سنڌ سوڌو پوري ملڪ ۾ وفاقي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آرڊيننس جاري، بااختيار اٿارٽي قائم ٿيندي

0
427
سنڌ سوڌو پوري ملڪ

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ وفاقي ملڪيتن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس جاري، بااختيار اٿارٽي قائم، اٿارٽي جي فيصلن يا قدمن کي ڪير به چيلنج نه ڪري سگهندو. سنڌ سوڌو سڄي ملڪ ۾ وفاقي وزارتن، ان جي ماتحت ادارن جي ملڪيتن جي استعمال لاءِ صدر ڊاڪٽر عارف علوي فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مينيجمينٽ اٿارٽي آرڊيننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو آهي، جاري ڪيل آرڊيننس ۾ چيو ويو آهي ته وفاقي حڪومت آرڊيننس جي روشني ۾ گزيٽ نوٽيفڪيشن ذريعي فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مينيجمينٽ اٿارٽي قائم ڪري سگهندي، اٿارٽي وفاقي حڪومت جي ملڪيتن کي استعمال هيٺ آڻي سگهندي، انهن ملڪيتن تي ملڪي، پرڏيهي سيڙپڪاري آڻڻ جا منصوبا به تيار ڪري سگهندي.

وفاقي حڪومت اٿارٽي کي ان مقصد لاءِ اثاثا يا ملڪيتون ٽرانسفر ڪندي، اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل ٽن سالن جي عرصي لاءِ وفاقي حڪومت مقرر ڪندي، ڊائريڪٽر جنرل کي مدو پورو ٿيڻ تي وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ ڏئي سگهبي، اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل اٿارٽي جو پرنسپل آفيسر هوندو، اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل وفاقي حڪومت جي ڪنهن ملڪيت جي منصوبي جي ٽيڪنيڪل اسٽڊي لاءِ ٽيڪنيڪل ماهر، ڪنسلٽنٽ بورڊ جي منظوري سان مقرر ڪري سگهندو، اٿارٽي وفاقي حڪومت ۽ ماتحت ادارن جي ملڪيتن جي ڊيٽا بيس ٺاهيندي، اٿارٽي انهن ملڪيتن کي اٿارٽي کي ٽرانسفر ڪرڻ جي سفارش وفاقي حڪومت کي ڪري سگهندي، اٿارٽي کي وفاقي حڪومت جي ملڪيت پنهنجي تحويل ۾ وٺڻ لاءِ سموري قانوني ڪارروائي ڪرڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي کي سرڪاري ملڪيتن کي استعمال هيٺ آڻڻ لاءِ منصوبي جي ڊزائن سميت منصوبو منظور ڪرڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي کي سرڪاري ملڪيتون ليز يا ڪرائي تي ڏيڻ جو اختيار هوندو، اٿارٽي وفاقي حڪومت سوڌو صوبائي حڪومتن، بلدياتي ادارن کي به ملڪيتن بابت پاليسيون ۽ قدم تجويز ڪري سگهندي، اٿارٽي ترقياتي پلان، ماسٽر پلان به جوڙي سگهندي، هن آرڊيننس جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ لاءِ اٿارٽي وفاقي حڪومت، ان جي ادارن، ايجنسين سوڌو صوبائي حڪومتن توڙي بلدياتي ادارن سان رابطا ڪري سگهندي، اٿارٽي کي مختلف مامرن کي ڏسڻ لاءِ ڪاميٽيون ٺاهڻ جو به اختيار هوندو، ڪنهن به سرڪاري کاتي کان ملڪيتن جو رڪارڊ به حاصل ڪري سگهندي،  اٿارٽي جي بورڊ جو چيئرمين لاڳاپيل وزارت جو وفاقي وزير هوندو، بورڊ ۾ اٿارٽي جو ڊائريڪٽر جنرل به ميمبر هوندو، بورڊ ۾ وفاقي حڪومت نجي شعبي مان ساک رکندڙ 4 ميمبر مقرر ڪندي، جڏهن ته اٿارٽي ۾ 4 اڳوڻا ڪامورا ميمبر به مقرر ٿيندا، اٿارٽي جا ميمبر ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرر ٿيندا، اٿارٽي جي سيڪريٽري جي مقرري چيئرمين جي منطوري سان ٿي سگهندي، اٿارٽي جي بورڊ جو اجلاس ٽن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڀيرو ٿيندو، اٿارٽي ڪو به فيصلو سمري سرڪيوليشن ذريعي به ڪري سگهندي، چيئرمين جي غير موجودگي ۾ بورڊ اجلاس جي صدارت ڊائريڪٽر جنرل ڪري سگهندو، اٿارٽي جي بورڊ کي اٿارٽي جي رولز، پاليسين، اسٽريٽجڪ، ڊولپمينٽ پلان، منصوبن، منصوبن جا ٺيڪا ڏيڻ، ڪنهن به سرڪاري ملڪيت تي سيڙپڪاري جي تجويز کي قبول ڪرڻ، ڪنهن به سرڪاري ملڪيت جي عيوض قرض حاصل ڪرڻ جا فيصلا ڪرڻ جا اختيار هوندا، اٿارٽي کي پنهنجا ملازم مقرر ڪرڻ، ان لاءِ پاليسيون ٺاهڻ ۽ انهن خلاف بورڊ جي اڳواٽ منظوري سان ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار هوندو.

اٿارٽي پاران ڪيل ڪنهن به فيصلي خلاف ڪو به ڪيس داخل نه ڪري سگهبو، ڪيسن کان اٿارٽي جي ملازمن کي ڇوٽ هوندي، اٿارٽي فنڊ قائم ڪري سگهندي، جنهن کي استعمال ڪرڻ جو اٿارٽي کي اختيار هوندو، ان فنڊ ۾ وفاقي ملڪيتن کي ڪرائي تي ڏيڻ، ليز تي ڏيڻ ۽ ٻين مدن ۾ ٿيندڙ آمدني به شامل ٿيندي، اٿارٽي بانڊ، انڪم سرٽيفڪيٽ، ريئل اسٽيٽ ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهندي، اٿارٽي جي فنڊ جي هر سال آڊٽ ٿيندي، وفاقي حڪومت جي انهن ملڪيتن جن تي قبضا ٿيل آهن اهي اٿارٽي جي قيام شرط ان کي ٽرانسفر ٿي ويندا، اٿارٽي کي قبضي هيٺ آيل ملڪيتن تي ڪارروائي ڪرڻ، انهن قبضن جي مسئلن کي حل ڪرڻ، سمجهوتا ڪرڻ ۽ ڪارروائين جا اختيار هوندا، اٿارٽي کي فرضن جي سرانجامي ۾ وفاقي، صوبائي، بلدياتي ادارا، ايجنسيون مدد ڪرڻ جا پابند هوندا، ڪو به ادارو اٿارٽي جي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرائڻ جا 30 ڏينهن ۾ سبب بيان ڪرڻ جو به پابند هوندو، اٿارٽي کي قبضي کي ختم ڪرائڻ جو اختيار هوندو، قبضو ڪندڙ پاران ٺاهيل اسٽريڪچر کي استعمال ڪرڻ جو به اختيار هوندو، ڪابه عدالت سرڪاري ملڪيت تان حددخليون ختم ڪرائڻ لاءِ ڪيل آپريشن سبب متاثر ٿيل ماڻهو جي ڪيس ۾ فيصلو نه ڏئي سگهندي.