موهن جو دڙو جي پارڪ مان ڊانسنگ گرل جو پُراسرار نموني غائب ٿيل مجسمو ملي ويو

0
245
موهن جو دڙو جي پارڪ مان

لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) موهن جو دڙو جي پارڪ مان ڊانسنگ گرل جو پُراسرار نموني غائب ٿيل مجسمو ملي ويو، هٿ آيل مجسمو ٽٽل حالت ۾ اسٽور اندر رکڻ جون تصويرون منظرعام تي اچي ويون.

انتظاميا طرفان مجسمي جي غائب ٿيڻ واري ماملي کي لڪائڻ جون ڪوششون، ذريعن جو چوڻ آهي ته موهن جو دڙو جي پارڪ ۾ رکيل ڊانسنگ گرل جو مجسمو اوچتو غائب ٿيڻ تي انتظامي ۾ ٿرٿلو پئجي ويو هو، انتظاميا ڳجهه ڳوهه ۾ ڪوشش ڪري ٽٽل حالت ۾ مجسمو هٿ ڪري ورتو.

موهن جو دڙو انتظاميا جو چوڻ آهي ته مجسمو غائب نه ٿيو هو، تازو طوفاني برساتن دوران وڻ مجسمي مٿان ڪري پيو هو، جنهن جي نتيجي ۾ مجسمو ٽٽي پيو هو، اڄ ئي مرمت ڪرائڻ بعد مجسمو ٻيهر لڳايو ويندو، انتظاميا طرفان ڊانسنگ گرل جو مجسمو غائب ٿيڻ بابت پيدا ٿيل سوالن جا جواب ڏيڻ کان انڪار ڪيو ويو ھو، ميڊيا تي خبرون اچڻ بعد ھٿ آيل ڊانسنگ گرل جي مجسمي کي ٻيھر ان ئي جاءِ تي ھنيو ويو آھي.