هاير ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ نجي يونيورسٽيز جا غيرقانوني ڪئمپسز بند ڪرڻ جو حڪم

0
271
سپريم ڪورٽ ۾ اختيارن

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) هاير ايجوڪيشن ڪميشن کي ملڪ ۾ نجي يونيورسٽيز جا غيرقانوني ڪئمپسز بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي، سپريم ڪورٽ هيڪ کي هڪجهڙي پاليسي تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي

عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو آهي ته هيڪ غيرقانوني ڪئمپسز مان پاس آئوٽ ٿيل شاگردن کي مخصوص طريقي سان ڊگريز مهيا ڪري، نوجوان نسل کي اعليٰ تعليم جي فراهمي تي ڪابه سوديبازي نه ڪئي ويندي

عدالت چيو آھي تھ وفاق ۽ صوبائي حڪومتون هيڪ جو معيار برقرار رکڻ لاءِ مڪمل سهڪار ڪن، هيڪ واضح ڪيو آهي ته يونيورسٽيز کي پنهنجي حدن کان ٻاهر ڪئمپسز قائم ڪرڻ جي اجازت ناهي، وفاق ۽ صوبائي حڪومتن هيڪ سان ڪوبه سهڪار ناهي ڪيو

نيب کي جاچ ڪرڻ جي ضرورت نه آهي، هيڪ ۾ ڪمزوريون آهن ته وفاق کي قانون ۾ ترميم جو حڪم ڏينداسين، لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو صحيح ۽ حقيقتن تي ٻڌل قرار ڏنو ويو آھي

ملڪ ۾ هر پاسي اشرافيا جو قبضو آهي، ماڻهو پئسو ٺاهي پرڏيهه ۾ لڪائي ڇڏيندا آهن: سپريم ڪورٽ