ٿر جي ٻارڙن جي ڳڻتي جوڳي صورتحال!

 صحت عوام جو بنيادي حق آھي، عوام جو حڪومت تي فرض ٿئي ٿو ته اها عوام کي بنيادي سھولتون ڏئي، ان ڪري جو عوام حڪومت کي ٽئڪس ڏئي ٿو ۽ قيمتي ووٽ ڏئي ٿو. عوام جي ووٽ جو ھن ملڪ ۾ قدر نٿو ڪيو وڃي، ان ڪري اڄ جي جديد دور ۾ ملڪ ۽ خاص ڪري سنڌ جو عوام بنيادي حقن کان محروم آھي. 1973ع جي آئين ۾ واضح بيان ٿيل آھي ته رياست ۽ حڪومت عوام کي بنيادي سھولتن کي ڏيندي پر سنڌ ۾ ته ٻارڙا ارڙي، مليريا ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ سبب ۽ اسپتالن ۾ سھولتن نه ھجڻ ڪري مري رهيا آهن. ٿر جي اسپتالن ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي سخت کوٽ ھجڻ ڪري ٿر ۾ ٻارڙن جي موت ۾ واڌ ٿي رھي آھي، اسپتالن ۾ نه ته ايمرجنسي وارڊ ٺھيل آھن نه عملو ھجڻ ڪري ايمرجنسي ڪھڙي ڪم جي، جتي دوا نه درمل هجي، ٿر ۾ لڳ ڀڳ 543 کان مٿي ٻارڙا مري چڪا آھن. ٿر ۾ ته روز ھڪ کان 4 ٻارڙا مرن ٿا. سنڌ حڪومت جا صحت وارا ادارا ناقص آهن جيڪي ڪنھن ڪم جا ناھن، ٿر جي تعلقي اسپتالون فعال ناھن، ٿر ۾ ته ڳڻتي جوڳي حالت آھي پر سڄي سنڌ ۾ ھن وقت خطرناڪ ارڙي جي بيماري ۾ ٻارڙا مري رهيا آهن، پٽيزن ۾ ننڍڙو ٻارڙو ارڙي وگھي مري ويو، ڪجھ وقت خيرپور سول اسپتالن جي سرڪاري دوائن جي اسٽور تي چاپو لڳايو ويو پر اسٽور ۾ ڪروڙين رپين جون دوائون مھانگيون مدي خارج ٿي ويون ۽ ٻيون دوائون ميڊيڪل اسٽورن تي وڪرو ٿين ٿيون، ڪافي ڀيرا اخبارن ۾ سرڪاري اسپتالن جي ڪارڪردگي ۽ رشوت جون رپورٽون شايع ٿين ٿيون پر ڪو به ايڪشن نه ٿو کنيو وڃي ٿو. صحت کاتي ۾ سڀني ادارن کان وڌيڪ ڪرپشن آھي، جيڪو ادارو انساني زندگيون بچائڻ جو کاتو آھي پر ھن کاتي ۾ سڌارو ڏاڍو ڏکيو آھي. مريضن کي لاش کڻائڻ لاءِ به سرڪار طرفان ايمبولنس نٿي ڏني وڃي. ھن وقت ٿر ۾ گلن جھڙا معصوم ٻارڙا مرن پيا، اسپتالون ويران آھن، سنڌ حڪومت عوام کي صحت جون سھولتون ڏئي ٿر جي ٻارڙن جون قيمتي جانيون بچائي.

ساگر شفيق وساڻ/ ڳوٺ جھنگو وساڻ

سنڌڙي تنهنجي نانءُ کنيم، ڄڻ ڪاريهر تي پير پيو!

  سنڌ جي شاگرد جو نانءُ هونئن به سدائين غدارن جي لسٽ ۾ سڀني کان مٿانهون لکيو ويندو آهي پر هاڻ ان غداريءَ جا به عجيب رنگ سامهون پيا اچن، مثالطور اڳ شاگردن تي غداريءَ جا لقب ان ڪري لڳندا هئا جو چيو ويندو هو ته شاگرد بائيڪاٽ ڪلچر کي هٿي ٿا وٺرائين، شاگر درسگاهن ۾ جلسا، جلوس، مظاهرا ۽ ڌرڻا ڪري درسگاهن جو ماحول خراب ٿا ڪن، هاڻ ويجھي ماضيءَ ۾ ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ اهڙو ڪجھ به ڏسڻ وٺان ناهي مليو، پوءِ به شاگرد غدار؟ سنڌ يونيورسٽي تازو ئي عجيب مثال قائم ڪيو آهي، مادر علمي ۾ ثقافتي ڏڻ ملهائڻ به غداري بڻجي ويو آهي، جنهن سبب شاگردن کي شوڪاز نوٽيس  ڏياري، مٿن ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي کين حراسان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هاڻ يونيورسٽي انتظاميا کان ڪير پڇي ته ڇا ثقافتي ڏڻ ملهائڻ، پنهنجي ٻولي، پنهنجي ڪلچر، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي تاريخ سان محبت ڪرڻ به غداري آهي؟ آئون سمجهان ٿو سنڌ جو شاگرد هاڻ سمجهدار ٿي ويو آهي، سنڌ جو شاگرد چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته کيس ڪيئن پنهنجي ٻولي، پنهنجي تاريخ، پنهنجي تهذيب، پنهنجي ڌرتي ۽ ڌرتيءَ جا وسيلا بچائڻا آهن، تنهن ڪري هاڻ سنڌ جو شاگرد ڪنهن به شوڪاز نوٽيس ۽ جڙتو ڪيسن کان ڊڄڻ وارو ناهي. هو شاگرد آهي جيڪو مستقبل جو مستقبل جو ڊاڪٽر، وڪيل، انجنيئر، تعليمدان ۽ معاشي ماهر بڻجندو. هن کي پنهنجي ٻولي ۽ وطن بچائڻو آهي، تنهن ڪري هو توهان جي شوڪاز نوٽيس ۽ ڪوڙن ڪيسن کان ڊڄي ڪڏهن به ماٺ ڪونه ويهندو .

عمران چانڊيو/ڄامشورو

ڪورونا جي پنجين لھر ۽ سنڌ جو غريب عوام!

  ڪورونا جي پنجي لھر اومي ڪورونا سنڌ جي غريب بکايل عوام جون دانهون ٻڌڻ سان گڏ ڪڏهن حقيقت جي ڳالھ ڪيان ته جيڪي مستحق ڪو نه هئا انهن گهڻو فائدو ورتو، باقي سفيد پوش مستحق ويچارا گهرن ۾ بکن تي ويٺا رهيا. حڪومت سنڌ به راشن باقي مستحق عوام سفيد پوش هٿ ٽگهڻ کان بهتر بک کي اهميت ڏني، روزگار تباهه ٿي ويا، تعليم جو ٻيڙو به ٻڏي ويو پر اهو به غريب عوام جي ٻچن جو امير ته وڏن اسڪولن م ۽ جديد اوزارن ذريعي تعليم آن لائين به پڙهي پيو، ھاڻي پنجين لهر عوام کي پنڻ تي مجبور ڪندي ته وري مٿان ڇھين لهر اچي وئي، هاڻي اعلان ٿي ويو ته صبح جو 5 کان شام 7 وڳي تائين دڪان کليل هوندا، پوءِ بند ڪرڻ جا پابند رهندا، حڪومت نوٽيفڪيشن ته اهو جاري ڪري ڇڏيو آهي پر اها سوچ نه رهي ته جيڪو غريب دڪاندار آهي اهو ان جي پابندي ڪري ڪيترو ڪمائيندو؟ ۽ گهر جو خرچ ڪيئن هلائيندو ۽ تعليم جي ڪيتري تباهي ٿيندي، غريب عوام جو ٻار تعليم حاصل ڪيئن ڪندو؟ ان کان پوءِ جي وائرس زور وٺي ٿو ته پنجين لهر کان به وڏي معيشت تباهه ٿيندي، ڇو جو جت سياستندان لٽيرا ٺڳ هجن ته پوءِ اتان جي عوام جا حق انهن کي ڪٿان ملندا؟ ان ڪري هن ڇھين لهر کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪ آرمي کي اڳتي اچڻ گهرجي ۽ ملڪ بند ۽ تعليمي ادارا بند ڪرڻ بجاءِ ايس او پيز تي سختيءَ سان عمل ڪرائڻ گهرجي ته جيئن سفيد پوش مستحق بکون ڪاٽڻ بجاءِ پنهنجن ٻچن کي روزي ڪري بکن کان بچائين ۽ غريب مسڪين عوام جا ٻار تعليم کي جاري رکي سگهن.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

ڪڪڙن جون ميلون ڪرائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪريو!

  اسان جي شھر قبي سعيد خان ۾ سياري جي موسم ايندي ئي ڪڪڙن جي وڏي ميل شروع ٿي وئي آھي، ان ميلن ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ سميت بلوچستان ۽ پنجاب جا شوقين پهچي ويا آھن، ميل جي سرپرستي ڪندڙ گروهن کي في ميل ۾ 10 کان 15 لکن تائين ڀتو ملي ٿو، جيڪي پئسا حد جي ٿاڻيدار کان وٺي پوليس جي  اعليٰ عملدارن تائين پهچن ٿا ۽ پوليس جي وڏي آمدني ٺھي ٿي، جنهن ڪري انهن جوئارين خلاف ڪا قانوني ڪارروائي نٿي ڪئي وڃي. ڪڪڙن جي ميل جو شوق تقريبن ڏوهاري قسم جا ماڻھو ڪندا آھن، جن ۾ چور، ڌاڙيل، موالي، ڦورون آهن، هتي ٿيل ڪڪڙن جي ميل دوران جيڪڏھن پوليس ڪارروائي ڪري ته اتي ڪيترائي اهڙا ماڻھو پڪڙجي ويندا آهن جيڪي ڪيترن ئي سالن کان وٺي روپوش آھن پر پوليس خاموش تماشائي بڻيل آھي، هتي ٿيندڙ ميلن ۾ رڳو ڪڪڙن تي شرط جي جوئا ناهي لڳندي پر ٻيو به وڏو واپار ٿيندو آھي جنهن ۾ غيرقانوني هٿيار، چوري ٿيل گاڏيون، منشيات فروشي سميت ٻيا وڏا ڪاروبار ٿيندا آھن. هتي جڏھن کان ڪڪڙن جون ميلون شروع ٿيون آهن تڏهن کان شھر ۾ چورين، ڦرن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي، ماڻھو پنهنجي گهرن ۾ به محفوظ ناهن، شريف شھرن جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آھي. اسين پوليس جي اعليٰ عملدارن کي ايپل ٿا ڪريون ته قبي سعيد خان جي آسپاس ۾ ڪڪڙن جون ميلون ڪرائيندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي جيڪي هن ميل جي آڙ ۾ شھر جي امن امان صورتحال کي خراب ڪن ٿا.

جدا جاويد/ قبو سعيد خان

رتوديرو لاوارث بڻجي ويو!

  رتوديرو شهر ميونسپل انتظاميا جي نااهليءَ ۽ لاپرواهيءَ سبب گندگيءَ جي ور چڙھي ويو آهي، نالين، گٽرن جو گندو پاڻي مک روڊن رستن ۽ بازارن ڏانهن ڪاهي پيو آهي، صفائي نه ٿيڻ جي ڪري گٽرن جو گندو پاڻي ميونسپل روڊ جي مک روڊ تي تلاءُ جي شڪل ۾ بيهي ويو آهي، شهري سخت پريشانين سان منهن ڏيڻ لڳا آهن. شهر جي وِچ چوراھن تي گندگي جا ڍير پيل آهن، هر مهيني ميونسپل جي ڪروڙين رپين جي بجيٽ آهي پر پوءِ به شهر ۾ صفائي سٿرائي نه پئي ٿي، ڪاغذي ڪارروائي ۾ ڪروڙين رپين جي بجيٽ مبينا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃي ٿي، ميونسپل ڪاميٽي ۾ پنج سئو کان مٿي جو عملو مقرر آهي ۽ ڪيترائي وائيٽ ڪالر پڻ ڀرتي ٿيل آهن، جيڪي گهر ويٺي هر مهيني هزارين رپيا پگهار کڻن ٿا پر صفائي ڪرڻ لاءِ ڪو به تيار ناهي. ڪيترائي ڀيرا شهرين شڪايتون ۽ پرامن احتجاج ڪيا آهن پر ڪو به اعليٰ عملدار دانهن ورنائڻ لاءِ تيار ناهي. اسين هتان جي تڪ جي ايم اين اي، ايم پي اي، سي ايم سنڌ وزير بلديات کي اپيل ٿا ڪريون ته هتان جي نااهل عملي جي خلاف سخت ڪارروائي ڪري ۽ ٿيندڙ ڪرپشن جي جاچ ڪرائي ملوث عملدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهر جي صفائي سٿرائي لاءِ جوڳا قدم کنيا وڃن.

ثقلين حيدر/ رتوديرو

سنڌڙي تعلقي ۾ کنڊ جا اگهه چوٽ چڙهي ويا!

  سنڌڙي تعلقي جي ننڍن توڙي وڏن شهرن ۾ کنڊ جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون پيون ڪن، ان سبب پيڙهيل طبقو انتهائي پريشانين تڪيلفن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته سرڪاري اگهه نوي 90 رپيا هئڻ باجود هنڱورنو، سنڌڙي، فلهڏيون، 12 ميل ۽ گرهوڙ شريف ۾ دڪاندار کنڊ 130 کان 140 رپيا وڪرو ڪرڻ لڳا آهن پر انهن کان ڪو پڇڻ وارو ناهي. يا ته اهي ايترا بااثر آهن جو کين خلاف ڪو ڪارروائي نٿو ڪري، ڪجهه ڏينهن اڳ اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي جي محنتن کي ساراهي سگهجي ٿو، اهو ان لاءِ ته ڪجهه وقت اڳ چڪي مالڪن اٽي جا اگهه وڌايا هئا، جن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي اثرائتا قدم کنيا هئا، جيڪي قدم ڏاڍا ساراهه جوڳا هئا. اسسٽنٽ ڪمشنر سنڌڙي چڪي مالڪن کي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي مٿن ڏنڊ وڌا هئا، جنهن کان پوءِ ڪجهه وقت لاءِ اٽي جي اگهن ۾ لاٿ آئي ۽ هاڻ اهڙي ريت کنڊ جي اگهن ۾ دڪاندارن رڪاڊ واڌ ڪري ڇڏي آهي پر انتظاميا اڃا تائين ڪو به تحرڪ ناهي ورتو. تعلق سنڌڙي انهن بدبخت تعلقن ۾ شمار ٿئي ٿو جتي قانون جا ٿنڀا ڪريل نظر اچن ٿا، قانون جو معيار لاغرضي اهڙي ريت عام آهي جو جنهن کي جيئن کپي تيئن ڪري، ڪو پڇڻ وارو ناهي، اڪثر ماڻهو ان ڌنڌي کي بچت سمجهي پنهنجا ذاتي دڪانن جي شڪل ۾ ڪاروبار کولي ڇڏيا آهن، جيڪو ٿو گهران ڪاوڙجي اهو ٿو دڪان کولي، سندن مرضيون هڪ شهنشاهه جي محل جيان هلڻ لڳيون ۽ ان جي حفاظت موجوده انتظاميا ڪرڻ لڳي، مان دعويٰ سان چوان ٿو جي انتظاميا حق تي باطل ٿي بيهي ته ڪنهن ۾ ڪا مجال ناهي جو عوام سان ناجائزيون ڪري ۽ هي سنڌڙي اهڙو تعلقو آهي جتي قانون جي ڪائي محفوظ چوديواري ناهي جيڪو اچي جيئن ڪري جهڙي ريت ڪري کين پڇڻ وارو ڪوئي ناهي سنڌڙي تعلقي جي سمورن اسٽاپن تي کنڊ جو ريٽ ٻيڻ تي وڌي ويو آهي، ان لاءِ انتظاميا کي اگهور ننڍ مان جاڳڻو پوندو ۽ منهنجي توڙي سنڌڙي واسي عوام جي به انتظاميا کان اها گهر آهي ته کنڊ جو ريٽ سرڪاري ريٽ تي وڪرو ڪرايو وڃي ۽ دڪاندارن خلاف اثرائتا قدم کنيا وڃن.

محرم علي شر/هنڱورنو

ڳوٺ جاڳڻ لنڊ پيئڻ جي صاف پاڻي کان محروم!‎‎

  شهرين کي روزگار، صحت، تعليم سميت زندگي جون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي پر بدقسمتي سان پاڪستان جهڙي ترقيءَ پذير ملڪ رياست مان سهولتن جون اميد رکڻ ديواني جي خواب جيان آهي، هونئن سنڌ صوبي ۾ رياست نالي ڪا شيءِ ناهي نه ئي ڪا رياستي سهولتون آهن، پوري صوبي ۾ نااهل سياسي ڀوتار پنهنجي چونڊ تڪن کي پنهنجو ذاتي سلطنت سمجهي اتان عام ماڻهو کي پنهنجي غلام سمجهي انهن کان ووٽ وٺڻ سميت پنهنجون جائز توڙي ناجائز بيگرون وٺندا رهندا آهن، اھڙن بدنصيب ڳوٺن مان ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ڪلوئي جو ڳوٺ ڳوٺ جاڳڻ لنڊ آهي جيڪو تمام بنيادي سهولتن کان محروم آھي، پاڻي انساني زندگيءَ لاءِ تمام اهم آهي هن بدنصيبي ڳوٺ ۾ پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي. هي ڳوٺ ٿر جي بيتاج بادشاهن جي جاگيرن سان گڏ آباد آھي پر تاريخ گواھ اربابن هن ڳوٺ کي پيپلزپارٽي جي ووٽر هجڻ ڪري ھميشه نظرانداز ڪندا آيا ۽ ڪري رهيا آهن، ان کان وڌيڪ ڀيانڪ سچ هي آهي ته جيالن جي هن ڳوٺ کي سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي 20 سالن جي حڪمراني ۾ ترقياتي ڪم پنهنجي جاءِ پر ڪو بنيادي سهولت نه ملي سگهيو ڇو ته پيپلزپارٽي ٿرپارڪر اقليتي کي ٺيڪي تي مليل آهي، هن ڳوٺ جي رهواسين جي اها بيوقوفي آهي جو هي پنهنجي ضمير تي قائم آهن ۽ هر دور پيپلزپارٽي سان سچا رهيا آهن  ھنن پنهنجو ووٽ بنظير لاءِ وقف ڪري ڇڏيون پر پ پ پ پاران هن ڳوٺ جي جيالن کي نظر انداز ڪيو. هن ڳوٺ جون عورتون ۽ معصوم نياڻيون اڄ به پاڻي ڀرڻ لاءِ مٿي تي مٽڪا کڻي ڪوھ کن پري پاڻي ڀرڻ وڃن ٿيون، هن بدنصيب ڳوٺ جا رهواسي جيڪي هن جديد دور ۾ پنهنجي زندگي پٿر دور واري گذاري رهيا آھن، هتان جي تڪ جي ايم اين اي مھيش ملاڻي ۽ ايم پي اي لطف ارباب کي گذارش آھي هن ڳوٺ جي پنهنجي ووٽرن کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏنو وڃين، جيئن اڃا وڌيڪ انساني آبادي وڌائي اوهان کي ۽ اوهان جي ايندڙ نسلن ووٽ ڏئي اسيمبلي تائين پهچائيندا رھن.

ابراهيم لنڊ/ ڪلوئي، ٿرپارڪر

ڄامشورو ٻيلو کاتي جا جعلي آپريشن!‎‎

  ملڪ ۾ جعلسازي ڪا نئين ڳالھ ناھي، جنهن ۾ جعلي نوڪريون نوٽ دوائون پوليس مقابلا کاڌي پيتي جا کوڙ سارا پراڊڪٽ نشي آور شيون گاڏين جون نمبر پليٽون شامل آھن، اھڙي جعل سازي ۾ ڄامشورو ٻيلو کاتو سڀ کان اڳتي آھي وڏي وزير جي گھر جي اتر ۾ چند ڪلوميٽر آباد نالي ٻيلو چند سو ايڪڙن تي ٻڌل آھي جتي ٻيلو کاتو ھر ھفتي ڪارروائي ڪري سرڪاري انگ اکر ڏيکاري باقي ھزارين ايڪڙ ٻيلي کي مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏيندو آھي جڌھن ته ھي ٻيلو خاص انگ اکر ڏيکارڻ خاطر آپريشن لاءِ رکيو ويو آھي، جتي ھڪ وڻ به پوکيل نه آھي، تاريخ ۾ ڪڏھن به آبادي ڪندڙ مشينري تحويل نه ورتي وئي آھي ٻيو سبب ھي ٻيلو ستر سالن کان طاقتور ماڻهو جي ھٿ ۾ ھجڻ گھٽ ۾ گھٽ اگھ ڏيندو آھي، جنھن جي قيمت ساليانا 20، 25 لک مس ٺھي ٿي ان ڪري ٻيلو کاتو پنهنجا اگھ وڌائڻ لاءِ ھر واري ھن ٻيلي تي ڪاغذن ۾ 30 ايڪڙ تي ڪارروائي ڏيکاري پنج ست ايڪڙ ۾ ڪيڻ ڦيرائي باقي مافيا کي پنهنجو ڀوٿ ڏيکاري پنهنجا اگھ وڌائڻ جي چڪر ۾ آھي ان لاءِ ٻيلا بچايو ڪاميٽي سپريم ڪورٽ کي پنج سو درخواستون وزيراعظم پورٽل تي ٻن سو کان مٿي شڪايتون درج ڪرڻ جا منصوبا اعلان ڪرڻ باوجود کاتي پنهنجي مان ماني ۾ مصروف آھي، ان لاءِ ڊي سي ڄامشورو ۽ سنڌ سرڪار کي گذارش ڪجي ٿي ڄامشورو جا بچائڻ لاءِ سنجيده ٿئي سرڪاري ملڪيتيون بچائي.

منظور ھاليپوٽو/ ٽلٽي

جوھي ۾ ٽائيم نيوز جي سڏ تي ايڪتا ڪچهري!‎‎

  جوھي ۾ روزاني پنهجي اخبار ڪراچي ٽائيم نيوز جي ايڪتا جي سڏ تي سڪون هوٽل ۾ جوهي تي امين وگهيو ۽ ساٿين پاران ايڪتا پروگرام جي حوالي سان ٿيل مچ ڪچهري ۾ سينيئر صحافي حاڪم علي لغاري، ڪامريڊ هاشم کوسو، سينئر صحافي محمد بخش ٻٻر شوشل ورڪر سجاد علي جمالي ڪامريڊ قربان کوکر، سرائي اڪبر پنهور، قلندر شاهه، حاجي احمد رودناڻي، ڏاڏو ڪريم ۽ ٻين دوستن سان گڏ محفل کي انجواءِ ڪندي اڳواڻن روزاني پنهجي اخبار ڪراچي ٽائيم نيوز جي ايڪتا سڏ کي ويلڪم ڪيو، ٽائيم نيوز روزاني پنهجي اخبار سڏ ايڪتا ڪچهري ملهايو ويو آهي.

سمير احمد بروهي/ واهي پانڌي، ڪاڇو

جيل جي ڊائريءَ جا ورق!

                 مون زندگيءَ ۾ اڻ ڳڻيا ڪتاب پڙهيا آهن پر التو کوسي وارو نوٽ بُڪ انهن سڀن کان الڳ آهي، ان ۾ چنگيز خان، يزيد ۽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف پاڙيسري آهن، ۽ هُن جي ڳوٺ جا پٿر به فون جو ڪم ڪندا آهن، جيڪي انهن جي ڳوٺ مان چين ٻهاري پنهنجي ملڪ کڻي وڃي رهيو آهي.الطاف کوسو هڪ عمرقيد جو قيدي آهي جنهن جي ملاقات ناهي ايندي، هو سالن کان هن جيل ۾ واڙيل آهي، هڪ سپاهي اياز کوسي هُن کي ضرورت جي هر شيءِ وٺي ڏيندو آهي. اياز جتي به نوڪري ڪندو آهي الطاف کي پاڻ سدان گڏ وٺي ويندو آهي، اڄ ڪلهه هو ٻئي اسپتال ۾ لٿل آهن جتي اياز کوسو سپاهي ۽ الطاف کوسو وري منشي مقرر آهي، مون کي هڪ ٻيو چريو قيدي علي حسن جت به ياد آهي جيڪو هر هڪ کي دانهن پيو ڏيندو هو ته جيل وارا منهنجي دل ڪڍي ويا آهن، هڪ ڏينهن ڪنهن اُن کي ڏس ڏنو ته لائبريري واري آصف ڇلگريءَ کان وڃي علاج ڪراءِ، هُن اچي مون کي پنهنجي پوري ڳالهه ٻڌائي، مون پنهنجي کِل روڪيندي هُن کي چيو ته تون 100 ڀيرا اُٿ ويهه منهنجي سامهون ڪر جي تون ٿڪجي پئين ته تو وٽ دل آهي، نه ته پوءِ تنهنجو علاج ٿيندو. هي سمجھه ته ايڪس ري يا الٽرا سائونڊ آهي تنهنجي لاءِ، علي حسن جت 50 اٿ ويهه به پورا نه ڪيا ۽ دل تي هٿ رکي خوشيءَ هڻي چوڻ لڳو ته ڇلگري صاحب توهان ته اڄ کان منهنجا مرشد آهيو. ناشتي کان پوءِ ڀنگي کي ڪال ڪري واش روم جي صفائي ڪرايم، جيل جا اڪثر ڀنگي ڪم چور آهن ان لاءِ اڪثر قيدي پنهنجو واش روم پاڻ صاف ڪندا آهن، پر آئون هفتي ۾ هڪ ڀيرو ڀنگيءَ کي ڪال ڪرائيندو آهيان ۽ چپس، بسڪيٽ ڏئي کيس راضي به ڪندو آهيان، اڄ اشرف پهوڙ ۽ رشيد جمالي جو بندي وارو مسئلو به حل ٿي ويو، ان مسئلي تي وري ڪڏهن پوءِ ڪچهري ڪنداسين، هينئر ساٿي ارطغرل غازي ڏسي رهيا آهن.

آصف غلام رسول ڇلگري/سينٽرل جيل حيدرآباد (10 آڪٽوبر 2021)

زندان جي جھروڪن مان!

  اڄ ڪلهه حيدر کوسو ۽ مان هڪ ئي کوليءَ ۾ گڏ آهيون، مون کي کيس ڪافي ڀيرا عرض ڪيو ته ٻيلي مون کي خدمت جو موقعو ڏي، مون ڏي اچ پر هو نه آيو، جڏهن آيو ته پنهنجي مرضيءَ سان آيو، بابا کي مرحوم حسن درس سمجھه ۾ نه ايندو هو ۽ مون کي وري هي شخص سمجھه ۾ نٿو اچي. ڪجھه ڏينهن اڳ دل جي دانن تي مون سان اٽڪي پيو، چئي ته دل جا 16 خانا آهن، تنهن تي مون کيس چيو ته اسان کي استادن چار خانا پڙهايا آهن، تون پنج چئو يا وڌ ۾ وڌ 6 چئو ته به کڻي مڃجي، نه پنج نه ڇهه، مورڳو 16 خانا. خوامخواهه دل جي خانن جو خانو خراب پي ڪيائين. تنهن تي چيائين ته تون اسڪول ۽ يونيورسٽي جي پويان پڙهيو آهين، توکي سائنس جي خبر ئي ناهي، ان تي مون 40 نمبر کوليءَ ۾ موجود پنهنجي پياري دوست عزيز گاڏهي کي چٺي اماڻي پڇيو ته يار حيدر ٿو چوي ته دل ۾ 16 خانا آهن، تنهنجو ڇا خيال آهي؟ هن نعيم عرف ڪدو بروهيءَ جي هٿان مون پاران موڪليل چٺيءَ جي پويان جواب لکي موڪليو ته منهنجا پيارا دوستو مون کي حيدر بخش ۽ تنهنجي دل جي خانن جي خبر ڪانهي پر انسان جي دل ۾ چار خانا هوندا آهن، انهن کي انگريزيءَ ۾ chambers چوندا آهن، سمجھه آيو يا نه؟ مون حيدر کي عزيز جي چٺي ڏيکاريندي چيو ته هاڻ ڇا ٿو چوين؟ ان تي حيدر کوسي وڏو ٽهڪ ڏيندي چيو ته جنهن جي به قميضَ ۾ کيسا گھڻا  هوندا آهن ان جي دل جا خانا گھٽ هوندا ۽ جنهن جي دل جا خانا گھڻا هوندا آهن ان جي لباس ۾ کيسا گھٽ هوندا آهن، سمجھه ۾ ڳالهه آئي يا نه؟ بعد ۾ مون حيدر کوسي کان سوال پڇڻ ئي ڇڏي ڏنو، ڇو جو آئون سمجھان ٿو ته ڌرتيءَ تي ڪجھه ماڻهو اهڙا به هوندا آهن کان پڇاڻو نه ڪبو آهي، بس کين ڏسبو آهي، برداشت ڪبو آهي، انهن مان به سکبو آهي.

سردار محمد ايوب بروهي/سينٽرل جيل حيدرآباد