ٽوڪيو (انٽرنسٽنگ نيوز) جاپان ۾ “هائرو ڪازو تاناڪا” نالي هڪ ئي نالي جي 178 ماڻهن هڪ هال ۾ گڏ ٿي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو آهي. ان ڏس ۾ جاپان ۾ ٿيل تقريب کي گنيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ تصديقي سند به ڏئي ڇڏيو آهي. عالمي ميڊيا موجب “هائرو ڪازو تاناڪا” نالي جي 178 نالي ڀائي ماڻهن ٽوڪيو جي هڪ هال ۾ گڏ ٿي عالمي رڪارڊ قائم ڪري ورتو  آهي.  هائرو ڪازو تاناڪا نالي تنظيم رڪارڊ جوڙڻ لاءِ تقريب جو اهتمام ڪيو هو. ساڳي تنظيم اهو رڪارڊ ٺاهڻ جي ڪوشش 2011۽ 2017ع ۾ به ڪري چڪي هئي پر ان وقت کين ناڪامي ملي ۽ پهرين ڪوشش ۾ صرف 71 ۽ ٻي ڪوشش ۾ 87 ساڳئي نالي وارا ماڻهو پهچي سگهيا هئا.  ان تنظيم جو بنياد 53 ورهين جي هڪ شخص 1994ع ۾ وڌو هو. ان کان اڳ 2005ع ۾ “مارٿا اسٽيورٽ” نالي 164 ماڻهن هڪ جاءِ گڏ ٿي رڪارڊ قائم ڪيو هو .