لاڙڪاڻو: سينٽرل جيل ۾ قيدين ۾ جهيڙو يا پوليس تشدد، ٻه ڄڻا زخمي

0
368

لاڙڪاڻو(ن پ ا)  سينٽرل جيل ۾ ٻن قيدين وچ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه قيدي سخت زخمي ٿي پيا.پوليس زخمي قيدي جاويد جتوئي کي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي.

ان موقعي تي زخمي قيدي جاويد جتوئي الزام لڳائيندي ٻڌايو ته جيل اندر معمولي ڳالهه تان منهنجو ٻئي قيدي سان جهيڙو ٿي پيو جنهن تي پوليس اسان کي تشدد جو نشانو بڻائي بعد ۾ چانڊڪا اسپتال داخل ڪرايو.

ان حوالي سان جيل پوليس جي اهلڪارن ٻڌايو ته قيدين جو پاڻ ۾ معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ڌڪ لڳڻ سبب ٻه قيدي زخمي ٿيا، جن مٿان اسان تشدد ناهي ڪيو، زخمي اسان مٿان تشدد جا ڪوڙا الزام هڻي رهيا آهن.