لاھور گريٽر اقبال پارڪ واقعو: وڌيڪ 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو: آءِ جي پنجاب

0
275
گريٽر اقبال پارڪ واقعو

لاھور (ڊيسڪ رپورٽ) لاھور ۾ گريٽر اقبال پارڪ ۾ عورت ٽڪ ٽاڪر سان بدتميزي ۽ ڪپڙا ڦاڙي تذليل واري ڪيس ۾ وڌيڪ 36 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

آءِ جي پنجاب انعام غني ان سلسلي ۾ چيو آھي تھ سوشل ميڊيا تي جاري تصويرن ۽ وڊيوز جي مدد سان سڃاڻپ ڪري وڌيڪ 36 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آھي، واقعي جي سلسلي ۾ گرفتار جوابدارن جو انگ 66 ٿي ويو آھي.

آءِ جي پنجاب جو چوڻ ھو تھ گذريل ڏينھن 100 کان وڌيڪ شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪي واقعي ۾ ملوث نظر نٿا اچن انھن کي آزاد ڪيو وڃي ٿو، ھن وقت تائين 66 ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو آھي.

واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي وڊيوز، تصويرن ۽ نادرا ذريعي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي، جوابدارن کي بخش نھ ڪيو ويندو، ڪيس تي تيزي سان ڪم ھلي رھيو آھي.