برطرف ڪيل ملازم بحال ٿيندا يا نه؟ فيصلو وري سڀاڻي ٻڌايو ويندو

0
264
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد
حڪومت ۽ سپريم ڪورٽ آمهون سامهون: فل ڪورٽ جوڙڻ واريون درخواستون رد

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ 16 هزار برطرف ڪيل سرڪاري ملازمن جي بحالي بابت فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو سڀاڻي ساڍي يارهين وڳي ٻڌايو ويندو، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومت جي تجويزن نه پر آئين ۽ قانون موجب فيصلو ڪنداسين

سپريم ڪورٽ ۾ سيڪڊ ايمپلائيز ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ خلاف نظرثاني ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ اٽارني جنرل خالد جاويد خان پيش ٿي ڪري دليل ڏنيا، ڪيس جي ٻڌڻي جسٽس عمر عطا بنديا جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ ڪئي

اٽارني جنرل خالد جاويد خان چيو ته حڪومت ملازمن جي بحالي چاهي ٿي، اسان ڪالهه جيڪي تجويزون ڏنيون آهن اهي درخواست ڏيندڙن جي رضامندي سان مشروط آهن، گريڊ هڪ کان ستين جي ملازمن کي بحال ڪيو وڃي

اٽارني جنرل چيو ته جيڪي ملازم مس ڪنڊڪٽ جي ڪيٽيگري ۾ اچن ٿا انهن کي سفارشن ۾ شامل ناهي ڪيو ويو، جيڪڏهن پارٽيون متفق نه ٿيون ته حڪومت نظرثاني واري موقف تي قائم آهي

جسٽس سجاد علي شاهه چيو ته توهان جي چوڻ جو مطلب اهو آهي ته جيڪڏهن درخواستون رد ٿيون ته حڪومت انهن تجويزن تي عمل ڪندي، جنهن تي اٽارني جنرل چيو ته سپريم ڪورٽ نظرثاني منظور ڪري ۽ فيصلو ڏيئي

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته هي ڪيس نظر ثاني جو ناهي، هي ڪيس ٻيهر ٻڌو ويو آهي، اسان بنيادي حقن جو تحفظ ڪري رهيا آهيون، سڀئي ججز متفق آهن ته هي عوامي مفاد جو ڪيس آهي، اڄ فيصلو محفوط ڪيون ٿا ۽ سڀاڻي ٻڌائينداسين

ھي به پڙھندا

ڪرپشن تي ڪڍيل ملازمن کي پارليامينٽ ڪيئن بحال ڪري سگهي ٿي؟: سپريم ڪورٽ