آءِ سي سي ون ڊي رينڪنگ ۾ بابر اعظم پهرين نمبر تي برقرار

0
144

دبئي(اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي ون ڊي پليئرز جي رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي، قومي ڪپتان بابرا عظم پهرين نمبر تي برقرار آهي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل(آءِ سي سي) طرفان جاري ڪيل ون ڊي پليئرز جي رينڪنگ ۾ ڪپتان بابر اعظم پهرين ۽ ڀارت جو ويرات ڪوهلي ٻئين نمبر تي آهن. پاڪستان جي فخر زمان جو رينڪنگ ۾ 11 هون نمبر آهي، آسٽريليا جي ڊيوڊ وارنر ستين، ڏکڻ آفريڪي ڪوئنٽن ڊي ڪوڪ اٺين نمبر تي آهي. ون ڊي بالرز جي رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جي بالر ٽرينٽ بولٽ جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته آسٽريليا جي فاسٽ بالر جوش هيزل ووڊ جي ٻئي نمبر تي ترقي ٿي آهي. ٽاپ ٽين بالرز ۾ پاڪستان جو ڪوبه بالر شامل ناهي، پاڪستان جو فاسٽ بالر شاهين آفريدي 13 نمبر تي موجود آهي.