سوال/سروي پي ٽي آءِ حڪومت بادشاهن وانگر زوري فيصلا مڃرائي ٿي، ووٽنگ مشين انهن کي ڳچي ۾ پوندي: عوام

0
143
سوال/سروي پي ٽي آءِ حڪومت بادشاهن وانگر زوري فيصلا مڃرائي ٿي، ووٽنگ مشين انهن کي ڳچي ۾ پوندي: عوام

 ڊيلي پنهنجي اخبار جي فيس بوڪ پيج تي عوام کان سوال ڪيو ويو ته اليڪشن ڪميشن ۽ حڪومت ۾ تڪرار وڌي ويو، حڪومت پاران اليڪشن ڪميشن جا فنڊ روڪڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي جڏهن ته اليڪشن ڪميشن پاران حڪومتي دٻاءُ رد ڪيو آهي، چونڊون ووٽنگ مشين ذريعي ٿينديون يا نه؟ جنهن تي اڪثر ماڻهن چيو ته وفاقي حڪومت بادشاهن وانگر زوري فيصلا مڃرائي رهي آهي، هن ڀيري ووٽنگ مشين سان چونڊون ٿيون ته به ووٽ چوري ٿيندو،

حڪومت پاران زوري ووٽنگ مشين آندي وئي ته اها پي ٽي آءِ کي پاڻ کي ئي ڳچي ۾ پوندي، پارليامينٽ مان ووٽنگ مشين وارو فيصلو زبردستي ورتو ويو هن کان اڳ ۾ آرٽي سسٽم فيل ٿي ويو، جيڪڏھن مخالف ڌر هن سسٽم کي نٿي مڃي ته بحران جاري رهندو حالتون ويتر خراب ٿينديون، سوال/سروي سلسلي ۾ شيئر ڪيل پوسٽ تي ڪمينٽ ڪندي خادم گهراڻولکيو ته حڪومت پنهنجي ڳالهه مڃائڻ چاهي ٿي جيڪڏهن حڪومت فنڊ نه ڏيندي ته اليڪشن ڪميشن ڪيئن چونڊون ڪرائيندي؟ بهتر آهي ته جديد اليڪشن طريقي سان مشين ذريعي ڪرايون وڃن، گل حسن شر لکيو ته اليڪشن ۾ اڃان ٽائيم پيو آھي اگر سڀ متفق نه پيا ٿين ته صرف پي ٽي آئي ڇو اتاولي ٿي رھي آھي ووٽنگ مشين تي اھڙو داٻو ٻئي ڪنھن به سياسي پارٽي پھرين اليڪشن ڪميشن کي نه ڏنو ھوندو، فنڊز عوام جي پيسن مان وڃن ٿا

عمران خان يا فواد چوڌري جي کيسي مان. ته ڪون ٿا وڃن، اليڪشن ڪميشن کي خرچ پاڻي بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيڻ افسوس جھڙي ڳالھه آھي، عابد لغاري لکيو ته اسان 74 سالن ۾ بيلٽ پيپر ذريعي ووٽ ڏيڻ ناهيون سکي سگهيا ۽ هينئر مشين ذريعي ووٽ ڏيئي سگهنداسين وفاقي حڪومت بادشاهن ۽ آمرن وانگر ڏنڊي جي زور تي ڪم ڪرائڻ جي ڪوشش پئي ڪري، ظفر رند لکيو ته اگر اليڪشن ووٽنگ مشين ذريعي ٿي ته اليڪشن ڪميشن جو ادارو ئي ختم ٿي ويندو ڇو ته هر اليڪشن ۾ نتيجا عوامي نه هوندا، شبير حسين ڀوت لکيو ته لڳي ٿو دال ۾ ڪجهه ڪارو آهي، حمادالله ڪنڀر لکيو ته پِي ٽِي آئِي طرفان پاڪستان ۾ پهريون دفعو آندل اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين بل اصل ۾ 2023 جون عام چونڊون چورِي ڪرڻ جو منصوبو آھي ۽ اليڪشن ڪميشن اي وي ايم بجاءِ پنهنجي پراڻي طريقيڪار سان چونڊون ڪرائڻ چاهي ٿي

جيڪا تحريڪ انصاف کي قبول ناهي انڪري فواد چوڌري پاران اليڪشن ڪميشن کي فنڊ نه جاري ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آھي، محمد صادق سومرو لکيو ته جيڪڏهن حڪومت فنڊ نه ڏيندي ته پوءِ اليڪشن ڪميشن ڪيئن چونڊون ڪرائيندي؟ اهو صرف عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، مجاهد رند لکيو ته لڳي ٿو ھن دفعي مشين ذريعي چونڊ ٿيندي. حفيظ الله لکيو ته اگراليڪشن ووٽنگ مشين ذريعي ٿئي ٿي ته حڪومت کي نقصان ٿيندو ڇوته حڪومت کي خبر آهي مهانگائي جي ڪري عوام اسانکي ووٽ نه ڏيندو، مير جاسم بلوچ لکيو ته ان مشين سان صرف پي ٽي آءِ کي فائدو ٿيندو، اسان جا هتي فنگرز ئي ميچ نٿا ٿين ٻهراڙي ۾ اهو عام مسئلو آهي، شبير باغي لکيو ته چونڊون بيلٽ پيپر ذريعي ٿين يا اليڪٽرانڪ مشين وسيلي چونڊجي اهي ئي ايندا جن کي چونڊڻو هوندو،

جيستائين صحيح انصاف ۽ قانون جي حڪمراني نٿي قائم ٿئي تيستائين غريبن تان آزار ختم نه ٿيندو،مڪيش جئپال لکيو ته رڳو عوام کي بيوقوف بڻايو پيو وڃي، غلام رضا راڄپر به سروي ۾ حصو ورتو، آزاد هنڱورجو لکيو ته مشين ذريعي ئي ڪجھه قدر ڌانڌلي تي ضابطو آڻڻ ممڪن آهي، چونڊون مشين ذريعي ٿينديون. فرمان چانڊيو لکيو ته سڄو ڪمال پيسن جو آهي پيسن جي ڊيل ٿي وئي ته پوءِ ڪوبه مسئلو نه آهي، جاويد زرداري لکيو ته ملڪ هڪ ڀيرو ٻيهر اليڪشن طرف وڃِي پيو، شمس الدين رند لکيو ته جيئن عمران خان چاهيندو ايئن ئي ٿيندو، پوءِ کڻي پراڻي نظام يا نئين نظام تحت ئي چونڊون ٿين، اڄ تائين عمران خان جا ئي فيصلا هلي رهيا آهن، غلام حسين لکيو ته پهريان وارو ئي چونڊن جو نظام بهتر آهي، ايم عيسيٰ لنڊ لکيو ته جيڪڏهن چونڊون ووٽنگ مشين ذريعي ٿيون ته اليڪشن ڪميشن جو ادارو ئي ختم ٿي ويندو ڇو ته هر اليڪشن ۾ پئيسي جو ڪمال هوندو آھي،

ووٽنگ مشين ذريعي شفاف اليڪشن ٿيندي،آسودومل لوهاڻو لکيو ته وفاقي سرڪار ڏنڊي جي زور تي هر ڪم ڪرائڻ چاهي ٿي هنن کي اها مشين ڪنڌ ۾ پوندي، جمال الدين چنا لکيو ته اهڙي جمهوريت کان مارشلا لڳائن گهٽ ۾ گهٽ عوام ته سک جو ساهه کڻندو، نثار لغاري لکيو ته پارليامينٽ مان ووٽنگ مشين وارو فيصلو زبردستي ورتو ويو هن کان اڳ ۾ آرٽي سسٽم فيل ٿي ويو هن کان اڳ ۾ پنجيتاليهه فارم درست طريقي ڏنو نه ويو جيڪڏھن مخالف ڌر هن سسٽم کي نٿي مڃي ته بحران جاري رهندو حالتون ويتر خراب ٿينديون، نياز سومرو لکيو ته چونڊن ۾ سڀ پارٽيون حصو وٺنديون آهن، صرف ھڪ ئي پارٽي ڏاڍ ذريعي فيصلو نه ٿي ڪري سگھي،

جمھوريت ۾ آمريتي قدم نه کنيا وڃن، مبين اڄڻ لکيو ته دنيا جا مذھب ملڪ جديد طرز تي پنھنجي ملڪ ۽ عوام جي لاءِ سھولتون آڻيندا رھن ٿا پر افسوس ھتڙي اسان جھڙن ترقي پذير ملڪن ۾ ھر ترقي يافته سھولت صرف وڏيرا شاھي بيور ڪريسي ۽ سياستدانن جي مفاد ۾ ٺاھي وڃي ٿي جنھن جو فائدو صرف اميرن ۽ سياستدانن کي ٿئي ٿو، پاڪستان ۾ ڪھڙا به طريقي جا ووٽ ٿين پر جنھن کي خلائي مخلوق جو ساٿ ھوندو اھا ئي پارٽيءَ حڪومت ٺاھيندي ھي صرف دنيا کي ۽ پاڪستاني عوام کي صرف دوکو ڏيڻ جي لاءِ ٺاھي وئي آھي وونٽنگ مشين، عاشق ڀٽي لکيو ته هن ڀيري ووٽنگ مشين سان اليڪشن چوري ڪندا، بيلٽ پيپر سان چوري پڪڙي وئي هئي.