جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي: ايف آءِ اي

0
298
جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ
جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي: ايف آءِ اي

اسلام آباد: وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي جي وڊيو کي جعلي قرار ڏئي ڇڏيو
ايف آءِ اي موجب سينيٽر اعظم سواتي بابت انٽرنيٽ تي گردش ڪندڙ وڊيو جعلي آهي، اعظم سواتي سان منسوب وڊيو ۽ آڊيو جو تفصيلي جائزو ورتو ويو آهي، عالمي فرانزڪ معيار موجب وڊيو ۽ آڊيو جو فريم ٽو فريم فرانزڪ تجزيو ڪيو ويو آهي
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته عالمي معيار جي فرانزڪ مان ثابت ٿيو آهي ته وڊيو ايڊٽ ڪئي وئي آهي، مختلف وڊيوز ۾ منهن مسخ ڪري فوٽوشاپ ڪرايو ويو آهي
ايف آءِ اي چيو ته اعظم سواتي ڇا چيو آهي ان بابت باضابطه جاچ جي ضرورت آهي، اعظم سواتي لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي ۽ پنهنجا سمورا خدشا ٻڌائي
ايف آءِ اي جو چوڻ آهي ته ظاهري طور جعلي وڊيو سينيٽر اعظم سواتي کي بدنام ڪرڻ لاءِ ٺاهي وئي
واضح رهي ته اعظم سواتي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته منهنجي ۽ منهنجي زال جي وڊيو منهنجي گهر واري جي فون تي نامعلوم نمبر تان موڪلي وئي، جڏهن ته اهو بيان ڪندي پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي روئي ڏنو هو
هن چيو ته هي وڊيو سندس سپريم ڪورٽ جي جڊيشل لاجز ڪوئيٽا ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، وڊيو سامهون اچڻ کانپوءِ منهنجي زال، ڌيءَ ۽ پوٽا ملڪ ڇڏي ويا آهن

ھي به پڙھندا

اعظم سواتي ۽ سندس زال جي غير اخلاقي وڊيو: سواتي روئي ڏنو

عمران خان جا الزام: وزير اعظم پاران سپريم ڪورٽ جي فل ڪورٽ بينج جوڙڻ جو مطالبو

سنڌ سرڪار پاران عمران خان تي حملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو