ڪراچي ۾ گهر کي باهه لڳڻ سبب عورت سڙي فوت، ٻارڙي زخمي

0
162

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ محمدي گرائونڊ ويجهو گهر کي باهه لڳڻ سبب هڪ عورت سڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته هڪ ٻارڙي سڙي زخمي ٿي پئي

ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته فوت ٿيل عورت ۽ زخمي ٻارڙي کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا