اشو آف دي ڊي … ”هي سنڌ آهي، افغانستان هليا وڃو“ راشد محمود پاران ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت: سوشل ميڊيا جو ردعمل

0
681

  جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو پاران سنڌ ۾ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت ڪرڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل ڏنو ويو، ان حوالي سان نواز شاهه ڀاڏائي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ طالبانائزيشن قبول ناھي! سنڌ صدين کان سر ۽ ساز جي سرزمين رھي آھي جتي موسيقي جي خاطر ڏياچ ڪنڌ ڪپايو ھو ھتي ھندومت ٻڌازم توڙي جيت مت سميت ڪنھن به مذھب راڳ جي مخالفت نه ڪئي اتي اڄ جو رجعت پرست راشد محمود سومرو راڳ تي بندش ڪيئن ٿو ھڻي سگھي؟ سنڌ جي اسڪولن ۾ ميوزڪ سيکارڻ وارو عمل بھترين قدم آھي ان سان ٻارن جي ذھنن تي مثبت اثر پيدا ٿيندا، موسيقي ته قرآن مجيد جي تلاوت ۾ آھي موسيقي ته قدرت جي منظرن وڻن، ندين، درياھن، آبشارن، پکين ۾ موجود آھي، خدا جي ھن حسين ڌرتي کي ھي ڪير آھن جيڪي دوزخ بنائڻ گھرن ٿا؟ موسيقي ته لطيف وٽ آھي پوءِ ڇا اسين مولانا فضل رحمان ۽ راشد سومري جي چوڻ تي لطيف جو راڳ ڳائڻ بند ڪري ڇڏينداسين؟ اسين واضع طور چئون ٿا ته اسلام جو احترام ڪريون ٿا پر ھتي تنگ نظري جھالت ۽ ملائيت جي گنجائش ناھي، اھڙا قانون وڃي افغانستان ۾ پاس ڪرايو جنھن کي طالبان ھجڻ تي فخر آھي اھو لاڙڪاڻو ڇڏي جلال آباد ھليو وڃي، سنڌ سرن سان پيار ڪري ٿي سنڌ سرن تي رقص ڪندي اتي اھڙيون جاھلانا ۽ دقيانوسي ڳالھيون ڦھلائڻ کان پاسو ڪريو، سنڌ توھان کي عزت ڏئي توھان ان جي ڪلچر راڳ ۽ رواداري تي حملا ڪريو ؟ جنهن تي ايڊووڪيٽ وهاب ڀرڳڙي لکيو ته باقي پاڻ جيڪو ڪن اهو جائز آهي؟ افسوس، رحيم بخش جمالي پوسٽ سان اتفاق ڪيو،  ڪامران پنهيار، احسان علي کوسو، مير سجاد ڄامڙو لکيو ته پوءِ اسان مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ مان مدرسا ختم ڪيا وڃن، رحيم بخش جمالي پوسٽ سان اتفاق ڪيو، فياض جمالي، مهراڻ شيخ،مدثر سومرو، محمد عرس ڪيهر، نصير نواز بروهي، اطهر گهانگهرو، نعيم عمراڻي به ردعمل ڏنو، مظفر علي لکيو ته ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ بدران عالم ڀرتي ڪيو شاگرد سٺا سلڇڻا با اخلاق ۽ معاشري جا بهترين فرد نڪرندا، شعيب پيرزادو لکيو ته ملان گهڻن کي هضم ناهن ٿيندا،  وقاص پنهور لکيو ته دنيا ۾ ھڪ لک چوويھه ھزار پيغمبر آيا جن مان 4 پيغمبرن تي ڪتاب نازل ٿيا مطلب اھي چار انبيا باقي نبين کان افضل آھن ۽ انھن 4 پيغمبرن کي معجزه عطا ڪيا ويا، حضورﷺ جو سڀ کان وڏو معجزو قرآن ڪريم آھي، حضرت موسيٰ عه کي انھي قابل ٺاھيو جو ھو لٺ سان دريا جا ٻه ٽڪر ڪري ڇڏي، حضرت عيسيٰ عه کي مردي کي زنده ڪرڻ جو معجزو ڏنو ۽ حضرت دائود عه کي سريلو آواز عطا ڪيو، اھڙو آواز جنھن کي ٻڌي چرند پرند انھن ڏانھن راغب ٿي ويندا ھئا، زبور ۾ ايتري تائين لکيل آھي ته ڪھڙن راڳن ۽ ڪھڙن سازن سان حضرت دائود خدا جي حمد و ثناءَ ڪئي. ڇا اھو ممڪن آھي ته رب پاڪ پنھنجي تعريف لاءِ ڪنھن حرام شئي جو انتخاب ڪري. قاري حفيظ الله لکيو ته سنڌ باب الاسلام آهي، اسلام ۾ موسيقي حرام آهي، باقي مولانا راشد محمود جي ڳالهه جنهن کي نٿي وڻي اهو سنڌ مان هلي وڃي، مدرسا قيامت تائين رهندا، فراز علي لکيو ته هنن کي ڪهڙي خبر ته سر ۽ سنگيت ڇا ٿيندي آهي.شانل کوسو پوسٽ شيئر ڪئي ته جيڪي  جشن ميلاد ۾ هڪ معصوم نياڻي کي حور طور  چوڪ  تي اچي ويهارين ٿا ۽ انڊيا جي ڌنن تي نعت / مولود / قصيده هلائي جهمريون هڻن ٿا اهي وري  اسڪولن ۾ موسيقي  ڪلاس کي حرام قرار ڏين ٿا، امر فياض پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته قومي تحريڪ سيڪيولر ۽ ترقي پسند ٿيندي آهي. اسان جا قومي ليڊر وڏيرن جي درن جو حاضريون ڀريندا رهيا ۽ انتهاپسندن کي هيرو قرار ڏيندا رهيا. شير سنڌ، انقلابي ليڊر، سنڌ جي لوئي ۽ لڄ جو محافظ، قائد انقلاب، اڃان ڪو لقب رهجي ويو هجي ته تڪڙا لقب ڏيندڙ فيس بوڪي سنگت ٻڌائجو.جنهن تي حيدر بخش کوسو لکيو ته بلڪل صحيح جيڪو ترقي پسند ۽ سيڪيولر ڪونھي اھو نه اڳواڻ آھي ۽ نه ئي انقلابي. سيدزاده ڪامران لکيو ته ھميشه ائين ئي ٿيندو رھيو آھي اڪثر ڪٿي ملن کي وڏو قومي ھيرو ڪري پيش ڪيو ويو ته ڪڏهن ظالم حڪمران جي ڀوتارن سان گڏوگڏ ليڊر ته ليڊر پر گڏوگڏ اھي نوجوان به ڏٺاسين جيڪي پاڻ کي ائين سمجھندا آھن ڄڻ ڪجھه ڏينھن ۾ ئي انقلاب آڻيندا پر انھن کي ھميشه خوشامد واٺاگيري ۾ مصروف ڏٺوسين. گنپت راءِ لکيو ته قومي ليڊرن تي ڏوھ ڇو ٿا ڏيو ھنن ويچارن به پنھنجي عظيم اڳواڻن جي پيروي ڪئي آھي. اصغر باغي لکيو ته رواداري جو تعلق لازم هجڻ گهرجي قومي يڪجھتي لاءِ درگذر ۽ روادار ٿيڻو ضروري آهي ان جو اهو مطلب هرگز ڪونهي ته اهي رجعت پسند ٿي ويا، محسن رند پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته دنيا مريخ تي پهتي سنڌي ملن کي اڃا سر ۽ ساز تي به اعتراض آهي، سنڌي ملان ته اڳ پنهنجون شاديون ۽ خوشيون به دهل شرنائيون گهرائي خوشين سان نچي ڪڏي ڪندا هئا هي انتهاپسندي وارو جن سنڌي ملن ۾ الائي ڪٿان آيو آهي اڳ به ايئن نه هو،  جنهن تي مقصود چانڊيو لکيو ته ذهن وسيع ناهن ذهن محدود آهن تڏهن اها سوچ آهي، رشيد سڌايو لکيو ته فوٽو حرام آهي پوءِ فوٽو ته ٺهيو سڄو ڏينهن وڊيو پيا ٺاهين، راشد جمالي لکيو ته منھنجي خيال ۾ ته يھودين جو مڪمل بائيڪاٽ ڪجي حرام کي ويجھو به نه وڃجي يھودين جي ٺاھيل ٽچ موبائل، يھودين جي ٺاھيل پراڊو، يھودين جي ٺاھيل ھيليڪاپٽر کان به پاڻ کي پري رکڻ کپي، سرمد خليل کوسو لکيو ته صحيح ٿو چوي، پڙهائي اڳ ئي پوري آهي باقي رهيل سر ۽ سنگيت آهي، سڪندر بڙدي لکيو ته سعودي جي چينلن تي ته سڀ ڪجهه هلي پيو، انور علي شاهه لکيو ته شاعرن جي سرتاج شاھ سائين فرمايو آھي رب پاڪ جي محبت ۾ جيڪو مون ٻوٽو پوکيو آھي ان جي آبياري سر ساز ذريعي ڪندو آھيان، بشير سولنگي، آصف سومرو، منٺار گوپانگ، ذلفي ميراڻي، سڪندر علي پسيو، غلام سرور پيرزادو، خالد حسين عمراڻي، انور علي ملڪ به ردعمل ڏنو.ڪشور توگاڻي لکيو ته صرف سياست آهي ٻيو ڪجھه ناهي ڇا انهي قدم سان موسيقي ختم ٿيندي؟ يا ان کي سکڻ وارا؟ هن وقت جديد دور ۾ موسيقي هر شئي ۾ شامل آهي. اڄڪلھه نعت ۾ به ترز ۽ سائونڊ شامل ڪيا وڃن ٿا. گانن جون ڌنون لڳل هونديون آهن… باقي ڪير نٿو سکڻ چاهي مرضي آهي پر موسيقي سان ڪنهن کي ڪو نقصان ناهي. علي ڪامران سهتو پوسٽ شيئر ڪئي ته ڏيو منهن..! جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو طرفان سنڌ جي اسڪولن ۾ “ميوزڪ ٽيچر” ڀرتي ڪرڻ جي مخالفت، چوي ٿو ته ڪنهن به ريت راڳي استاد ڀرتي ٿيڻ نه ڏبا، قربان علي گاڏهي لکيو ته مولودائي ڀرتي ڪريو، ببلو مڱريو ۽ امجد مهيسر به ردعمل ڏنو، عزيز راج پوسٽ شيئر ڪئي ته موسيقي رڳو سنڌ ۾ حرام؟ ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ڪرڻ نه ڏينداسين، راشد محمود سنڌ حڪومت کي ڀرتين وارو فيصلو واپس وٺڻ لاءِ ڌمڪي ڏئي ڇڏي، جنهن تي سفيع الله شر لکيو ته ايئن نه ٿيڻ گهرجي اسان ڳائڻ شروع ڪيو ميوزڪ ٽيچر ٿيڻ لاءِ، مير ٽالپر لکيو ته ايئن چوي ها ته افغاني پٺاڻ سنڌ ۾ نه اچڻ ڏينداسين، نويد چانڊيو لکيو ته ميوزڪ حرام باقي ڪرپشن حلال آهي؟ هاشم سميجو، رفيق مگسي، نياز به ردعمل ڏنو، نظيران بانو لکيو ته انھن کي ڪھڙي خبر ميوزڪ ۽ موسيقي ڇا شئي آھي، اھا ته روح وارن کي خبر آھي، لياقت عباسي لکيو ته پوءِ هي افغانستان ڇو نٿو هليو وڃي. نثار کوکر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته سنڌ ۾ موسيقي حرام آهي، ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ٿيڻ نه ڏينداسين.. مولانا جو اعلان…مس مس وڃي سنڌ جي موسيقارن ۽ گلوڪارن جي سرڪاري نوڪرين جو بندوبست ٿيو هو سو به نه سٺائون…مولانا راشد سومري چيو آهي ته سنڌ حڪومت اهو فيصلو واپس نه ورتو ته سخت ردعمل ڏينداسين.  انکي چئبو آهي سياست جو سنڌ حڪومت جي جهازن ۾ چڙهي سنڌ حڪومت جي پاليسين جي مخالفت ڪرڻ….. جنهن تي توفيق احمد ڀٽو لکيو ته ڪيئون نه ڦڏو، محمد رفيق لکيو ته اگر ملڪ کي ترقي يافته بنائڻو آھي ته مذھبي جنونيت جي پاڙ پٽڻي پوندي، گلشن لغاري لکيو ته ان کي کپي وڃي پنجاب ۽ ڪي پي ۾ پنھنجو آرڊر ھلائي،  ھي سنڌ آهي، عابد شر لکيو ته راشد سومرو ته سنڌ سرڪار تي ڇتي تنقيد ڪندو آهي ان کي ڪرپٽ ترين قرار ڏيندو آهي وري جهاز به انهن جا استعمال ڪن ٿا، مختيار جاگيراڻي لکيو ته متان نه مڃو، يوسف جاني لکيو ته انهن ڪڏهن مدرسن ۾ معصوم ٻارن سان زيادتين خلاف بيان ڏنو آهي، راجڪمار وڻجارا لکيو ته ميوزڪ ٽيچر ڀرتي ٿيڻ گھرجن، جي يو آءِ جو سنڌ ۾ ڪو اسٽيڪ نه آهي تنھنڪري پپلزپارٽي کي انهن جي بليڪ ميلنگ ۾ نه اچڻ کپي،  محرم چانڊيو لکيو ته پوءِ حضرت دائود بابت هي ڇا چوندا، ايڊووڪيٽ غلام نبي چانڊيو لکيو ته آئون انتھا پسند يا شدت پسند ته ناھيان نه ئي موسيقي جي خلاف آهيان ؟ پر حضرت دائود جو ريفرنس موضوع سان منسوب به نه ٿيڻ گهرجي ؟ دراصل اسلام جي اچڻ بعد ٻيا سمورا مذھب اسان مسلمان جي لاءِ منسوخ ٿيل آهن تنهن ڪري اسلام ھڪ مڪمل دين آهي باقي موسيقي رقص ڪلب اسلام دنيا جي سمورن ملڪن اندر ته اڄا گهڻو ڪجھه آهي ؟ سعودي مستقبل ۾ النيوم سٽي ٺاهي رھيا آهن باقي اسان وارا راز جا راڻا آهن. حسن پٺاڻ لکيو ته 1988ع ۾ لاڙڪاڻي ايليمنٽري ڪاليج مان (پي ٽي سي) پرائمري ٽيچر ڪورس ڪئي هئي ان وقت به استادن کي ٽريننگ ڏيندڙن مختلف سجيڪٽن سان گڏ هڪ موسيقي (راڳ) جي سکيا ڏيندڙ استاد پڻ مقرر ٿيل هو. شاهد بلوچ، صفدر پنهور، راشد لاشاري، جي ايم آريسر، سڪندر بڙدي، مصطفيٰ جمال شر، عزيز رانجهاڻي، سيد ظاهر حسين شاهه، بخت الله بلوچ، سلمان شيخ، عمران علي، نظير احمد، ظفر علي اوٺو، سرفراز کوسو، دانش نور، سجاد مصطفيٰ، ڪوهستاني عمران، يحيٰ جتوئي، محمد آصف سومرو، صدام چانڊيو، وفا منصور ٻرڙو، ذوالفقار شر، شهاب الدين سومرو ۽ ٻين به ردعمل ڏنو.