خيرپور ويجهو زمين جي تڪرار تان جهيڙو، پيرسن مارجي ويو، 7 زخمي

0
216

خيرپور: خيرپور ويجهو ڳوٺ گجو ڦلپوٽو ۾ جوڻيجا ۽ ڦلپوٽا ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو، هڪ پيرسن مارجي ويو، 7 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا

 جهيڙي دوران لٺيون لڳڻ سبب خادم پٽ خان محمد ڦلپوٽو ٿڏي تي دم ڏنو، زخمين ۾ ربنواز ڦلپوٽو، عمير، عامر، حق نواز ۽ ڪامران شامل

 پوليس ٽن ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو، پيرسن جي قتل بعد علائقي ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي، مقتول جي گهر ۾ قهرام مچي ويو، جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي