آن لائن کاڌو گهرائيندڙ عورت کي تريل ٽوال ملي ويو

0
331

منيلا (دلچسپ نيوز) آن لائن کاڌو گهرائيندڙ عورت کي تريل ٽوال ملي ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب فلپائن جي شهر منيلا ۾ هڪ عورت چڪن بروسٽ گهرائڻ لاءِ آن لائن آرڊر ڏنو، ريسٽورينٽ پاران پنهنجي صارف کي رائيڊرذريعي کاڌو پهچايو ويو، ايليق پريز نالي عورت جولي بي نالي ريسٽورينٽ جو اهو چڪن بروسٽ کائڻ شروع ڪيو ته حيران ٿي وئي ڇاڪاڻ ته چڪن چٻاڙڻ دوران ڏندن ۾ ڦاسڻ لڳو، جنهن بعد هن ان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ته اهو ٽوال نڪتو. ان حوالي سان ايليق پريز جو چوڻ هو ته چڪن کي ٽڪرا ڪرڻ بعد پتو پيو ته اهو چڪن بروسٽ نه پر تريل ٽوال آهي. عورت بعد ۾ ان جي تصوير ڪڍي سوشل ميڊيا تي رکي جيڪا وائرل ٿي وئي. تصوير وائرل ٿيڻ بعد انتظاميا ريسٽورينٽ کي ٽن ڏينهن لاءِ سيل ڪري ڇڏيو جڏهن ته معاملي جي جاچ پڻ شروع ڪئي وئي آهي.