بالي ووڊ اسٽارز ۽ ويجها دوست شلپا کان رستا ڌار ڪرڻ لڳا

0
183

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اسٽارز ۽ ويجها دوست شلپا کان رستا ڌار ڪرڻ لڳا آهن. ڀارتي ميڊيا جي هڪ رپورٽ موجب اداڪارا شلپا شيٺي جي مڙس پاران فحش فلمن جي اسڪينڊل بعد ڏکيا ڏينهن شروع ٿي ويا آهن ۽ ڪيترائي دوست ۽ اداڪار شلپا جو فون کڻڻ لاءِ به تيار ناهن. ڀارتي ميڊيا موجب ڪجهه ويجهن دوستن نالو ظاهر نه ڪرڻ تي ٻڌايو ته هن وقت شلپا سخت ذهني دٻاءُ جو شڪار آهي ڇاڪاڻ ته ڪيترائي ويجها دوست ۽ اداڪار کيس ڇڏي چڪا آهن.