هارين کي ڇڏائڻ لاءِ ساٿي گواهه طور ڳئون کي وٺي آيا

0
352

نئين دهلي (دلچسپ نيوز) هارين کي ڇڏائڻ لاءِ ساٿي گواهه طور ڳئون کي وٺي آيا. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب ڀارتي رياست هريانه جي شهر توهانا ۾ پوليس ٻن هارين کي گرفتار ڪيو، گرفتارڪيل هارين تي قانو ساز اسيمبلي جي هڪ ميمبر جي گهر جي چوڌاري گهمڻ جو الزام هو، ساٿي هارين کي ڇڏائڻ لاءِ ٻيا هاري ڳئون وٺي پوليس اسٽيشن پهچي ويا. هارين جو چوڻ هو ته اسان جي ٻن ساٿين جي گرفتاري وقت اها ڳئون به اتي موجود هئي، پوليس خلاف اها ڳئون 41 هين گواهه طور پيش ڪريون ٿا. رپورٽ موجب ٻنهي هارين کي پوليس عدالت ۾ پيش ڪيو، کين ضمانت تي آزاد ڪيو ويو.