اسلام آباد ۾ استادن ۽ ملازمن جو پارليامينٽ هائوس اڳيان احتجاج

0
231
اسلام آباد ۾ استادن ۽ ملازمن جو پارليامينٽ هائوس اڳيان احتجاج

ڪراچي(م ڊ) اسلام آباد ۾ سرڪاري اسڪولن جي استادن ۽ ملازمن مارچ ڪندي پارليامينٽ هائوس اڳيان پهچي ويا، شاهراهه دستور جي ٻنهي طرفن کان احتجاج جاري آهي ۽ مظاهرين گادي واري شهر جي تعليمي ادارن کي ميونسپل ڪارپوريشن جي ماتحت ڪرڻ جو فيصلو واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري رهيا آهن

احتجاج ڪندڙن جو چوڻ آهي ته ميئر جي ماتحت ٿيڻ سان الائونسز ۽ ترقيون ختم ٿي وينديون، احتجاج ڪندڙن چتاءُ ڏنو ته مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ شاگردن ۽ والدين سان گڏجي احتجاج کي تيز ڪيو ويندو

ياد رهي ته استادن جي احتجاج سبب اسلام آباد جي تعليمي ادارن ۾ ٽن ڏينهن تائين تعليمي سرگرميون معطل آهن