اعظم سواتي سان جيڪو ٿيو، اُهو دردناڪ آهي: چيف جسٽس

0
274
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ ۾ چيف جسٽس کي رٻڙ اسٽيمپ بڻايو ويو آهي: چيف جسٽس

اسلام آباد: عمران خان توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس اعظم سواتي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان جيڪو ٿيو اهو تمام ڏکوئيندڙ آهي

سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران پي ٽي آءِ جو سينيٽر اعظم سواتي به عدالت ۾ پيش ٿيو

چيف جسٽس اعظم سواتي کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان سان جيڪو ڪجهه ٿيو اهو تمام ڏکوئيندڙ آهي، اوهان جو ڪيس ايڇ آر سيل ۾ آهي، عدالت ان معاملي ۾ محتاط آهي، ڪيس کي قانون موجب ڏسنداسين

<p>PTI Senator Azam Swati addresses the media on Saturday. — Photo: DawnNewsTV</p>

چيف جسٽس اعظم سواتي سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڪڏهن به سپريم ڪورٽ جي ريسٽ هائوس ۾ نه ترسيا آهيو، جنهن تي اعظم سواتي جواب ڏنو توهان صحيح ٿا چئو، مان ڪوئيٽا فيڊرل لاج ۾ ترسيو هئس

اعظم سواتي سوال ڪيو ته ڇا مان مبينا وڊيو ججن کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي ڏيکاري سگهان ٿو؟، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته پيمرا ۽ پي ٽي اي کي مبينا وڊيو هٽائڻ جو حڪم ڏيون ٿا، جنهن تي اعظم سواتي خدشو ظاهر ڪيو ته ٿي سگهي ٿو جيڪا وڊيو هٽائي وڃي، هي اُها نه هجي جيڪا مون ڏانهن موڪلي وئي آهي

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس ارشد شريف قتل ڪيس جو ذڪر ڪندي چيو ته ايڇ آر سيل ارشد شريف جي قتل تي سندس ماءُ جي خط جي به جاچ ڪري رهيو آهي، ڪميشن کان رپورٽ طلب ڪري رهيا آهيون

سپريم ڪورٽ ان تي جاچ نٿي ڪري سگهي، قتل تي فيڪٽ فائنڊنگ ڪميشن جي رپورٽ کي ڏسنداسين، جاچ ڪميشن معاملي جي جاچ لاءِ ڪينيا وئي هئي، اهڙي صورتحال تي معاونت ۾ سولائيءَ ٿيندي، مواد کانسواءِ ته عدالت هيڏانهن هوڏانهن ڏسندي رهندي

ھي به پڙھندا

جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي: ايف آءِ اي

آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم