سردار ڦاهي جي ڦندي تي ضرور چڙهندا: ام رباب

0
261

لاڙڪاڻو: سنڌ هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو بينچ دادو جي ٽرائل ڪورٽ کي ميهڙ جي ٽيڻي قتل ڪيس جي روزانو ٻڌڻي هلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي

عدالت ٽرائل ڪورٽ ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو آهي ته 28 نومبر تي اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي

ام رباب چيو آهي ته عدالتن مان مايوس نه ٿي آهيان، اميد آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ٿي ويندي

هن چيو ته انهن عدالتن جي ڪري ئي اڄ طاقتور سردار حاضريون ڀرڻ لاءِ مجبور آهن، سڀاڻي سردارن کي ڦاهي جي سزا به ملندي

ھي به پڙھندا

فريدآباد: ام رباب باهه متاثرين وٽ پهچي وئي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو

ام رباب گهر ڀاتي قتل ڪيس: برهان چانڊيو کي آخري مهلت

جوابدارن مٿان فرد جرم لاڳو ڪريو: ام رباب دادو جي عدالت پھچي وئي