آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم

0
554

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ آءِ جي پنجاب کي عمران خان تي ٿيل حملي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آھي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته عمران خان قومي ليڊر آهي، مٿس حملو ٿيو آهي، 24 ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيو وڃي نه ته پاڻمرادو نوٽيس وٺنداسين

عمران خان خلاف توهين عدالت ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته ڪرمنل جسٽس سسٽم تحت پوليس پاڻ ايف آءِ آر داخل ڪري سگهي ٿي، 90 ڪلاڪ گذرڻ باوجود اڃا تائين ايف آءِ آر ئي درج نه ٿي آهي

 چيف جسٽس لاهور رجسٽري مان وڊيو لنڪ تي موجود آءِ جي پنجاب کان پڇيو ته ايف آءِ آر اڃا ڇو درج نه ٿي آهي؟ آءِ جي پنجاب فيصل شاهڪار چيو ته اسان ايف آءِ آر درج ڪرڻ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير سان ڳالهايو، وڏي وزير ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ بابت ڪجهه خدشن جو اظهار ڪيو

 چيف جسٽس چيو ته ڪيس داخل نه ڪرڻ جو ڪو ٺوس سبب هئڻ گهرجي، اسان توهان جي ڪم ۾ مداخلت بابت انٽرنيٽ تي رکيل توهان جو خط پڙهيو آهي، توهان قانون موجب ڪم ڪيو عدالت توهان سان گڏ آهي

چيف جسٽس جو چوڻ ھو تھ آءِ جي صاحب توهان جي ڪم ۾ ڪنهن مداخلت ڪئي ته عدالت ان جي ڪم ۾ مداخلت ڪندي، جيستائين توهان عهدي تي آهيو ڪير به توهان جي ڪم ۾ مداخلت نه ڪندو

ھي به پڙھندا

عمران خان اڱاري کان وزيرآباد مان ٻيهر لانگ مارچ شروع ڪرڻ جواعلان ڪري ڇڏيو

لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج پاران عمران خان جي درخواست ٻڌڻ کان معذرت