سنڌ ۾ سياسي تحرڪ کي ٻيهر جيئاريندڙ احتجاج

0
321

ڪراچي ۾ بحريا ٽائون جي والار خلاف سنڌين جي گڏيل احتجاج کانپوءِ سنڌ ۾ هڪ قسم جو اهڙو سياسي تحرڪ اڀري پيو آهي جنهن کي دٻائڻ ۾ مقتدر قوتن کي وڏو وقت لڳو هو.انهن ڪجهه پارٽين جي جهنڊن کان ويندي انهن جي ڪتابن تائين اڻ اعلانيل بندش هڻي ڇڏي هئي ته اهي قومپرست پارٽيون دهشت هيٺ دٻجي روڊن رستن تي نڪرڻ ڇڏي ڏين.انهن جي اها مشق ٻن ڏهاڪن کان جاري هئي ۽ هو ڪنهن قدر ان ۾ ڪامياب به ويا هئا.پر سنڌي ماڻهن جي مزاج کان اڻ واقف انهن قوتن کي شايد اها خبر نه هئي ته سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ ڪنهن به وقت ڀڙڪو ڏئي جاڳي پوي ته پوءِ انهن لاءِ جيل سختيون يا پابنديون ڪا معنيٰ نٿيون رکن.ان وقت اهي ڪنهن مخصوص هڪ پارٽي جا ماڻهو نه پر سنڌ جا ماڻهو، سنڌين جا ماڻهو ٿي اٿي بيهن ٿا ۽ انهن جي هٿ ۾ ڪو نه ڪو جهنڊو هجي ٿو ۽ انهن جي زبان تي اهڙو ته نعرو اڀري اچي ٿو جنهن کي ڪا به قوت خاموش نٿي ڪرائي سگهي.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون خلاف ڪيل احتجاج کي توڙي جو هڪ هفتو گذري چڪو آهي پر ان جا سياسي ۽ سماجي اثر اڃان تائين مختلف طريقن سان سامهون اچي رهيا آهن.پاڪستان جي مقتدر قوتن کي جيئن ماضيءَ ۾ اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي هئي ته ڪامريڊ ڄام ساقي ڪميونسٽ هوندي ريلوي اسٽيشنن جا نالا سنڌيءَ ۾ لکرائڻ جي تحريڪ جو حصو ڪيئن بڻيو آهي، تيئن ئي هاڻي کين اها ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته عوامي ورڪرز پارٽي کان ويندي عوامي تحريڪ جهڙيون پارٽيون ان احتجاج جو حصو ڪيئن بڻيون آهن.اهو انهن جو ڏوهه نه پر انهن جي استادن جو ڏوهه آهي جيڪي سنڌين جي خمير ۾ ويٺل وطن سان پيار کان اڻ واقف آهن.اها ڳالهه غير سنڌي محقق به مڃين ٿا ته سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ٻولي، ثقافت، درياءَ ۽ ڌرتيءَ سان غيرمشروط محبت ڪن ٿا.انهن جو ڀلي ته ڪهڙي به سياسي يا مذهبي جماعت سان واسطو هجي پر جڏهن ڳالهه ثقافت جي ايندي ته هو هڪ صحافي علي قاضيءَ جي سڏ تي به نڪري سنڌي ٽوپي اجرڪ ڏينهن گڏجي ملهائيندا ۽ جيڪڏهن ڳالهه درياءَ تي ايندي ته هو ڪالاباغ ڊيم خلاف احتجاج ۾ نه رڳو گڏ هوندا پر مذهبي جماعتون ان منصوبي خلاف پنهنجي پنهنجي عالمن کان فتوائون به جاري ڪرائينديون.تنهن ڪري سنڌين جي ان نفسيات کان اڻ واقف ماڻهو ئي سنڌين کي هن ڪامياب احتجاج بعد برو ڀلو چئي رهيا آهن.بحريا ٽائون خلاف سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي گڏيل احتجاج بعد اهڙا ڪيئي منظر ڏسڻ وٽان مليا آهن جيڪي اڳ ۾ شايد ئي ڏسي سگهيا هجون.بحريا ٽائون سان بظاهر همدردي جي اظهار ۾ ڪهڙي جماعت آهي جيڪا رهجي وئي هجي.حڪمران جماعت پيپلزپارٽي ۽ مخالف جماعت پي ٽي آئي جي اڳواڻن پنهنجي سر پاڻ وڃي بحريا ٽائون انتظاميا سان نه رڳو همدردي جو اظهار ڪيو پر حڪمران جماعت ته نقصان جي ازالي ڪرڻ جي به ڳالهه ڪئي.بحريا ٽائون انتظاميا سان بظاهر همدردي ڪندڙ جماعتن ۾ اهي ايم ڪيو ايمي اڳواڻ به شامل هئا جن سنڌين مٿان پنهنجي پراڻي باهه ڪڍي آهي جيڪي احسان فراموش سدائين سنڌين مٿان ڏمريل هوندا آهن.انهن کي سنڌ ايڪشن ڪميٽي خلاف ٻي ڪا ڳالهه نه سجهي ته انهن چيو ته هي سنڌوديش ٺاهڻ آيا هئا. انهن مان هڪ اڳواڻ فيصل سبزواري ته ساڳي روايتي لٻاڙ هنئي ته اسان بانيان پاڪستان جو اولاد آهيون ۽ اسان پاڪستان ٺاهيو آهي ان زهر اوڳاڇيندڙ اڳواڻ کان ڪير پڇي ته جنهن وقت جلال محمود شاهه جو ڏاڏو جي ايم سيد پاڪستان جي حق ۾ سنڌ اسميبلي ۾ قرارداد جي حمايت ڪري رهيو هو ان وقت فيصل سبزواري جو ڏاڏو انڊيا جي ڪهڙي شهر ۾ سبزي وڪڻي رهيو هو. ايم ڪيو ايمي اڳواڻن پنهنجي تقريرن ۾ ڄاڻي واڻي سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي احتجاج کي ان قسم جو رنگ ڏنو آهي ته جيئن سنڌي مشتعل ٿين ۽ سنڌ جون حالتون نوي واري ڏهاڪي جي لساني فسادن طرف ڌڪي سگهجن پر انهن کي شايد خبر ناهي ته سنڌين جي نئين نسل مان اهڙي اميد هرگز نه رکن ڇو ته هاڻ سنڌين پنهنجي اجتماعي شعور کي ڪافي جذباتي نعرن ۽ جذباتي عملن کان مٿي آڻي ڪافي ميچوئر ڪيو آهي.ايم ڪيو ايم وارا ته ٿيا سنڌين جا ازلي دشمن جيڪي ڪو نه ڪو بهانو ڳولي سنڌين خلاف وعده معاف گواهه بڻجي سنڌين جي سياسي قوت کي چٿڻ جون هشيون ڏيندا رهن ٿا پر ليکڪ دوست ڊاڪٽر حميد سبزوئي چواڻي ته بحريا ٽائون خلاف احتجاج دوران ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن جو موقف ۽ نورالهديٰ شاهه جو موقف ساڳيو ڏسي ڪافي ليکڪن کي افسوس ۽ اچرج ٿيو.
سنڌ ايڪشن ڪميٽي پاران بحريا ٽائون خلاف ڪيل احتجاج بعد خدشو اهو هو ته سڀ ماڻهو حڪمرانن جو ڏاڍ ڏمر ڏسي خاموش ٿي ويندا ۽ اهو احتجاج به ٻين ڪيترن ئي احتجاجن جيان صرف ڪاغذن تائين محدود رهجي ويندو.پر عجيب ڳالهه ٿي آهي ته انهن پارٽين اهو احتجاج ڪامياب ڪرايو آهي جن مٿان حڪمران جماعت پيپلزپارٽي هميشه ٽانگا پارٽين جو الزام هڻندي رهي آهي ۽ انهن کي هڪ يو سي به کٽي نه سگهندڙ پارٽيون سڏيندي رهي آهي.پر سنڌين جي اجتماعي سڏ تي جڏهن اهو احتجاج ڪامياب ويو آهي ته هر پاسي هڪ نئون اتساهه ۽ سياسي تحرڪ وارو جذبو پيدا ٿي پيو آهي.بحريا ٽائون خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان ڪيتريون ئي ايف آئي آرز درج ٿيڻ بعد ماڻهن ۾ مايوسي بدران حوصلو وڌيو آهي.ڪراچي جي دهشگردي جي انت واري عدالت ۾ جڏهن گرفتار ڪارڪنن کي پيش ڪيو ويو ته ڪراچي جا ڪيترائي وڪيل انهن جي قانوني مدد ڪرڻ پهچي ويا.هڪ سئو ويهه گرفتار ماڻهن جي قانوني مدد ڪرڻ سان گڏ انهن کي ڪراچي جي سنڌي وڪيلن پنهنجي هٿن سان ايئن برياني جون پليٽون کڻي پئي کارايون ڄڻ هو سندن ڪنهن ذاتي ڪاڄ ۾ آيل هئا.ڪراچي جي سنڌي وڪيلن جو اهڙو جذبو ڏسي هر ماڻهو ان جي ساراهه ڪرڻ لڳو.ان سان گڏوگڏ مختلف ماڻهن مختلف قسم جي مدد ڪرڻ شروع ڪئي.حيدرآباد مان فقراهي سٿ جي اڳواڻن انهن سمورن هڪ سئو ويهه قيدين لاءِ روزانو ضرورت وارين شين تي مشتمل پيڪيٽ تيار ڪرايا جيڪي انهن جي وڪيلن حوالي ڪيا ويا.اهڙي طرح مختلف فنڪارن پڻ بحريا ٽائون جي والار خلاف مختلف قسم جا وڊيوز تيار ڪري سوشل ميڊيا تي عام ڪيا.اهڙي گهڻ طرفي سرگرمي ڏسي مقتدر قوتن کي خدشو ٿي پيو آهي ته هو سنڌ مان جنهن قومپرستي واري جذبي يا مزاحمت جي پاڙ پٽڻ لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهن ان ۾ هاڻوڪي اڀار بعد گهٽتائي آڻڻ ايترو به سئولو ڪم ناهي جيترو کين ٻڌايو ويو هو.
بحريا ٽائون واري مظاهري ۾ ناميارو ليکڪ ۽ پيارو دوست گل حسن ڪلمتي به مليو جنهن پنهنجي ڳچيءَ ۾ پيل رومال سان پگهر اگهندي چيو يار اسان ته سالن کان چئون پيا ته بابا ملير جون زمينون وڃن پيون مالڪي ڪريو پر توهان جاڳوئي نه پيا .هن ماڻهن جو هجوم ڏسي چيو هاڻي به جاڳيا آهيو ته خوشي جهڙي ڳالهه آهي هن احتجاج بعد وري سمهي نه پئجو ڇو ته ملڪ رياض جي ننڊ ڦٽي وئي هوندي.ملڪ رياض جي ننڊ ڦٽي هجي يا نه پر سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن کي سنڌ ۾ اڀري آيل ان نئين تحرڪ کي جاري رکڻ لاءِ ڪا مضبوط ۽ جٽادار حڪمت عملي جوڙڻي پوندي ته جيئن اڳتي هلي سنڌي ماڻهن جي اها موٽ کين ووٽ جي صورت ۾ نصيب ٿي سگهي ۽ هو ايوانن تائين سنڌين جو گڏيل آواز پهچائي سگهن.