اشو آف دي ڊي … عمران خان جي گرفتاري بابت سوشل ميڊيا تي شديد ردعمل: دلچسپ تبصرا به ڪيا ويا

0
112

 عمران خان جي گرفتاري جي معاملي تي سوشل ميڊيا تي به تبصرا جاري رهيا، پي ٽي آءِ جي حامين پاران شديد ردعمل ڏنو ويو، ياسمين راشد جي صدر علوي ۽ اعجاز شاهه سان مبينا آڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، عمران خان، زمان پارڪ ٽاپ ٽرينڊ بڻيل رهيا. جڏهن ته عمران خان جون دلچسپ تصويرون ٺاهي انهن تي به مزاحيه تبصرا ڪيا ويا. ان حوالي سان ثاقب علي تصوير شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان ماسڪ پهري ٻاهر نڪري آيو،بلاول لاکو ياسمين راشد ۽ برگيڊيئر رٽائرڊ اعجاز شاهه جي مبينا آڊيو شيئر ڪندي لکيو ته عمران خان ڪاوڙ ۾ اچي ويو، آڊيو ۾ ياسمين راشد اعجاز شاهه کي چئي رهي آهي ته عمران خان چيو آهي ته جيترا به ايم اين اي ۽ ايم پي اي آهن اهي ماڻهو وٺي اچن، ٻي صورت ۾ انهن کي پارٽي ٽڪيٽ نه ڏني ويندي. يوسف سيف پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته زمان پارڪ ۾ سڀ ٻچا آهن، باقي ملڪ ۾ سڀ مرندڙ دشمن ھوندا آهن ؟ شاهد خاصخيلي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته عمران جي مقبوليت: ڪجھ ڏينھن اڳ 14 ڏينھن تائين پنجاب ۽ KPK جي ڳوٺن ۾ رھياسين، ماڻھن جي ڳالھين مان مون محسوس ڪيو ته اڪثريت جي نظر ۾ عمران سندن ھيرو ھو. ماڻھو کلي ڪري غير سياسي ادارن جي سياست ۾ مداخلت ۽ عمران مخالف سياسي اڳواڻن خلاف ڳالھائي رھيا ھئا. مون سوچيو جيڪڏھن اھا پوسٽ رکندس ته اسان جا سياسي دوست ڪاوڙجي پوندا ۽ چوندا ته تون به يوٿيو آھين، پر ڪالھ کان وٺي لاھور ۾ جيڪي حالتون آھن ۽ جيڪا “نعريبازي” آھي، ان کان اسان کي اکيون پورڻ نه گھرجن. جنهن تي حزب لغاري ۽ پلي فيض، اياز علي ڪنڀر اتفاق ڪيو، رياض چانڊيو لکيو ته گهڻن جون وايون بتال ٿينديون، اي بي جروار لکيو ته شايد پاڪستان جي تاريخ ۾ ائين پهريون ڀيرو ٿيو آھي جو لاهور ۽ لاهور وارا ائين ڊسٽرپ رهيا آھن!! اي آر رستماڻي لکيو ته اڃان رستو ملي پيو عمران خان کي اگر طاقت جو مظاهرو ڪيو ويو ته ڪير به نه هوندو رستن تي، ڀٽو صاحب سان گڏ جيترو عوام هو ڪنهن سان گڏ نه هو مگر ڀٽو صاحب کي ڦاسي لڳي وئي ڇو ته هنن سوچيو ڦاسي ڪونه لڳڻ ڏيندو هي عوام نڪرندو، مگر عوام ڪونه نڪتو ۽ ڀٽو صاحب ڦاسي تي چڙهي ويو. ان وقت فوج جو زور لڳل هو ڪير ان اڳيان اچي اگر هئنر به فوج آئي ته ڪو ڪونه ملندو هتي، عرفان علي لکيو ته اهو ڪم تو سٺو ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ اُتي جي ماڻهن ۾ شعور ته آهي. باقي اسان وٽ ڪاري وارا ڪکَ. ساگر قاسم سمون لکيو ته حقيقت کان ڪير به منهن نٿو موڙي سگهي، معشوق چانڊيو، محمد خان درس، يوسف چانهيو،عبيد ناريجو، اعجاز نظاماڻي به ردعمل ڏنو. گلشن لغاري پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ڪارڪنن کي ٻوھي ۾ وجھندڙ ليڊر  کي ڪھڙو نالو ڏجي ؟  جي سنڌ ۾ ايئن ڪو به  ليڊر ڪري ھا ۽ ڪارڪن ايڏو ممڻ مچائين ھا ته  سڌيون گوليون ھلائين ھا، جنهن تي عبداللطيف لغاري لکيو ته توهان به مڃو ٿا ته هي حقيقي تصوير آهي، هو پنهنجي نظريئي جي جنگ وڙهي پيو،ڪارڪن هن جي فوج آهن،

گهٽ ته هن سان به ڪونه ڪئي اٿن،ساڳئي ملڪ ۾ ھڪڙن لاءِ هڪڙو قانون،ٻين لاءِ ٻيو، ڀيرو لال لکيو ته سياسي ليڊرن جيڪي جذباتي ٿي گرفتار ٿي ويا بنا ڪنهن ڏوهه اھو مٽجي ويا نالا وڃي رهيا آهن، عزيزالله شر لکيو ته خان هن غلط سسٽم کي وائکو ڪيو آھي رياست سان مهاڏو اٽڪايو آھي، سيد زاهد علي شاهه لکيو ته ھي جهيڙو ڪنھن سياسي نه پر خلائي مخلوق جو آهي ھي سياسي گيمر ته مزو پيا ڏسن، اوشاق لغاري لکيو ته ھتي اسان سنڌي ھجون ھا ليڊر ڇڏي ڀڄي وڃون ھا، جنيد ميمڻ لکيو ته پاڪستان جي جنهن سياسي شخص تيFIRٿيندي آهي ته اھي ٻاھر ملڪ ڀڄي وڃي ٿو عمران خان جي مٿان سڄي ملڪ ۾90ايف آءِ آرز داخل آهن پر ملڪ ۾ موجود آهي، امام لطيف لکيو ته سنڌي ممڻ مچائيندا بہ ڪونه، محبوب علي ڪيريو لکيو ته اصل ۾ سڀ چور هن قلندري شخص کان خائف آهن.جاني خالد ڏاهري لکيو ته ڊڄڻو آهي گهر کان ٻاهر نڪري ئي نٿو، نذير علي لکيو ته اهڙن ليڊرن کان ڀينگ ڀلي آهي، شمس الدين زئور لکيو ته ٻاهر نڪرڻ تي مٿس هڪ حملو ٿي چڪو. جان بچائڻ فرض آهي، کيس خبر آهي ته وري ٻاهر نڪتو ته فائرنگ اسڪواڊ جي حوالي ٿيندو ..ايم فريد خان لکيو ته ڊوميسائل جو فرق نه هجي ها ته ڪجهه منٽن ۾ گرفتار ٿي وڃي ها، بابر لغاري لکيو ته پنجابي جي گهر ۾ باهه لڳل آهي، واجد گاڏهي لکيو ته زين شاهه پاڻ  جيل ويو جيل وارا وٺڻ لاءِ تيار نه هئا، ضمانت جي آفر ڪئي وئي، سنڌي اطهر پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته ھي دھشتگرد نه پر پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم آھي جنھنجي گھر جي اندر ۽ آسپاس ۾ شيلنگ ڪئي وئي، جنهن تي سرمد گل جلباڻي لکيو ته ڊراميبازي پيو ڪري، سالار توفيق سومرو لکيو ته ليڊر آهي يا گدڙ، ليڊر هجي ها ته ٻاهر اچي ها، ڪارڪنن جي مالڪي ڪري ها، ماجد بشير جوڻيجو لکيو ته هتي ڪجهه به ٿي سگهي ٿو،

حبيب الله جوڻيجو لکيو ته قانون جو مذاق بڻايو ويو آهي، اياز خان ڦل لکيو ته اڳوڻو وزيراعظم آهي پر قانون تي عمل نٿو ڪري، عبدالهادي شاهه پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته همت ، جرئت ۽ بهادري جي زندھ مثال 70 ورهين جو پوڙهو عمران احمد خان نيازي جيڪو ناڪاره سسٽم  اڳيان جُهڪڻ بجاءِ سينو تاڻي بيٺل آهي. جاويد عمران خان جون تصويرون شيئر ڪيون جن تي لکيل هو ته مون کي گرفتاري کان بچايو، مبين مگسي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته پنجاب کي خان ڏکيو پئجي ويو، وفاقي سرڪار جا سمورا منصوبه عوام ڌوڙ ڪري ڇڏيا.