اشو آف دي ڊي ڪراچي ۾ سنڌي پروفيسر کانپوءِ وڪيل عرفان مهر قتل، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟

0
346
اشو آف دي ڊي ڪراچي ۾ سنڌي پروفيسر کانپوءِ وڪيل عرفان مهر قتل، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟

 ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل خلاف سوشل ميڊيا تي سخت ردعمل ظاهر ڪيو ويو ۽ قاتلن خلاف ڪارروائي جي گهر ڪئي وئي، جسٽس فار عرفان مهر هيش ٽيگ ٽرينڊ هلايو ويو. جڏهن ته عرفان مهر جي قتل واري وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪامريڊ سرتاج چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عرفان مھر جا قاتل سزا کان نه بچڻ گھرجن لڳي ٿو منظم سازش تحت قتل ڪيو ويو آھي،  جنهن تي انيس ميمڻ لکيو ته قاتل تربيت يافته لڳي رهيا آهن، غلام حيدر لاشاري واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو،

ڪامريڊ امير جان چانڊيو پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته وڪيل پنهنجي شهيد ساٿي عرفان مهر جي مڙھ تي  اکين مان لڙڪ هاري ويٺا، اسان جي نوجوانن جا سينا گولين سان پروڻ ڪيا ٿا وڃن، اٿو هاڻي هي وقت آھي سجاڳ ٿيڻ جو اڃان ڪيترن نوجوانن جا لاش کڻندا؟ ڪراچي ۾ سنڌي نوجوان آفيسرن کي ٽارگيٽ ڪري گولين جو کاڄ بڻايو پيو وڃي، اڄ صبح جو گلستان جوھر ڪراچي ۾ سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل عرفان مهر کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن تي آزاد اسلم لکيو ته جڏهن مذمت ڇڏي مزاحمت ڪبي تڏهن بچنداسين، خادم ساحر سيلرو، عبدالوهاب شاد، امتياز پروين عباسي، علي ڀائي چانڊيو واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو، امام الدين سرڪي لکيو ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي،علي جان چانڊيو لکيو ته قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي،

نور احمد ڪاتيار به عرفان مهر جي قتل خلاف پوسٽ شيئر ڪندي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو، جنهن تي حورالنساءَ پليجو لکيو ته حڪومت کي سخت نوٽيس وٺڻ گهرجي، قاتلن کي جلد گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي، ڪبير ڀيل به واقعي جي مذمت ڪئي، آدم جانيارو، ادريس لغاري، غلام حيدر لاشاري، پرهه سومرو، عنايت الله نهڙي، مظهر لاشاري، لال جروار، فياض شيخ، اڪبر علي، اياز صالح پليجو، سرمد راڄپر، آصف کوسو ايڊووڪيٽ ۽ ٻين عرفان مهر جي قتل جي مذمت ڪندي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي، ڊاڪٽر مگسي پاران شيئر ڪيل پوسٽ ۾ چيو ويو ته هٿياربندن هٿان سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، هي واقعو سنڌ سرڪار جي نا اهلي جو نتيجو آهي واقعي جي جاچ ڪري جوابدارن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي. جنهن تي حريف خان چانڊيو، امداد سيلرو، قمر الدين ميمڻ، سيد مظهر نقوي،

علي رضا جمالي، انيلا ناز چنا، عبدالله مينگل، مرتضيٰ آرائين ۽ ٻين واقعي تي افسوس جو اظهار ڪندي قاتلن کي سزا جو مطالبو ڪيو، ناصر چاچڙ پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي ماڻهن خلاف ٻيهر منظم سازش شروع ٿي وئي آهي عرفان مهر جي قتل جي مذمت ڪجي ٿي. عزيز راج پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ سنڌي پروفيسر کانپوءِ وڪيل قتل، هي ڇا ٿي رهيو آهي؟ جنهن تي مير حسن منگي لکيو ته سراسر ظلم آهي، ذاڪر شر، محمد يعقوب ، امر شر، اعجاز مڱريو افسوس جو اظهار ڪيو، ماجد سمون پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪراچي ۾ نواز شريف امن ڪرائي ويو هو، عمران خان ۽ پ پ جي مهرباني سان بدامني وري بحال ٿي وئي،

عرفان مهر جي قتل جي مذمت ڪجي ٿي. جڏهن ته جسٽس فار عرفان مهر ٽرينڊ ۾ قربان، سعيد سانگري، فيض سنڌي، عزيز ڪلهوڙو، حسين، اشفاق آذر، مستجب زهرا کوسو، غلام نبي جروار، پرتاب شيواڻي، ايڊووڪيٽ شمس چانڊيو، خالد حسين ڪوري، ميان  مجيب الرحمان، اوشال کوسو، ابراهيم ابڙو، تانيه سليم پليجو، علي عامر، ڪاظم حسين چنا، حق ابڙو، علي پلهه، ذيشان ياسين جوڻيجو، اختيار علي چنا، سنڌو سنڌي، ثانيه راجپوت، ايڊووڪيٽ عمار الطاف ستي، اسد ابڙو، وسند ٿري، اويناش آڏواڻي، محمد خان بجاراڻي، حسن فريد جويو، حنا خالق، ظهور جوڻيجو، انجنيئر قدير احمد شر، دانيال مهر، سارنگ جويو ۽ ٻين ٽرينڊ ۾ حصو ورتو، ٽرينڊ ۾ چيو ويو ته سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مھر کي گلستان جوھر ۾ گوليون ھڻي بيدردي سان قتل ڪيو ويو، عرفان مھر جي بيرحماڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي سندس قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪجي ٿو،ڪراچي ۾ سنڌين کان علاوھ هر قوم جي ماڻهن جي مالڪي آهي. ڏينهن ڏٺي عرفان مهر کي قتل ڪيو ويو آهي.