افغانستان مان امڪاني طور ايندڙ پناھگيرن کي پاڪستان ۾ ترسائڻ لاءِ منصوبو تيار

0
426

ڪابل: افغانستان مان امڪاني طور ايندڙ  پناھگيرن کي پاڪستان ۾ ترسائڻ لاءِ منصوبو تيار ڪيو ويو آھي. 5 کان 7 لک افغان مهاجرن کي اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي ۾ ترسائڻ لاءِ 3 ڪئمپس قائم ڪيا ويا آھن.

ڪي پي ۾ افغان پناھگيرن بابت ڪمشنر جو چوڻ آهي ته  افغان پناھگيرن کي پاڪستان ۾ داخلا جي اجازت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، انساني الميو ٿيو ته پاڪستان اُن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

سنڌ ۾ افغان  پناھگيرن جي داخلا روڪڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي. وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان پوليس کي چوڪس رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آھي.