دوحا(اسپورٽس نيوز) فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي تاريخ جي سڀ کان وڏي اپ سيٽ ۾ سعودي عرب فيوريٽ ارجنٽائن کي 2-1 تان شڪست ڏئي ڇڏي. تفصيل موجب فٽبال جي رينڪنگ ۾ 51 نمبر تي موجود سعودي عرب ورلڊ ڪپ جي فيوريٽ ٽيم ارجنٽائن کي هڪ جي مقابلي ۾ 2 گولن تان شڪست ڏئي تاريخ جو وڏو اپ سيٽ ڪري ڇڏيو. قطر جي لوسيل فٽ بال اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ 2022ع جي گروپ سي جي افتتاحي ميچ ۾ سعودي عرب جي فٽبال ٽيم ليونل ميسي جي ارجنٽائن کي مات ڏئي ڇڏي. ميچ جي پهرين هاف ۾ ارجنٽائن جي ليونل ميسي پنلٽي ڪڪ ذريعي ميچ ۾ برتري حاصل ڪئي ان هاف ۾ ارجنٽائن جا 3 گول آف سائيڊ سبب ضايع ٿي ويا. ميچ جي ٻئي هاف ۾ 10 منٽن کانپوءِ صالح الشهري خوبصورت گول ڪري رجنٽائن جي برتري کي 1-1 تان برابر ڪيو، پنج منٽن جي وقفي کان پوءِ سالم الدوسري ٻيو گول ڪري ميچ ۾ برتري حاصل ڪئي جيڪا ميچ جي پڄاڻيءَ تائين برقرار رهي. شڪست کان بچڻ لاءِ وَس ڪيا پر سعودي عرب جي گول ڪيپر هن جي حملن کي ڀرپور جواب ڏئي نئين تاريخ لکي ڇڏي. ان کان اڳ گروپ ڊي ۾ يو ايس اي ۽ ويلز وچ ۾ کيڏي ويندڙ ميچ 1-1 گول تان برابر ٿيڻ سبب ڊرا ٿي وئي. يو ايس اي طرفان ٽيموٿي ۽ ويلز طرفان گيرٿ بيل هڪ هڪ گول ڪيو.