واشنگٽن (انٽرسٽنگ نيوز) غريب ملڪن لاءِ ٻارن ۾ ٻڌڻ واري صلاحيت جاچڻ لاءِ هڪ نظام تيار ڪيو ويو آهي. ان نظام سان ٻارن جي ٻڌڻ واري صلاحيت جاچڻ جو ڪم انجام ڏنو ويندو. ان ڏس ۾ عالمي ميڊيا جي رپورٽن موجب ترقي ڪيل ملڪن ۾ ماڻهن جي ڄمڻ وقت انهن جي ٻڌڻ واري سگهه جاچي ويندي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪنهن سان ڪو مسئلو آهي ته اهو ننڍپڻ ۾ ئي حل ڪيو ويندو آهي پر  هاڻي غريب ملڪن ۾ به اها جاچ ڪرڻ لاءِ سمارٽ فون مائڪ فون ۽ هيڊ فون تي ٻڌل تمام سستو نظام تيار ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان ٻارن جي ڪن ۾ سيٽي جهڙو آواز مشين ذريعي پهچايو ويندو آهي. جنهن سان انهن جي ڪن ۾ موجود سنها وار وائبريٽ ٿيڻ سان ڊاڪٽر ٻارن ۾ ٻڌڻ جي صلاحيت جو اندازو لڳائين ٿا. اهڙين مشينن لاءِ ماهرن عملو مقرر ڪيو ويندو آهي. گھٽ ٻڌندڙ ٻارن جي وقت سر تشخيص نه ٿيڻ ڪري اهي اڳتي نٿا وڌن ۽ سندن تخليقي صلاحيتون متاثر ٿينديون آهن. آمريڪا جي واشنگٽن يونيورسٽي جي ماهرن اهڙو نظام متعارف ڪرايو آهي جنهن سان ٻڌڻ جي سگھه جاچي سگهي ٿي، اهو نظام سستو پڻ آهي. شروعاتي طور تي اهو نظام 114 ٻارن تي آزمائي ٽن اسپتالن ۾ جائزو ورتو ويو.