رياستي عملداريءَ جو تماشو!

0
134
ڪلالڪا هَٽَ، اسپرٽ جو واهپو ۽ زندگين جو زيان

زمان پارڪ لاهور ٻن ڏينهن تائين جنگ جو ميدان بڻيل رهيو. اسلام آباد پوليس، لاهور پوليس جي معاونت سان جيئن ئي توشه خانا ڪيس ۾ عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ واري عدالتي حڪم تي عمل لاءِ زمان پارڪ پهتي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن، گرفتاريءَ جي شديد مزاحمت ڪئي. پوليس سان ٻن ڏينهن تائين چڪريون هلنديون رهيون. پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، غليلن سان نشانا چٽيا ويا، پيٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا. سرڪاري ۽ نجي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو، گاڏين کي باهيون ڏنيون ويون. پوليس موٽ ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪنن تي لٺبازي ڪئي، ڳوڙها آڻيندڙ گئس ۽ واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو. ان سڄي ويڙهاند ۾ اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي آپريشنز سميت 54 جي لڳ ڀڳ پوليس اهلڪارن جي زخمي ٿيڻ جون خبرون رپورٽ ٿي چڪيون آهن. ڪجهه پي ٽي آءِ ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن ۽ ڪيترائي ان ويڙهاند ۾ زخمي پڻ ٿيا آهن. پي ٽي آءِ طرفان آپريشن روڪڻ جي درخواست تي لاهور هاءِ ڪورٽ اڄ صبح ڏهين وڳي تائين آپريشن روڪڻ ۽ پوليس کي 500 ميٽر پوئتي هٽڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

هڪ پرڏيهي چوڻي آهي ته، قانون به موت وانگر هجڻ گهرجي، جنهن مان ڪنهن کي به ڇوٽڪارو حاصل نه هجي. پر اها چوڻي انهن رياستن لاءِ ته سچ آهي، جن جو سڄو ڪار وهنوار قانون تي هلي ٿو، قانون کان ڪنهن کي به ڇوٽڪارو حاصل نه آهي، قانون کان ڪو به مٿانهون نه آهي، پر اسان جهڙن ملڪن لاءِ ته وري اها چوڻي پوري ٺهڪي ٿي اچي ته، “بادشاهه جو پهريون قانون پنهنجو دفاع هوندو آهي”. جن ملڪن ۾ قانون ته هوندو آهي، پر اهو عمل جي واٽ وٺي ناهي سگهندو، اتي عوام يا رعيت ناهي هوندي، اتي سڀ پاڻ کي بادشاهه سمجهندا آهن ۽ بادشاهه جو پهريون قانون پنهنجو تحفظ هوندو آهي، اتي رياستي قانون جي ڪابه حيثيت ناهي هوندي. عدالتي حڪمن تي عمران خان جي گرفتاريءَ لاءِ ٿيل ڪارروائيءَ وقت رياستي قانون جو جيڪو تماشو ٿيو، رياستي عملداري جهڙي نموني چئلينج ٿيندي رهي، ان مان اهو اندازو آسانيءَ سان لڳائي سگهجي ٿو ته، اسان ڪيترا قانون تي ڪيترو عمل ڪندڙ آهيون! عمران خان اهو چوندو رهيو آهي ته هو عدالتن جو احترام ڪري ٿو، پر ٻئي طرف هو تاريخن تي عدالتن ۾ پيش ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي. هر ڀيري هو پنهنجي حياتيءَ کي خطري هجڻ جو جواز ڏيندو رهيو آهي. اسان سمجهون ٿا ته، عمران خان توشه خانا ڪيس ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي ها ته اسلام آباد پوليس کي عدالتي حڪم تي عمل جي نالي ۾ ايتري “مهم جوئي” ڪرڻي نه پوي ها، جنهن کي پي ٽي آءِ “لشڪر ڪشي”، جڏهن ته پوليس “عدالتي حڪمن تي عمل” چئي رهي آهي. “عدالتي حڪمن تي عمل” جي هيءَ ٻي ڪارروائي هئي، هن کان ڪجهه ڏينهن اڳ به اسلام آباد پوليس زمان پارڪ لاهور آئي هئي، پر ڪارڪنن جي مزاحمت سبب اها واپس هلي وئي هئي. اسان سمجهون ٿا ته سياسي قيادت کي ڪارڪنن کي ڍال طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي. هن تازي پوليس ڪارروائيءَ دوران به ڪارڪنن کي ڪالز ٿينديون رهيون ته اهي زمان پارڪ پهچن. پوليس طرفان ڪارڪنن تي لٺبازي، شيلنگ ڪئي وئي، واٽر ڪينن جو استعمال ڪيو ويو ۽ پوليس تي ڪارڪنن پيٽرول بمن سان حملا ڪيا، جنهن جو اعتراف ڊاڪٽر ياسمين راشد جي ليڪ ٿيل ان مبينا آڊيو ڪال ۾ به ڪيو ويو آهي، پر ان عمل جي حوصلي شڪني ڪرڻ بدران پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري ڪارڪنن کي واڌايون ڏنيون آهن. فواد چوڌري پنهنجن بيانن ذريعي ٻرنديءَ تي تيل وارو ڪم ڪندو رهيو آهي، جنهن جي سياست ۾ ڪا به گنجائش نه هجڻ گهرجي. اسان ان راءِ جا آهيون ته سياست ۾ تشدد کي همٿائڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نٿو ڪري سگهجي. صرف اهوئي نه، خانگي ۽ سرڪاري ملڪيتن کي به نقصان پهچايو ويو آهي. گاڏيون ساڙيون ويون آهن، جنهن عمل کي قبوليت نه ملڻ گهرجي. عمران خان کي به عدالتن ۾ تاريخن تي پيش ٿيڻ کان گوٿناٿ نه ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي عمل سان عدالتن جي احترام ڪرڻ واري پنهنجي دعويٰ جي ثابتي ڏيڻ گهرجي.