ٻوڏ کي هڪ سال پورو ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي بندن جي مرمت مڪمل نه ٿي سگهي

0
154

ڀان سيد آباد: ٻوڏ کي هڪ سال پورو ٿيڻ باوجود منڇر ڍنڍ جي بندن جي مرمت مڪمل نه ٿي سگهي، ورلڊ بئنڪ جي تعاون سان آبپاشي کاتي طرفان بندن جي ٻيهر بحاليءَ وارو ڪم هڪ سال کان سست رفتاريءَ جو شڪار بڻيل آهي

 منڇر ڍنڍ جي آر ڊي هڪ کان آر ڊي 100تائين بند جي مختلف حصن تي پٿرن جي پچنگ ۽ مٽيءَ جو ڪم مڪمل نه ٿيو، علائقي واسين موجب آر ڊي 60 بوبڪ بند کان آر ڊي 66 تائين بند تي نالي ماتر ڪم به نه ٿي سگهيو

 زيرو پوائنٽ وٽان منڇر ڍنڍ جو بند ڪمزور بڻيل، علائقي واسين موجب منڇر ڍنڍ جي بندن تي پٿرن جي پچنگ ۾ پراڻا پٿر وجهي ٺيڪيدارن پاران ڪوڙا بل ٺاهيا ويا

 فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته دانستر واهه جي بندن کي پٿرن جي پچنگ به نه ڪئي وئي آهي، ڍنڍ جي آر ڊي هڪ کان آر ڊي100تائين بند ۾ ناقص مٽي وجهي پراڻا پٿر استعمال ڪيا ويا آهن، معاملي جي جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي