ڪرپشن تي ڪڍيل ملازمن کي پارليامينٽ ڪيئن بحال ڪري سگهي ٿي؟: سپريم ڪورٽ

0
340
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ
نيب ترميمن خلاف پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي فيصلو محفوظ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ ۾ برطرف ملازمن جي بحالي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته حڪومتي قدمن ۾ شفافيت هجڻ گهرجي

پي ايس او جي وڪيل فيصل صديقي چيو ته عدالت قانون کي ڪالعدم قرار ڏيندي به ملازمن کي تحفظ ڏئي سگهي ٿي، خبر آهي ته عدالت مستبقل ۾ ڪوبه نامناسب ضابطو نه ٺاهيندي

جسٽس منضور علي شاهه چيو ته ڪرپشن تي ڪڍيل ملازمن کي پارليامينٽ ڪيئن بحال ڪري سگهي ٿي

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ڪرپشن جي الزام ۾ برطرف ڪيل ملازمن کي بحالي قانون ۾ تحفظ حاصل نه هو، جسٽس قاضي امين چيو ته سپريم ڪورٽ ڪنهن به ملازم کي برطرف ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو هو، عدالت ماضي جي اصولن تي عمل ڪندي قانون کي ڪالعدم قرار ڏنو هو

جسٽس منصور علي شاهه چيو ته جمهوريت ۾ قانون سازي پارليامينٽ ذريعي ٿيندي آهي، پارليامينٽ سپريم آهي، آرڊيننس جو دائرو محدود آهي، آرڊيننس رڳو ضروري حالتن جي صورت ۾ جاري ڪري سگهجي ٿو، مارشل لا جي دور کان سواءِ هر آرڊيننس کانپوءِ ايڪٽ آف پارليامينٽ آهي، آرڊيننس تحت بحال ملازمن کي ايڪٽ ۾ تحفظ نه ڏنو ويو، آرڊيننس جي تحت 2009 ۾ بحال ٿيل هن وقت تائين ڪيئن برقرار رهي سگهن ٿا

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته حڪومت آرڊيننس ذريعي عبوري قانون سازي ڪري سگهي ٿي، آئين تحت قانون سازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي

فيصل صديقي چيو ته سپريم ڪورٽ برطرف ڪيل ملازمن کان ريڪوري جو حڪم به ڏنو آهي، ريڪوري جي لاءِ ملازمن جي رٽائرمنٽ سهولتون روڪيون پيون وڃن، وڪيل جي دليلن بعد عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ھي به پڙھندا

هاير ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ نجي يونيورسٽيز جا غيرقانوني ڪئمپسز بند ڪرڻ جو حڪم