ڪراچي (اسپورٽس نيوز) فاسٽ بالر محمد عامر چيو آهي ته جيڪڏهن شاهين آفريدي پنهنجي بيٽنگ تي ڪم ڪري ته هو ڀارتي آل رائونڊر هارديڪ پانڊيا جهڙو پليئر بڻجي سگهي ٿو. ڀارتي ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد عامر چيو ته جيڪڏهن شاهين يقيني طور پنهنجي بيٽنگ پريڪٽس بهتر بڻائي ته مون کي لڳي ٿو هو محدود اوورن جي ڪرڪيٽ ۾ ڀارتي آل رائونڊر هارديڪ پانڊيا جهڙي پرفارمنس ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته پريڪٽس ئي انسان کي بهتر بڻائيندي آهي، مان ڏٺو آهي ته هو وڏا ڇڪا هڻي سگهي ٿو ۽ ففٽي به ٺاهي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته اڄڪلهه ڪرڪيٽ ايڏي تيز ٿي وئي آهي جو توهان کي سيڪنڊن ۾ فيصلا ڪرڻا هوندا آهن، هاڻ بيٽر پنهنجي گيم پلان ۾ ايترو ورسٽائل ٿي چڪو آهي جو توهان کي مختلف بيٽر کي مختلف صورتحال ۾ ڏسڻو پوندو آهي. ورلڊ ڪپ جي حوالي سان محمد عامر چيو ته پاڪستان کي پنهنجو اسپن ڊپارٽمينٽ مضبوط ڪرڻو پوندو، ڇو ته ڀارت ۾ اها ٽيم کٽيندي، جنهن جو اسپن اٽيڪ مضبوط هوندو.