برطانيا ۾ جل پري جو ڍانچو برآمد: ماهر افسانوي ڪردار جي حقيقت ڏسي حيران

0
203

لنڊن (دلچسپ نيوز) برطانيا ۾ جل پري جو ڍانچو برآمد، ماهر افسانوي ڪردار جي حقيقت ڏسي حيران ٿي ويا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب مرسيسائيڊ نالي سمنڊ جي ڪناري تي سائنسدانن جي هڪ ٽيم کي افسانوي ڪردار جل پري جو ڍانچو هٿ آيو آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته افسانوي ڪردار جل پري جو هيٺيون ڌڙ مڇي ۽ مٿيون ڌڙ ڪنهن خوبصورت عورت وانگر هوندو آهي، دنيا جي ڪيترن ئي تهذيبن ۽ ثقافتن ۾ ان جو ذڪر ملي ٿو، سائنسدان به ان جي لاڳيتو کوجنا ڪندا رهندا آهن. برطانيا جي سامونڊي شهر ليورپول جي مرسيسائيڊ ڪناري وٽان جل پري جو ڍانچو هٿ اچڻ بعد تحقيق شروع ڪئي وئي آهي جڏهن ته ماهر پڻ ان حوالي سان حيران آهن ته اهو ڪيئن ممڪن ٿي سگهي ٿو ته اهي هڪ افسانوي ڪردار کي حقيقت ۾ ڏسي رهيا آهن. تنهن هوندي به سندن چوڻ آهي ته انهن هڏين کي جل پري جو ڍانچو چوڻ وقت کان اڳ ٿيندو ڇاڪاڻ ته ممڪن آهي اها ڪا مڇي هجي.