اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا

0
240
اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا
اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا

اسرائيل ۾ حماس جي هڪ وڌيڪ ڪارروائي، عسقلان شهر ۾ وڌيڪ 15 اسرائيلي مارجي ويا، اسرائيلي فوجين جي فائرنگ ۾ حماس جا 4 ويڙهاڪ مارجي ويا، عرب ميڊيا موجب حماس اسرائيل جي فوجي اڏي ۾ موجود بڪتر بند ۽ هٿيارن تي قبضو ڪري ورتو

Israel death toll from Hamas attack exceeds 700 | Financial Times

اسرائيل جي 8 شهرن ۾ حماس ۽ اسرائيلي فوجين وچ ۾ ويڙهه جاري آهي، هزارين گهر اُجڙي ويا، هن وقت تائين فلسطين ۾ ڪيترائي معصوم ٻار به شهيد ٿي چڪا آهن

 آمريڪي ٽي وي موجب حماس وڌيڪ هڪ اسرائيلي شهر تي راڪٽ حملا ڪيا، حماس جي ڪارروائين ۾ سينيئر فوجي آفيسر سميت 50 کان وڌيڪ اسرائيلي فوجي ۽ 700 کان وڌيڪ اسرائيلي شهري مارجي ويا، 22 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

اسرائیلی فوج کے پاس گائیڈڈ اینٹی ائیر کرافٹ میزائل بھی محدود تعداد میں ہیں: ترک میڈیا۔ فوٹو فائل

غزه ۾ اسرائيل جي ڇتي بمباري ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت شهيد فلسطينين جو انگ وڌي 413 ٿي ويو، ٻارن سميت 23 سئو کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا

اسرائيل ۽ حماس ۾ جنگ بعد ڪچي تيل جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي، ايشيائي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ 4 ڏهائي 7 سيڪڙو تائين واڌ ٿي آهي

 برطانوي ڪچي تيل برينٽ جي قيمت 86 ڏهائي65 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي، ڊبليو ٽي آءِ جي قيمت ۾ 4 ڏهائي 5 سيڪڙو اضافو، ڊبليو ٽي آءِ جي في بيرل قيمت 88 ڊالر 39 سينٽ ٿي وئي

هي به پڙهندا

اسرائيل ۽ فلسطين ڇڪتاڻ: گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو بند ڪئمرا اجلاس بنا نتيجي ختم