مايا علي جو نينگرين کي دوستي جي آڇ ڪندڙ نوجوان کي مشورو

0
161

لاهور(شوبز نيوز) اداڪارا مايا علي نينگرين کي دوستي جي آڇ ڪندڙ نوجوان کي مشورو ڏئي صارفين جون دليون کٽي ورتيون. تفصيل موجب اداڪارا مايا علي تازوئي پنهنجي سالگرهه ملهائي هئي ۽ پنهنجي ان سالگرهه جون ڪجهه تصويرون انسٽاگرام تي شيئر ڪيون جنهن تي سندس مداحن کيس نه رڳو مبارڪون ڏنيون پر دلچسپ تبصرا به ڪيا.سنگل لوگ نالي هڪ اڪائونٽ تان مايا علي کي دوستي رکڻ جي آڇ ڪئي وئي جنهن تي هن دلچسپ جواب ڏيندي چيو ته پٽ پهرين تون اها آڇ پنهنجي والدين سان ڪري ڏس. مايا علي جي ان جواب سندس مداحن کي خوش ڪري ڇڏيو.