انٽربينڪ ۾ ڊالر مهانگو، سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي

0
1580
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو
ڊالر ۾ لاٿ برقرار:291 رپين تي پهچي ويو: سون ٻيهر 1900رپيا مهانگو

ڪراچي(ڪامرس نيوز) ڪالهه ڊالر ۽ سون جي اگهه ۾ معمولي گهٽتائي آئي جڏهن ته انٽربينڪ ۾ ڊالر مهانگو ٿيو. ڪالهه اوپن مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمت 181 رپيا 20 پئسا رهي. انٽربينڪ  ۾ ڊالر جي قيمت ۾ 10 پئسن جو اضافو ٿيو ۽ هڪ ڊالر 177 رپيا 88 پئسا مان وڌي 177 رپيا 98 پئسا ٿي وئي

اضافي جي شرح 0.06 سيڪڙو رهي ماهرن موجب آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط ملڻ ۾ غيريقيني جي ڪري ڊالر جي قيمت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ رقم ملڻ تائين اها غيريقيني جي صورتحال برقرار رهندي. ڪالهه سون جي قيمت ۾ 100 رپيا تولو گهٽتائي ٿي

هڪ ڏينهن اڳ سون جي قيمت هڪ لک 24 هزار 600 رپيا هئي. ڪالهه سون 100 رپيا تولو سستو رهيو ۽ سونارا مارڪيٽ ۾ في تولي جي قيمت هڪ لک 24 هزار 500 رپيا ٿي وئي

ھي به پڙھندا

کير جون نيون قيمتون مقرر ٿيڻ باوجود معاملو نه نبريو: ڪمشنر ذاتي حيثيت ۾ طلب