سڄي معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ، مزاحمتي جدوجهد جو رخ موڙڻ جي سرٽوڙ ڪوشش ڪري رهيا آهن.
اسان کي گڏوگڏ سڄي ملڪ ۾ ٻاهرين دنيا ۾ پنهنجي حق ۾ اڀرندڙ آوازن کي به پاڻ سان ملائي ملڪي سياست ۾ به هڪ نئون مؤثر آواز بڻجڻ گھرجي ۽ بين الاقوامي حمايت جو مضبوط بنياد حاصل ڪجي. اسان کي هر سطح تي، سنڌ سطح تي، ملڪي سطح تي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجا دوست ۽ اتحادي وڌائڻا آهن ۽ دشمن ۽ مخالف گھٽائڻا آهن، اسان کي “دوست وڌايو، دشمن گھٽايو” جي پاليسي ۽ حڪمت عملي اختيار ڪرڻي آهي. اسان کي پنهنجي صفن ۾ به اتحاد قائم رکڻو آهي ۽ پنهنجي دوستن ۽ اتحادين جو دائرو ملڪي ۽ بين الاقوامي سطح تي به وسيع ڪرڻو آهي. 6 جون جي تحريڪ ان لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪري ورتو آهي.