گئس جا ذخيرا ڳولڻ ۽ ورڇ وارا ڪم سنڌ حوالي ڪيا وڃن: امتياز شيخ

0
210

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ جو وفاقي وزير توانائي جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته تبديلي سرڪار جي اقتدار ۾ اچڻ بعد گئس بحران تاريخي سطح تائين پهچي چڪو آھي

پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته گرمي هجي يا سيارو عوام کي گئس بندش جو شڪار بڻجڻ لازمي ٿي ويو آھي، وقت سر ايل اين جي درآمد ڪئي وڃي ها ته عوام کي هاڻوڪي حالتن جو منهن ڏسڻو نه پوي ها

هن چيو آهي ته ناڻي بابت وزير اعظم جو مشير ايل اين جي جي وقت سر درآمد نه ڪرڻ جو ڏوھ قبول ڪري چڪو آھي، سنڌ مان هن وقت به ايتري گئس نڪري پئي جو پوري ملڪ جي ضرورت پوري ٿي سگهي ٿي

امتياز شيخ چيو آهي ته وفاق مقامي گئس جي منصفاڻي ورهاست نھ پيو ڪري، وفاق جي هن عمل سان پورو ملڪ گئس بحران کي منهن ڏئي رهيو آھي، وفاقي وزير اطلاعات ۽ توانائي اڄ به قوم سان غلط بياني ڪري رهيا آھن

هن چيو ته وفاقي وزير جو مقامي گئس جي پداوار ۾ 9 سيڪڙو سالياني گهٽتائي وارو تاثر سندن نااهلي تي پردو وجهڻ جي ڪوشش آهي، اسان جو اڄ به وفاقي وزيرن کي چيلينج آھي، گئس جا نوان ذخيرا ڳولڻ ۽ ورڇ وارو ڪم سنڌ حوالي ڪيو وڃي، وفاقي حڪومت کي سنڌ سميت پوري ملڪ جون ضرورتون پوريون ڪري ڏيکارينداسين