ٽوڪيو اولمپڪس: وومينز فٽبال ڪوارٽر فائنل مرحلي ۾ داخل

0
262

ٽوڪيو(اسپورٽس نيوز) ٽوڪيو اولمپڪس 2020 ۾ وومينز فٽبال ايونٽس دلچسپ ۽ اپ سيٽ مقابلن بعد ناڪ آئوٽ مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. اولمپڪس ۾ پهريون ڀيرو شرڪت ڪندڙ ٽيمن به سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته ڪيترن ئي وومين فٽبالرز انتهائي شاندار راند پيش ڪئي آهي. وومينز فٽبال ورلڊ چيمپئن امريڪا کي پنهنجي پهرين ميچ ۾ سوئيڊن هٿان شڪست کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جڏهن ته امريڪي ٽيم اڳين مرحلي لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي. وومينز فٽبال ايونٽ جا چئني ڪوارٽر فائنلز 30 جولاءِ تي چار مختلف شهرن ۾ کيڏيا ويندا، وومينز ايونٽ ۾ شريڪ 12 ملڪن کي 3 گروپن ۾ ورهايو ويو آهي. هر گروپ ۾ 2 ٽاپ ٽيمن ڪوارٽر فائنل مرحيل لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو آهي، جڏهن ته هر گروپ ۾ ٽين نمبر تي ايندڙ گروپ ۾ ورهايو ويو هو.