پسند جي شادي ڪندڙن کي تحفظ ڏيڻ گھرجي

 

سنڌ جيڪا امن واري ڌرتي سڏي ويندي آھي جنھن کي پيار۽ محبت جو درس مليل آھي. انھي سنڌ امڙ جي پاڪ سرزمين تي جيڪي ھانءُ ڏاريندڙ واقعا اڪثر پيش ايندا رھن ٿا انھن ۾ گھڻو ڪري پسند جي شادي ڪندڙن جو وڏو تعداد هوندو آهي. انھن جوڙن کي گولي جو نشانو بڻايو ويندو آھي. اترسنڌ ۾ اڪثراھڙا واقعا ھر روز ميڊيا جي زينت بڻجندا رھيا آھن. يا وري جوڙن کي ڳجھه ڳوھ ۾ موت جي ننڊ سمهاريو ويندو آھي. پسند جي شادي ڪندڙن کي تحفظ ڇو نٿو ملي سگھي؟ انھي جا ڪھڙا سبب ٿي سگھن ٿا؟ غيرت جي نالي تي ٻٽو قتل ڪرائڻ ۾ ڪھڙا ھٿ ملوث ٿي سگھن ٿا؟ سنڌ ۾ وڏيرڪو ۽ جاگيداراڻو نظام اڄ بھ ھلندو رھي ٿو، ڀلي کڻي ڀوتار وٽ عورت کي سام ڪري ڇڏجي پر اھو پنھنجو ڪردار ضرور ڏيکاريندو. ان عورت تي ڪارپ جو الزام ڏياري ۽ نوجوان مٿان ڏنڊ ھڻي پنھنجو فيصلو مڃرائڻ ۾ وڏو فخرمحسوس ڪرائيندوآھي. ڇاڪاڻ تھ برادرين جي ماڻھن توڙي سردارن وٽ شادي لاءِ ڇوڪري جي پسند کي ڪابھ اھميت نھ ڏني ويندي آھي. اندروني ڪھاڻي ڪجھه ٻي ھوندي آھي ليڪن ٻاھر عام ماڻھو لاءِ ڪجھه ٻيا افواھ ڇڏيا ويندا آھن. ڪيترائي ڀوتاڪا فيصلا اسان جي روبرو ٿيا آھن پر عورت کي انھن جرڳن ۾ مايوسي نصيب ٿيندي رھي آھي يا تھ جوڙي کي دوکي سان گھرائي انھن کي الڳ ڪري جيڪو ورتاءُ ڪيو ويندو آھي ايڏو تھ دردناڪ آھي جنھن کي بيان ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آھي.  اسان وٽ اڪثر غيرت رڳوعورت تي ايندي آھي باقي همراهه کان ڏوڪڙن جي ڀري وٺي ڀوتار ۽ ناري جا وارث حصو پتي ڪري ورھائي کائيندا کپائيندا آھن. اھا ڪھڙي قسم جي غيرت چئبي؟ چوڻي موجب رھو حلال ۽ ٻوٽي حرام! ڪيترائي جوڙا ھن وقت بھ روپوشي واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھن. شادي ڪندڙن جو خود رت جي رشتن تان ڄڻ تھ ويساھ کڄندو پيو وڃي ۽ اھي پيارڪري جانورن واري زندگي گذارين پيا. ان جو آخرحل ڪھڙو نڪرندو؟ ڇاڪاڻ تھ قانون انھن کي شادي ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو باقي زندگي ڪھڙي ريت گذري ٿي اھو انھن کان پڇڻ گھرجي. باقي ظاھري نتيجو اھو ئي نڪري ٿو جيڪو اڳتي ھلي اھو جوڙو گولين جو بک بڻجي وڃي ٿو. اڪثر رات جي اونداھين ۾ قتل ٿيل عورتن جو بس ڏوهه ھڪڙو ئي تھ ھو والدين جي مرضي سان ڪنھن پوڙھي سان شادي ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون.

 

گل بيگ چانگ

تعليم ڇو ضروري آھي

 

تعليم اِن لاءِ ضروري آهي ته جيئن ٻين جي ضرورتن کي سمجهي سگهجي، ٻين جي دردن کي پروڙي سگهجي، ڪنهن ماڻهو لاءِ مددگار ٿي سگهجي. تعليم بنا انسان حيوان مثل آهي، حيوانن کي ٻين جو درد محسوس ناهي ٿيندو. ها کين درد جو احساس ٿيندو آهي تڏهن جڏهن اُهو درد انهن جو پنهنجو هجي، ٻين جي مرڻ، جيئڻ يا تنگي واري زندگي سان کين ڪوبه غرض يا مطلب نه هوندو آهي. کين صرف ايترو علم عطا ٿيل هوندو آهي جو اُهي کائي پي سگهن. ان کان وڌيڪ اُهي لاچار ۽ بي وس آهن. حيوان هجڻ واري حالت دراصل تعليم کان وانجهيل هجڻ جي ڪري ئي آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ انسان منجھه اعليٰ پائي جون سوچون جنم وٺنديون آهن، اُهي سوچون اڳتي هلي عملي شڪل اختيار ڪنديون آهن. اِهڙي ريت انساني زندگي جي واڌ ويجھه ٿيندي آهي ۽ حضرت انسان فرش کان عرش تائين جو سفر ڪجھه سيڪنڊن ۾ طئي ڪرڻ جو ماهر ٿي پوي ٿو. جيڪڏهن انسان کي قدرت واري طرفان تعليم نه ڏني وڃي ها ته يقينن حضرت انسان پنهنجي هڪ اک کان ٻي اک واري مفاصلي تائين جو به ڪڏهن تعين نه ڪري سگهي ها ۽ کين انهن جو پاڻ ۾ ڳانڍاپو به ڪڏهن سمجھه ۾ ڪونه اچي ها. اِن لاءِ تعليم حاصل ڪرڻ اوترو ئي اهم آهي جيترو زنده رهڻ لاءِ کائڻ ۽ پيئڻ. تعليم کان علاوه انسان بي نور آهي، علم جو نور هر شي کي واضح ۽ چٽو ڪندو آهي. حديث آهي ته: علم حاصل ڪرڻ هر مرد ۽ عورت تي فرض آهي.

 

ايڊووڪيٽ ظفر الله جعفري

برسات متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ به عذاب بڻجي ويا

 

سنڌ حڪومت برسات متاثرن کي گھر اڏڻ لاءِ 3 لک رپيا ڏيڻ جو اعلان ڪيو آھي. پھرين قسط ۾ متاثر کي 50 ھزار ڏنا ويندا، جنھن مان  گھر جون ڀتيون تيار ڪرائيندا. ٻي قسط  اڍائي لک  سندس اڪائونٽ ۾ منتقل ڪئي ويندي. سوال اھو پيدا ٿئي ٿو ته جڏھن ھن وقت سرن جي ٽرالي جو ريٽ 60 ھزار روپيا آھي، جڳھن جي تعميرات ۾ استعمال ٿيندڙ مٽيريل سريو، سيمينٽ، ڪريش، بجري، گارڊر، ٽيئر سميت ھر مٽيريل دڪاندارن ۽  بٺي مالڪن ٻيڻ ٽيڻ  تي مھانگو ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ  حڪومت اعلان ڪيو آھي ته پھرين قسط ۾ پنجاھ ھزار ڏنا ويندا، ان مان ته جڳھه جي پيڙھ ئي ڪون ڀرجي سگھندي. جڳھه جون ڀتيون ته پري جي ڳالھه آھي اسان جي ملڪ ۾ وڏو الميو اھو آھي ته منافعي خور موقعي جي تلاش ۾ ھوندا آھن. موقعو ھٿن مان ناھن وڃائيندا. برسات جيڪا تباھي آندي آھي ان مثال موجودا صدي ۾ ڪٿي نٿو ملي. آبادگارن جا فصل تباھ، گھر تباھ، مال متاع مري ويا، جي بچيا آھن ته سندن سکڻا سر بچيا آھن. روڊ رستن واھن شاخن جي ڪنارن تي بکن ڏکن ۾ پاھ ٿيندا رھيا آھن. حڪومت کي جھڙي نموني متاثرن جي واھر ڪرڻ گھرجي ھا ان نموني ناھي ڪئي. ھينئر جڏھن برسات وارو سيلاب ختم ٿيو آھي ته  واپس پنھنجي ماڳن ڏي موٽي گھر اڏن پيا ته منافعي خور بي لغام ٿي ويا آھن. کين ٻنھي ھٿن سان ڦري رھيا آھن. ھڪڙي عذاب مان مس جان ڇڏائي ته مٿان مھانگائي جو عذاب ڀوڳي رھيا آھن. بٺي مالڪن توڙي دڪاندارن جڳھن ۾ استعمال واري مٽيريل جا اگھه ٻيڻ ٽيڻ تي وڌائي ڇڏيا آھن. لاڳاپيل ادارن چپ جو روزو رکي ڇڏيو آھي جنھن جو فائدو منافعي خور وٺي رھيا آھن. متاثرن ۾ گھر ڇا پر ھڪ ڀت ٺاھڻ جيتري به مالي سگھه ناھي. لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪيون ٿا ته منافعي خورن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

وحيدعلي ڄامڙو/راڻيپور

ٿرپارڪر جي بدلجندڙ صورتحال

 

ٿر پارڪر سنڌ جو هڪ اھو علائقو آهي جنهن ۾ رھندڙ ماڻھن جو مثالي ڪردار رهيو آهي، پر افسوس جو اڄ انھيءَ ٿر جو اھو ڪردار سياست جي ور چڙهي ويو آهي. جنھن ٿر ۾ چوري ڪرڻ يا ھڪ ٻئي سان وڙھڻ جي حوالي سان ڪير سوچيندو به ڪونه ھو، ڪراچي، حيدرآباد سميت ملڪ توڙي پرڏيھه ۾ ملازمت ڪندڙ ٿر واسي ايمانداري سچائي سان پنهنجي روزي ڪمائڻ سان گڏوگڏ پنھنجي بھترين ڪردار سان سڃاتو ويندو هو. اڄ انھيءَ ٿر ۾ ڪجھه ڳوٺن جي پٽيل (وڏيرن) ۽ سياسي ڀوتارن جي طرفان ٿر جي امن وامان واري صورتحال خراب ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. اڄ انھيءَ ٿر ۾ ماڻھو پنھنجي گھرن ۾ محفوظ ناهن. گذريل ھڪ مھيني ۾ ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ چوري جا واقعا ٿيا آهن ڳوٺاڻن جي فرياد تي پوليس ايف آءِ آر (FIR) به نٿي ڪٽي ڇو ته پوليس کي اسان جي مقامي وڏيرن ۽ سياسي ڀوتارن جي طرفان منع ٿيل آھي. ٿرپارڪر ۾ ٿيندڙ چوري جي ذميوارن کي انھن نام نهاد وڏيرن ۽ سياسي ڀوتارن جي مڪمل حمايت حاصل آهي. اسان جي تمام وس وارن کي اپيل آهي ته ٿر جي امن کي خراب ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ملوث جوابدارن کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

محمد عثمان/عمرڪوٽ

 

ڪن ۾ سور ھو گهوٽڪي سول اسپتال وڃڻ ٿيو

 

گهوٽڪي سول اسپتال ڪن جي سور هجڻ ڪري وڃڻ ٿيو، ڪائونٽر مان پرچي ڪٽائي پرچي جو نمبر 147 لکي ڏنو. جڏهن پٽيوالي کان پڇا ڪيم ڊاڪٽر لڇمن اداس ڪٿي ويهندو آهي پٽيوالي چيو سائين هن کي بدلي ڪيو ويو سکر. مون کي ڏاڍو ڏک ٿيو ڇو جو نڪ ۽ ڪن جو هڪ ماهر ڊاڪٽر هو. مون هن کان پڇا ڪئي ان جي جاءِ تي ڪهڙو ڊاڪٽر آيو آهي پٽيوالي چيو سائين اهڙو ڊاڪٽر ناهي سول اسپتال ۾ جيڪو ڪن ۽ نڪ جو ڊاڪٽر هجي. دل ۾ خيال آيو گهوٽڪي تعلقي اسپتال ايڏي وڏي  آهي ڇو نه مريضن کان حال احوال پڇا ڪريان. اسپتال ۾ مريض تمام گهڻا هئا. مرد عورتون پوڙها معصوم ٻارڙا به داخل ھئا. جڏهن مون انهن کان پڇا ڪئي ته اوهان جو علاج ڪيئن ٿئي ٿو ۽ اوهان کي دوائون ملن ٿيون؟ انهن غريب ويچارن چيو سائين هي اسپتال صرف ڏيکارڻ لاءِ آهي ڊاڪٽر پنهنجي مرضي سان مريضن کي ڏسن ٿا ۽ ڪجهه دوائون ڏين ٿا. چون ٿا هي ڪجھه دوائون  اسان  وٽ ناهي هن ٻاهريان ميڊيڪل اسٽور آهي، اتان وٺي اچو. اهو ٻڌي ڏاڍو ڏک ٿيو. اسپتال کي ڪروڙ رپين کان مٿي بجيٽ ملندڙ آهي اهي پئسا الائي ڪٿي خرچ پيا ٿين ڪابه خبر ناهي. اوچتو نظر پئي مرحوم سردار علي محمد مهر ٽرسٽ فار رجسٽرڊ فري ميڊيڪل اسٽور تي جڏهن مان ان اسٽور جي ويجهو ويس ته ان اسٽور کي تالو لڳل هو. تالو ڏسي ڏاڍو ڏک ٿيو ، انهي مان صاف ظاهر ٿئي ٿو. گهوٽڪي سول اسپتال غريبن لاءِ بي لاڀ بڻيل آهي. گهوٽڪي سول اسپتال کي ملندڙ بجيٽ جي اعليٰ سطح تي آڊٽ ٿيڻ گهرجي ۽ ڪرپشن ڪندڙن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

فرمان علي لغاري /گهوٽڪي

 

پوليس ڪيمپ تي حملو ڪندڙ ڌاڙيلن تي 42 ڪروڙ انعام

 

سکر ۾ سنڌ ۽ پنجاب پوليس آفيسرن تي ٻڌل اعلى سطحي اجلاس ۾ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، آر پي او بهاولپور، ايس ايس پي رحيم يار خان سميت سکر لاڙڪاڻي رينج جي پوليس آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي آفيسرن گهوٽڪي، رحيم يار خان جي سرحدي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن خلاف جلد گڏيل گرينڊ ٽارگيٽ آپريشن ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. ڳالهه اها آهي ته رئونتي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڪيمپ تي ڌاڙيلن راڪٽ لانچرن سان حملو ڪيو هو. جنهن ۾ پنج پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن جي شهادت ٿي هئي. پوليس حملي جو ڪيس رئونتي ٿاڻي تي داخل ڪيو. ڪيس ۾ 70 معلوم ۽ 30 نامعلوم سميت 100 ڌاڙيلن کي نامزد ڪيو ويو. ڪيس ۾ قتل، اقدام قتل، پوليس تي حملي ۽ دهشتگري جي قلمن سميت ٻيا سنگين قلم شامل ڪيا ويا آهن. جنهن لاءِ وزيراعلى سنڌ مراد شاهه پوليس آفيسرن کي حڪم ڏيندي چيو ته پوليس ڪيمپ حملي آور ڌاڙيلن کي جلد جيل اندر ڏسڻ چاهيان ٿو ۽ ڌاڙيلن جي سر تي انعام مقرر ڪيو وڃي. ايس ايس پي گهوٽڪي تنوير تنيو حملي آورن سميت 85 ڌاڙيلن تي 42 ڪروڙ جي انعام جي سفارش ڪئي. هر ڌاڙيل تي زنده يا مردو سِرَ تي 50 لک انعام رکيو وڃي. انهن مان گهڻا ڌاڙيل اهڙا آهن جن تي پهريان ئي سنڌ حڪومت طرفان هڪ يا ٻه ڪروڙ انعام مقرر آهي. گهوٽڪي ضلعو هن وقت ڌاڙيلن حوالي سان گهڻو اهم آهي. سکر، گهوٽڪي، شڪارپور ۽ ڪشمور چار ضلعا آهن جيڪي سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن رينج تي ٻڌل آهن. ٻن الڳ الڳ رينج سان گڏ اهي چارئي ضلعا نه صرف پاڻ ۾ گڏيل آهن پر انهن جون حدون پنجاب ۽ بلوچستان سان گڏيل آهن ۽ ڪچي اندر ٻيلي جي لکين ايڪڙ زمين تي ڌاڙيلن جو قبضو آهي. انهن ضلعن ۾ هميشه پوليس لاءِ آپريشن گهڻو مشڪل رهيو آهي. ڳالهه اها آهي ته صوبائي حڪومت، وزيراعلى سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ ان سجي ساري صورتحال کي سامهون رکي ڌاڙيلن خلاف انٽيليجنس بنياد تي گرينڊ ٽارگيٽ آپريشن شروع ڪرڻ جو هن وقت فيصلو ڪيو آهي. ايندڙ ڪجھ مهينا ان ٽارگيٽ انٽيليجنس بيس آپريشن لاءِ انتهائي اهم آهن ۽ جنهن آپريشن ۾ حڪومت طرفان پوليس کي هيلي ڪاپٽر پڻ ڏنو ويندو. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ان سان بدامني ۽ ڌاڙيلن جي بادشاهي ختم ٿيندي.

 

محمد اسلم ماڪو/پنوعاقل

 

منشيات، نسل تباهه ۽ سهولتڪار

 

پاڪستان ۾ جيڪڏهن هن وقت نظر وجهنداسين ته پوري پاڪستان سميت خاص سنڌ جي ننڍي وڏي شهرن ۾ منشيات جنهن ۾ چرس، ڀنگ، آفيم، هيروئن، نوجوان نسل کي تباهه ڪندڙ ڪرسٽل آئيس جو وڪرو عام آهي جنهن  هزارين گهر اجاڙي ڇڏيا آهن. اهڙي صورت حال بعد  سوال اهو ٿو جنم وٺي ته آخر پاڪستان سميت سنڌ ۾ منشيات، هٿيار ڪٿان آيا ڪنهن آندا ڪنهن جي انهن کي سپورٽ رهي آهي؟ مان گذارش ڪندس ته سڀ کان پهريان جڏهن پاڪستان ۾ 25 لکن کان به مٿي افغانين کي رهڻ ڏنوسين، ان بعد جهڙي صورت حال مان پاڪستان سميت سنڌ جا ننڍا وڏا شهر ۽ ڳوٺ گذري رهيا آهن، اتي جيڪڏهن نظر پوي ٿي ته سچ اهو آهي ته روئڻ ٿو اچي، اکيون ڀرجي اچن ٿيون. اڳ ۾ ڀنگ، چرس، آفيم جو نشو گهڻو هو پر ان کان بعد جڏهن افغانستان ذريعي پاڪستان جي مختلف  سرحدن تان ڪراس ڪري  بلڪل آساني سان پاڪستان اندر هٿيار به اسمگلنگ ٿين پيا پر  خطرناڪ نشو به سنڌ پهتو. هن وقت سنڌ نشي ۾ وڪوڙجي وئي آهي. سنڌ جو هر ٻيو نوجوان انتهائي خطرناڪ منشيات جي نشي ۾  وڪوڙجي ويو آهي پوء هي نسل ڇو نه تباهه ٿيندا. مان گذارش ڪندس ته سنڌ پاڪستان جو واحد صوبو آهي جتي  منشيات جي ڪري سنڌ جا نوجوان جنهن ۾ نياڻيون به شامل آهن نشئي ٿي ويا آهن جنهن سان نه صرف تعليم تباهه ٿي آهي پر سچ اهو آهي ته نوجوان نسل به تباهه ٿي چڪو آهي. مان نٿو سمجهان ته سنڌ حڪومت هن سڄي صورتحال کان ناواقف هوندي. اهو به ڪڙو سچ آهي ته  منشيات  هلائيندڙ کي سنڌ جي ڀوتارن، جاگيردارن ۽ سندن واٺن ۽ پوليس جي سپورٽ ضرور هوندي. ان ڪري انهن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

سيد زوار حسين شاهه/ اسلام آباد

ماحولياتي تبديلين جو ڪيس ۽ عالمي معاهدو !

 

گڏيل قومن طرفان  مصر جي شهر شرم الشيخ ۾”ڪوپ 27  ڪانفرنس“  ڪوٺائي وئي جنهن ۾ موسمياتي تبديلين سان متاثر ملڪن جي نقصانن جي ازالي لاءِ گڏيل قومن تحت فنڊ قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو ۽ ان ڏس ۾ معاهدا ڪيا ويا . دنيا ۾ماحولياتي تبديلين سبب سال 2022ع ۾پاڪستان ۽ ٻين ملڪن ۾ ٿيندڙ  هاڃيڪارين، معاشي ۽ انساني نقصانن واري الميي واري ڪيس جو اقوام متحده جي مدد سان  نبيرو ڪيو ويو ۽ ماحولياتي تبديلين جي جاري هاڃيڪارين ۽ مستقبل ۾ پيدا ٿيندڙ خرابين جي نقصانن کي منهن ڏيڻ ۽ انهن سانحن جي ذميوار ملڪن کي جوابدار قرار ڏيڻ ۽ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۽ قومن جي نقصانن جي ذميواري کڻڻ ۽ نقصان ڀري ڏيڻ جي حوالي سان تمام اهم فيصلا ڪيا ويا آهن. ڪانفرنس ۾ ٿيل فيصلن موجب مستقبل ۾به ٿيندڙ ماحولياتي تباهه ڪارين ۾امداد ۽ مدد مهيا ڪرڻ لاء گڏيل قومن واري عالمي فورم تحت مستقل ادارو پڻ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  پاڪستان ۾ماحوليات جي عالمي  مسئلن ۽ موسمياتي تبديلي سبب ۽ وڏي پيماني تي هاڃيڪار برساتن ۽ ٻوڏن سبب تمام وڏا نقصان ٿيا آهن جنهن تي سموري دنيا حيران ۽ پريشان آهي. وڏين برساتن جو سموري ملڪ ۾ هيٺاهين وارو سنڌ صوبو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، جنهن ۾ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو ايراضي برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين جو شڪار ٿي وئي آهي. ملڪ جي سمورن متاثرن ۽ خاص طور تي برساتن ۽ ٻوڏن جو سڀ کان وڌيڪ شڪار ٿيندڙ صوبن سنڌ ۽ بلوچستان لاء يقيني عالمي سطح تي ٿيل اهي فيصلا سٺي خبر آهن. اميد ڪري سگهجي ٿي ته ملڪ هاڻي اڳ وانگر بي يار مددگار نه ٿيندو ۽ هر ڏک ۽ سک ۾ عالمي برادري ۽ دنيا جي ملڪن ۽ قومن  کي ماحولياتي هاڃيڪارين جي مستقل تباهه ڪارين واري حالتن ۾ ڏکئي وقت ۽ آزمائشن واري دور ۾ معاهدي موجب واهر ڪرڻ، ازالو ڪرڻ ۽ وڌ ۾ وڌ مدد ڪرڻ واري معاهدي تي عمل ڪيو ويندو. انهي عالمي معاهدي ۽ فيصلن کي ساراهيون ٿا ۽ انهن تي سندن روح موجب عملدرآمد ڪرڻ جي اميد رکون ٿا.

 

علي محمد ميمڻ/ڪراچي

 

*ٻيلا بچايو سنڌ بچايو

 

ڪنهن به ملڪ جي نه صرف ماحولياتي ترقي پر معاشي ترقي ۾ به  ٻيلن جو ڪردار ھوندو آهي پر ھتي ترقي پذير ھجڻ باوجود ٻيلن کي ھٿ سان ختم ڪري رھيا آھيون. پاڪستان جو صرف % 4.5 في سيڪڙو علائقو ٻيلن سان ڍڪيل آهي پر بين الاقوامي معيار مطابق ڪنهن به ملڪ جي متوازن معيشت لاء ان جو 25 في سيڪڙو علائقو ٻيلن سان ڍڪيل ھجڻ گهرجي. تازو سنڌ ۾  شديد موسمي صورتحال پٺيان ڪيترن ئي سببن مان ھڪ سبب ٻيلن جو گھٽ ھجڻ به آهي. ٻيلا موسمي تبديلين کان  بچائي فطرت جي قانونن تي عمل جو ڪم ڪن ٿا. موسمي تبديلي فطرت جو ردعمل آهي جڏهن اسان وڻڪاري ٻيلا جھنگل ختم ڪرڻ جو سوچيو يعني فطرت سان جنگ ڪئي. ٻيلن ۽ وڻن جي نه ھجڻ سبب وايومينڊل ۾ ڪاربان ڊاء آڪسائيڊ جو مقدار وڌندو رھي ٿو جنهن سان گرمي پد ۾ خطرناڪ حد تائين اضافو ٿي رھيو آهي. ٻيلا سم ڪلر گھٽائي زمين کي زرخيز ۽ ماحول جي آبھوا پوري پني رکن ٿا جنهن سان قدرتي منظرن جي سونهن ۾ اضافو ٿيندو آهي. اسان کي ٻيلن جي اھميت ۽ افاديت کي سمجھندي ٻيلن جي حفاظت ۽ بچاءُ ڪريون ته جيئن انسانن سميت ھر وجود قائم رھي.

معيد حسين/ ڪراچي

ھڪ اجڙيل جيون

 

اھا رات ڪنھن قيامت کان گھٽ نه ھئي منھنجي ڳوٺ وارن جي مٿان، اھڙي ت خاموشي ڇائنجي وئي هئي ڄڻ اسرافيل ڦوڪ ڦوڪي، قيامت جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو. ھر طرف عجيب ڪيفيت تاري ٿي پئي هئي ، ان رات ٽانڊاڻا بھي پنھنجي ھلڪي لائٽ وڃائي چڪا هئا. يا ته ان بيوس ماء جي ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ جو سوچي رھيو ھو، جنھن جي ھٿن ۾ سندس اڪيلو پٽ ھميشه لاء سندس جھوليءَ کي اجاڙي ھڪ تمام ڊگھي سفر تي وڃي رھيو ھو ۽ ھوءَ نه چاهيندي به کيس روڪي نه سگھي………….. ڪجھ گھڙين بعد سندس ڳلڙن، لڙڪن جي اھڙي ته آجيان ڪئي جو ھو ھميشه لاء پنھنجي ديس کي الوداع ڪري اتي ئي گھر ڪري ويھي رھيا.

انھي رات ھر طرف اونداھي ڇانيل ھئي. مان عشا جي نماز بعد گھر جي اڳيان گرائونڊ تي دوست سان موبائل فون تي ڪچھري ڪري رھيو ھيس، اوچتو ڪو آواز ٻڌڻ لاء مليو ته پير سائين، محمد حيات گذاري ويو(ماءُ پيءُ کي اڪيلو سڪي لڌو پٽ، جيڪو به پنج نياڻين کان پوءِ مالڪ طرفان کين صرف پندرهن سالن لاء مھمان طور نوازيو ويو ھو .پورو پنو قد، وڏا وار، سھڻو لباس، طبيعت ۾ سادگي، لفظن ۾ انڪساري، وڏن جو ادب، ھم عمر دوستن ۾ نمايان نظر اچڻ سندس شخصيت جو خاصو هو. سندس قسمت مالڪ سائين اھڙي ته ٻاجھاري لکي ھئي جو ڏھن سالن جي عمر ۾ الله پاڪ سندس مٿي تان ابي جھڙي مھان هستيءَ جو سايو به کسي ورتو ھو. ھاڻي ھو پنھنجي امڙ جي پٺيان ھلي پيو ۽ پنھنجي اباڻي ڳوٺ کي الوداع چئي شھري زندگي ڏانھن گامزن ٿي پيو، بس ھاڻي سندس اچڻ وڃڻ وڃي عيد براد تي رھيو ھو. پر پنھنجي اخلاق ۽ ٻاجھ ڀريي لھجي سان ماڻھن جي دلين تي راڄ ڪندو هو) اھا خبر مون کي ايئن لڳي ڄڻ عزرائيل موت جو سنيھو کڻي پھتو ھجي، ٻڌڻ ساڻ منھنجي ھٿن مان موبائل زمين تي ڪري پيو. پر ڳوٺ جي جنھن به فرد اھا ڳالھ ٻڌي پئي انھي جي ڪيفيت ساڳي ئي ھئي.

ٻاھر سندس دوست ڪرولا ڪار ڪاھي بيٺا ھئا ھي به خوش طبيعت، دوستن کي چيائين اڄ ڪار مان ھلائيندس (ھن کي ڪھڙي خبر ته ھن جي اھا ٻاروتڻ واري حرڪت ئي ھن کي پنھنجي ماء کان ھميشه لاءِ پري ڪري ڇڏيندي) ۽ ڪار ٽرڪ سان ٽڪر کائي ڪلٽي ٿي شاخ ۾ وڃي ڪري (ڪار ۾ ٽي دوست ھئا پر شايد عرش وارو ھن گھر تي گھڻو مھربان ھو)، ڪار جي ڊرائيور سائيڊ پاڻي ۾ اچڻ ڪري ھي ياقوت ۽ مرجان ھيرن کان به انمول روح ھميشه لاءِ پنھنجي اصلي منزل طرف روانو ٿيو .

ايئن ئي قسمت جي ديوي  ھڪ ماءُ جي جيون مان سموريون خوشيون ختم ڪري، ھن جي جيون کي اجاڙي کوکلو ڪري، منھنجي ڳوٺ مان سوين اکيون آليون ڪري ھي ياقوت ۽ مرجان کان به انمول ھيرو کڻي ھلي وئي.

 

پير وجاھت