گوادر حملو: چين پاران پاڪستان کان سيڪيورٽي سخت ڪرڻ جو مطالبو

0
243
گوادر حملو، چين پاران

ڪراچي (م ڊ) پاڪستان ۾ چيني سفارتخاني گوادر ۾ گذريل ڏينهن دهشتگردي جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي پاڪستان جي سڀني لاڳاپيل کاتن کان موثر سيڪيورٽي لاءِ عملي قدم کڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

چيني سفارتخاني جي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته گوادر ايڪسپريس وي منصوبي تي چيني عملي جي موٽر قافلي تي خودڪش حملو ڪيو ويو جنهن ۾ هڪ چيني زخمي، 2 مقامي ٻارڙا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو آهي.

بيان ۾ ٻنهي ملڪن جي زخمي ماڻهن سان همدردي ۽ مارجي ويلن تي تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته واقعي جي سخت مذمت ڪئي وئي.پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان کان مطالبو ٿا ڪيون ته زخمين کي مڪمل طبي امداد ڏني وڃي ۽ پاڪستان آپگهاتي ڌماڪي جي مڪمل جاچ ڪري جوابدارن کي سخت سزا ڏيئي.

چيني سفارتخاني جي طرفان چيو ويو آهي ته پاڪستان جا سمورا لاڳاپيل کاتا سيڪيورٽي جي حوالي سان بهتر قدم کڻن، پاڪستان سيڪيورٽي تعاون وارو طريقو اپ گريڊ ڪري ته جيئن يقيني بڻائي سگهجي ته اڳتي اهڙو واقعو پيش نه اچي.ٻئي پاسي گوادر خودڪش حملي ۾ هڪ زخمي ٻارڙو دم ڏئي ڇڏيو، جنهن بعد مارجي ويلن جو انگ 3 ٿي ويو، جڏهن ته واقعي جو سي ٽي ڊي ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

 

ھي به پڙھندا

گوادر ۾ چيني شهرين جي قافلي تي آپگهاتي حملو، 2 معصوم ٻارڙا مارجي ويا